اصطخر يا استخر (انگريزي: Estakhr or Istakhr) ايران جي فارس صوبي جو ھڪ پراڻو شھر ھو جيڪو ڏکڻ ايران ۾ تخت جمشيد کان پنج ڪلوميٽر (3 ميل) پري آباد ھو[1]. ھي شھر ٽي صدي قبل مسيح کان ٽي صدي عيسويءَ جي اوائلي سالن تائين پرسس (پراڻي فارس) جي بادشاھن ۽ گورنرن جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ساساني گھراڻي جي بادشاھت (224ع-651ع) واري دور ۾ ھي سلطنت جو مرڪزي شھر رھيو. اصطخر ساساني دور ۾ 224ع کان 226ع تائين ساساني سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو ۽ ان کان پوءِ بہ سلطنت جو مکيہ شھر ۽ مذھبي مرڪز رھيو[2]. جڏھن عربن ايران تي حملو ڪيو تہ ھن شھر مان کين سخت مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ڪافي خونريزيءَ کان پوءِ ھي شھر عربن جي ھٿ ھيٺ آيو[3]. ھي شھر زرتشت توڙي اسلامي دور ۾ ڪافي اھميت وارو شھر رھيو. ھي شھر سنڌو ماثريءَ کان ايران ويندڙ پراڻي رستي جي اولھ واري ڇيڙي تي آباد ھو[4].

اسطخر جا کنڊر
اسطخر جا کنڊر

شيراز شھر جي آبادڪاريءَ کان پوءِ اصطخر جو زوال شروع ٿيو، اڳتي ھلي آل بويہ (Buyids) گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ ھي شھر تباھ ۽ برباد ٿي ويو.

قديم آثارن جي ماھر ارنسٽ امل ھرزفيلڊ (Ernst Emil Herzfeld) ۽ سندس ساٿين شڪاگو يونيورسٽيءَ پاران ويھين صديءَ جي شروع ۾ اصطخر جي کنڊرن جو دورو ڪيو پر ھن شھر جي کنڊرن تي اڃا گھڻي کوجنا جي ضرورت آھي.

جاگرافيسنواريو

اصطخر شھر جا آثار ايران جي فارس صوبي جي ڏکڻ اولھ ۾ موجود آھن. ھي شھر پولور (Polvar) نديءَ جي ماٿريءَ ۾ ڪوھ رحمت ۽ نقش رستم جي وچواري علائقي ۾ آباد ھو. ھن شھر وٽان مرودشت جو ميدان شروع ٿئي ٿو جيڪو تخت جمشيد تائين وڃي ڇيھ ڪري ٿو[5].

تاريخسنواريو

اوائلي تاريخسنواريو

پراڻي فارس جي اھخامنشي بادشاھت واري دور ۾ بادشاھن جي رھائش واري علائقي جي آسپاس ڪيتريون ئي وسنديون قائم ٿي ويون ھيون، شايد انھن مان ئي ھڪ وسندي اصطخر نالي سان وجود ۾ آئي[6]. چوٿين صدي قبل مسيح ۾ اھخامنشي سلطنت جي بادشاھ Artaxerxes II اصطخر واري علائقي ۾ زرتشت مذھب جو وڏو مندر تعمير ڪرايو[7]. ڏھين صدي عيسويءَ جي جاگرافيدان المسعوديءَ مطابق ھي مندر اصطخر کان سڏ پنڌ تي تعمير ڪرايو ويو ھو. ايراني ٻولين جي برطانوي ماھر ميري بئائيس (Mary Boyce) جي خيال ۾ مندر شايد انھن عمارتن مان ھڪ ھو جن کي سڪندر اعظم تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو ھو. ايئن ٿو لڳي تہ اصطخر تخت جمشيد جي تباھيءَ کان پوءِ ھڪ نئين شھر جي روپ ۾ آباد ٿيو. شايد تخت جمشيد جي تباھ ٿيل عبارتن جوڪجه سامان ھن شھر جي تعمير ۾ استعمال ٿيو ھجي[5].

پراڻي فارس جي گورنرن ۽ بادشاھن وارو دورسنواريو

يوناني بادشاھ سيليوڪس اول (Seleucus I) جي 280 ق.م ۾ وفات کان پوءِ پرسس (پراڻي فارس) جي مقامي ماڻھن ۾ آزاديءَ جي جدوجھد شروع ٿي وئي. انھيءَ جدوجھد جو مرڪز اصطخر جو شھر ھو. ڏکئي جابلو علائقي ۾ ھجڻ سبب ھي شھر تخت جمشيد کان وڌيڪ محفوظ ھو. ھڪ اھم شاھراھ اصفھان ۽ آبادھ کان ٿيندي پاسارگاد تائين آمدورفت جو ذريعو ھئي. ان شاھراھ کي سياري وارو رستو (Winter Road) سڏيو ويندو ھو ۽ اصطخر انھيءَ شاھراھ سان ڳنڍيل ھو. ھي شھر پولور نديءَ جي اڀرندي ۽ ڏاکڻئين ڪناري تي وڌڻ ويجھڻ لڳو ۽ 3 صدي قبل مسيح کان 3 صدي عيسويءَ تائين ھتان جي مقامي گورنرن ۽ بادشاھن جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو[8].

ساسان (جنھن جي نالي سان اڳتي ھلي ساساني بادشاھت جو بنياد پيو)اصطخر جو رھواسي ھو ۽ ھتان جي زرتشت مندر جو وارڊن ھو. چيو وڃي ٿو تہ ھن جي زال بزرنگي گھراڻي جي ھئي جنھن جي وڏن ٽي صديءَ جي اوائل ۾ پارٿيان (Parthian) اميرن طور اصطخر جي حڪمراني ڪئي ھئي. ساسان جي پٽ پاپڪ (Papak) پارٿيان امير گوزيھر (Gochihr) کي شڪست ڏئي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. پاپڪ جي پٽن شاپور (Shapur) ۽ اردشير پنجين (Ardashir V) پرسس (پراڻي فارس) جي آخري ٻن بادشاھن طور حڪومت ڪئي[8].

ساساني بادشاھتسنواريو

224ع ۾ اردشير پنجين (جنھن کي بعد ۾ اردشير اول سڏيو ويو) ساساني بادشاھت جو بنياد رکيو[9]. ھن زردشت مذھب جي ان مندر جي ٻيھر تعمير ڪرائي جنھن کي سڪندراعظم تباھ ڪري ڇڏيو ھو. ھن دور ۾ استخر زردشت مذھب جو وڏو مرڪز رھيو. معاشي طور بہ ھن شھر تمام گھڻي ترقي ڪئي. ھتي سڪا ٺاھڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو ويو ۽ سلطنت جي خزاني جي آفيس بہ ھن ئي شھر ۾ قائم ڪئي وئي[8].

عربن جي فتح ۽ خلافتسنواريو

فارس ۾ عربن پنھنجو پھريون ھيڊڪورٽر بيضا (Beyza) ۾ قائم ڪيو. استخر جي عوام عربن جي شديد مخالفت ڪئي. اصطخر تي پھريون حملو العلاء الحضرميءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيو ويو جنھن ۾ عرب ناڪام ٿيا. 643ع ۾ ابو موسيٰ الاشعريءَ جي سرواڻيءَ ۾ عربن ھن شھر تي ٻيھر حملو ڪيو ۽ گھمسان جي جنگ کان پوءِ شھر تي قبضو ڪري ورتو. ٿوري ئي عرصي ۾ ھتان جي مقامي ماڻھن بغاوت ڪئي. انھيءَ بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ بصري جي گورنر عبداللّٰہ ابن امير 648ع ۾ شھر تي حملو ڪري ٻيھر ھي شھر اسلامي خلافت ۾ شامل ڪيو. ھڪ ڀيرو ٻيھر ھتي بغاوت ٿي جنھن کي عربن ٽيون ڀيرو حملو ڪري ھميشہ ھميشہ لاءِ ختم ڪري ڇڏيو. شروع واري اسلامي دور ۾ ھن شھر جي اھميت برقرار رھي. اميہ ۽ عباسي دور جا سڪا ھتي ٺاھيا ويندا ھئا. اميہ گھراڻي واري خلافت دوران فارس جي اڪثر گورنرن اصطخر جي قلعي ۾ رھائش اختيار ڪئي. عباسي دور ۾ فارس جو سياسي مرڪز آھستي آھستي شيراز طرف منتقل ٿيڻ لڳو ۽ اصطخر جو عروج گھٽجڻ لڳو. 890ع ۾ صفاري گھراڻي جي حڪمران عمرو لیث صفارِي اصطخر فتح ڪيو.

ڏھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھي علائقو آل بويہ (Buyid dynasty) گھراڻي جي ھٿ ھيٺ آيو. ڏھين صديءَ جي ڪيترن ئي سياحن ھن شھر جو ذڪر ڪيو آھي. ڏھين صديءَ جي وچ ڌاري ابو إسحاق إبراهيم بن محمد الفارسيءَ لکيو آھي تہ ھي وچولي سائز جو شھر آھي. 985ع ۾ المقدسي ھن شھر مان گذرندڙ نديءَ جي پل ۽ خوبصورت پارڪ جي تعريف ڪئي آھي. ھن شھر جي جامع مسجد جي شاندار ٿنڀن کي بہ ساراھيو آھي. صفاري گھراڻي جي بادشاھ پناھ خسرو (جنھن کي عضدالدولہ بہ ڪوٺيو وڃي ٿو) اصتخر جي قلعي ويجھو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ ھڪ ڊيم تعمير ڪرايو ھو. 1066 يا 1067ع ۾ سلجوق سلطان آلپ ارسلان (Alp Arslan ) شھر جي قلعي تي قبصو ڪيو. آل بويہ بادشاھت جي آخري ڏينھن ۾ ھي شھر بدامنيءَ جو شڪار ٿي ويو. انھيءَ بادشاھت جي ھڪ وزير ابو ڪليجار (Abu Kalijar) جو ھن شھر جي ھڪ زميندار سان جهڳڙو ٿي پيو ۽ اھو جهڳڙو ايترو تہ وڌي ويو جو ھن پنھنجو لشڪر موڪلي ھن شھر کي تباھيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو. انھيءَ واقعي کان پوءِ اصطخر پنھنجي شھري حيثيت وڃائي ھڪ ننڍو ڳوٺ بنجي ويو جنھن ۾ فقط سو کن ماڻھو وڃي بچيا. سلجوق بادشاھت واري دور ۾ عبدالعباس فضل نالي ھڪ امير بغاوت ڪري اسطخر جي قلعي تي قنضو ڪيو. سلجوقي بادشاھت جي مشھور وزير نظام الملڪ قلعي جو قبضو ڇڏايو ۽ عندالعباس فضل کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ قتل ڪرائي ڇڏيائين. اڳتي ھلي ھي قلعو جيل طور استعمال ٿيڻ لڳو. پڪا اھڃاڻ مليا آھن تہ ھي قلعو 1590ع ۾ بہ سٺي حالت ۾ موجود ھو[7]. اڳتي ھلي صفوي گھراڻي جي شاھ عباس (1588ع - 1629ع) قلعي تي حملو ڪري ان کي تھس نھس ڪري ڇڏيو. 1621ع ۾ اٽليءَ جو سياح پيترو ڊيلا ولي (Pietro della Valle) جڏھن ھتي پھتو تہ ھي شھر ۽ قلعو کنڊرن ۾ بدلجي چڪو ھو[8].

حوالاسنواريو

  1. "Istakhr, the Islamic City Mound: The Oriental Institute of the University of Chicago". oi.uchicago.edu. حاصل ڪيل 2022-01-13. 
  2. "Istakhr | ancient city, Iran | Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-01-13. 
  3. ِEstakr, Encyclopedia Iranica
  4. www.sirang.com, Sirang Rasaneh. "Estakhr Ancient City (Takht-e-Tavoos) 2022 Tourist Attraction in Marvdasht, travel to iran, Visit Iran.". itto.org, Iran Tourism & Touring. حاصل ڪيل 2022-01-13. 
  5. 5.0 5.1 Mehrdad Kia, The Persian Empire: A Historical Encyclopedia [2 volumes]: A Historical Encyclopedia, 2016
  6. Bivar, A. D. H. (1998). "Eṣṭaḵr i. History and Archaeology", Encyclopaedia Iranica, Vol. VIII, Fasc. 6. pp. 643–646
  7. 7.0 7.1 Boyce, Mary (1998), "Eṣṭaḵr ii. As a Zoroastrian Religious Center", Encyclopaedia Iranica, Vol. VIII, Fasc. 6، pp. 643–646
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 The Oxford dictionary of late Antiquity. Oliver Nicholson (First edition ed.). [Oxford]. 2018. ISBN 978-0-19-174445-7. OCLC 1029736000. https://www.worldcat.org/oclc/1029736000. 
  9. "Istakhr - Livius". www.livius.org. حاصل ڪيل 2022-01-13.