شيخ ڀرڪيو(انگريزي: Sheikh Bhirkyo ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو محمد خان جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 1 شيخ ڀرڪيو آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. شيخ ڀرڪيو ٽنڊوالهيار- ٽنڊو محمد خان روڊ تي ٽنڊوالهيار کان 25 ڪلوميٽرن[1] جي فاصلي تي ۽ ٽنڊو محمد خان کان 18 ڪلوميٽرن تي واقع آھي. ھن شھر کان ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٽنڊو غلام علي روڊ تي فاران شگر مل واقع آهي. شھر جو پوسٽل يا زپ ڪوڊ 70200 آھي.

شيخ ڀرڪيو
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Sheikh Bhirkyo
شيخ ڀرڪيو is located in سنڌ
شيخ ڀرڪيو
شيخ ڀرڪيو
شيخ ڀرڪيو is located in Pakistan
شيخ ڀرڪيو
شيخ ڀرڪيو
جاگرافي بيهڪ: 25°15′20″N 68°39′45″E / 25.25556°N 68.66250°E / 25.25556; 68.66250مڪانيت: 25°15′20″N 68°39′45″E / 25.25556°N 68.66250°E / 25.25556; 68.66250
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

نالو سنواريو

ھن شھر جو نالو سورھين صدي عيسويءَ جي سھروردي سلسلي جي صوفي بزرگ شيخ ڀرڪيو[1] جي نالي تي رکيل آھي جنھن جي درگاھ اتي موجود آهي جتي ڪيترائي مسلمان ۽ ھندو عقيدتمند زيارت لاء پري پري کان ايندا آهن. درگاھ سان لڳ ٻي مسجدون پڻ واقع آهن.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Shaikh Bhirkio: 'This saint is only mine'، Daily Dawn article, Zulfiqar Ali KalhoroUpdated 27 Jun, 2015 [1]