شيخ ڀرڪيو, بزرگ
شيخ ڀرڪيو(انگريزي: Sheikh Bhirkio ) سورھين صدي عيسويءَ جو ھڪ صوفي بزرگ جنھن جو تعلقو سھروردي سلسلي سان ھيو. تحفة الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي مطابق شيخ صاحب نصرپور ڀرسان واقع سماواتي پرڳڻي جي ڪاتيار ڳوٺ م شاھو ڪاتيار جي گھر ۾ پيدا ٿيو[1]. ڪاتيار ھڪ پراڻي ذات آھي جنھن جو ڳانڍاپو سما ذات سان آھي. سندس مزار ٽنڊو محمد خان تعلقي جي شھر شيخ ڀرڪيو ۾ آھي[1].