شهناز ڀٽي (انگريزي:Shahnaz Bhatti) سنڌ پاڪستان جي سنڌي ٻوليءَ ۽ اردو جي فلمن ۽ ڊرامن جي نامور اداڪاره ۽ صداڪاره آهي جنهن ڪيترين ئي فلمن ۽ ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي.

شهناز ڀٽي
Shahnaz Bhatti

شهناز ڀٽي
پيدائش مئي 1961 (عمر 62 سال)
حيدرآباد ضلعو, سنڌ, پاڪستان
رھائش ڪراچي
قوميت پاڪستاني
تعليم مئٽرڪ، انٽر
مادر علمي مرزا قليچ بيگ اسڪول حيدرآباد
پيشو اداڪار
سَرگَرمُ سالَ سال 1989ع کان ھينئر تائين
اعزاز بهترين اداڪار پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ايوارڊ 2008ع
ڪي ٽي اين اوارڊ 2003ع
سنڌ ٽي وي اوارڊ 2015ع

زندگي جو احوال سنواريو

شهناز ڀٽي 6 مئي 1961ع ۾ حيدرآباد ضلعو جي ڀٽي ڳوٺ ۾ اڪبر ڀٽي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس وڏڙا اصل عمرڪوٽ جا هئا پر پوءِ حيدرآباد اچي ويٺا. سندس والد ٺيڪيدار هو تعميرات جو ڪم ڪندو هو. هن هڪ تعميراتي ڪمپني جي مالڪ سان شادي ڪئي.[1][2]

تعليم سنواريو

شهناز ڀٽي پرائيمري کان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. هن مرزا قليچ بيگ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪئي.انٽر حيدرآباد ڪاليج منجهان پاس ڪيائين.

فن جي شروعات سنواريو

شهناز ڀٽي کي ننڍپڻ کان اداڪاري، صداڪار ۽ ڪمپيئرنگ جو تمام گهڻو شوق هو. شهناز ڀٽي 1972ع ڌاري ڊرامن جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪئي. ريڊيو تان کيس شيخ ابراهيم ۽ سڪندر بلوچ متعارف ڪرايو. هن پنهنجي پهرين فلم جلال چانڊيو ۾ هيروئن جي ڪردار سان فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ شهرت حاصل ڪئي بعد ۾ هن شاھ اسد جي فلم پارو ۾ هيروئن طور ڪم ڪيو جنهن به کيس شهرت ڏني. هن فلم شهيد ۽ جيئي لطيف ۾ به مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. فلم کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر تي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترن انفرادي ۽ سيرلس ۾ ڪم ڪيائين. سندس ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪيل ڪردار مشهور ٿيا پر عزيز ڪنگراڻي جي لکيل ۽ محمد بخش سميجو جي هدايتڪاري ۾ ٿيل ڳاڙهي ڊرامي ۾ سندس ڪيل ڪردار يادگار آهي. هيل تائين ڪي ٽي اين ، سنڌ ٽي وي ، آواز ٽي وي ۽ ٻين چنلن تي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي کيس عزيز ڪنگراڻي جي لکيل ڊرامه سيريل ڪنارو تي پي ٽي وي بهترين اداڪار اوارڊ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اوارڊ مليل آهن.[1][3][4]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 "شهناز ڀٽي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-04-14. 
  2. www.thekawish.com http://www.thekawish.com/beta//images/2017/May/06-05-2017/Page5/P5-32.htm. حاصل ڪيل 2020-04-14.  Missing or empty |title= (مدد)
  3. Bhutto, Afia. "5th International Children’s Film Festival opens at SU". News & Events. حاصل ڪيل 2020-04-14. 
  4. Wassan, Muhammad Suleman. "سليمان وساڻ جو بلاگ: سنڌ فنڪار پاران سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب". سليمان وساڻ جو بلاگ. حاصل ڪيل 2020-04-15.