شمر
شمر بن ذي الجوشن العامري، عام طور تي شمر جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ڪوفي جو هڪ عرب فوجي ڪمانڊر هو جنهن لاءِ مشهور آهي ته هن 680 ۾ ڪربلا جي جنگ ۾ اسلامي پيغمبر محمد جي ڏوهٽي حسين ابن علي کي قتل ڪيو. [1]
حالات زندگي
سنواريوشمر جي پيءُ جو نالو شرابيل (يا عاس) ذي الجوشن بن قرط الور بن عمرو هو. [1] [2] [3] شرابيل اسلامي پيغمبر محمد جو هڪ ساٿي هو ۽ مسلمانن جي عراق ۾ فتح کان پوءِ ڪوفي ۾ آباد ٿيو. [1] هي بنو ڪلاب جي معاويه الدباب قبيلي مان هو جيڪا بنو امير جي قيسي شاخ هئي. [4] [2] شمر اصل ۾ علي (حڪومت 656–661 ) جو حامي هو ۽ سفين جي جنگ ۾ معاويه، شام جو گورنر ۽ مستقبل ۾ اموي خلافت جو بنياد وجھندڙ، جي خلاف وڙهيو جتي هن کي مٿي ۾ زخم لڳو. [1] پر بعد جي زماني ۾ هو اموين جو حامي ٿي ويو. جڏهن ڪوفي جي گورنر زیاد ابن ابيهي 671 ۾ غداري جي الزام ۾ علوين جي حامي حجر ابن عدي کي گرفتار ڪيو ته شمر حجر جي خلاف گواهي ڏيندڙن ۾ شامل هو. [1]
680ع ۾ ڪوفي جي علوي حامين جي خطن جي جواب ۾، جن ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته هو اموي خلافت جي خلاف قيام ۾ سندس اڳواڻي ڪري، محمد جي ڏوهٽي ۽ خليفي علي جي پٽ حسين ابن علي پنهنجي سوٽ مسلم ابن عقيل کي ڪوفي ڏانهن موڪليو ته جيئن هو ڪوفي جي حالات جو جائزو وٺي سگھي. ان وقت ڪوفي جي ٻين قبائلي سردارن سان گڏ شمر به گورنر عبيدالله ابن زیاد جي انهيءَ بغاوت کي دٻائڻ مدد ڪئي. ٿوري وقت کانپوءِ حسين عراق ۾ پهچي ويو پر کيس ڪوفي کان ٻاهر ڪربلا جي ريگستان ۾ روڪيو ويو. شمر لاءِ مشهور آهي ته جڏهن ابن زیاد حسين طرفان پيش ڪيل امن جي تجويز تي راظپو ظاهر ڪيو ته ان وقت شمر ان تجويز جي مخالفت ڪئي ۽ ابن زیاد کي قائل ڪيو ته حسين کي طاقت سان زير ڪرڻ گهرجي. نتيجتي ۾ ابن زياد شمرکي ان حڪمنامي سان ڪربلا موڪليو ته حسين کي بيعت ڪرڻ تي راضي ڪيو وڃي ۽ جي هو اها آڇ رد ڪري ته ان صورت ۾ کيس قتل ڪيو وڃي. جنگ کان هڪ ڏينهن اڳ شمر حسين جي ٽن ڀائرن، جن ۾ عباس بن علي به شامل هو، کي امان ڏيڻ جي آڇ ڪئي ڇو جو سندن والده ام البنين شمر جي قبيلي مان هئي. هنن اها آڇ رد ڪري ڇڏي ڇاڪاڻ ته حسين کي ڪنهن به قسم جي امان جي پيشڪش نه ڪئي وئي هئي. جنگ واري ڏينهن (10 آڪٽوبر) تي شمر اموي فوج جي کاٻي ونگ جي ڪمان ڪئي. فوج جي ڪمانڊر عمر بن سعد جي حڪم تي شمر حسين جي ساٿين جي خيمن کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ خود حسين جي ذاتي خيمي کي به جلائڻ جو ارادو پئي رکيائين پر کيس ائين ڪرڻ کان سندس پنهنجي ئي همراهن روڪي ڇڏيو. [1]
تقريبن سڄو ڏينهن ويڙهه جاري رهڻ کان پوءِ حيسن جا اڪثر ساٿي مارجي ويا پر اموي سپاهين خود حسين کي مارڻ کان ڪيٻايو پئي. شمر ھن کي قتل ڪرڻ جي ترغيب ڏيندي چيو: ”اڙي شرم ڪيو! توهان هن جو انتظار ڇو ڪري رھيا آھيو؟ ھن کي ماريو، شل توھان جون مائرون توھان کان محروم ٿين!“ [5] شمر پوءِ آخري حملي جي اڳواڻي ڪئي. [6] ڪجهه تاريخي اخبار جي مطابق شمر ئي بالآخر حسين کي قتل ڪيو ۽ سندس سر قلم ڪيو، جڏهن ته ڪجهه ٻين اخبار مطابق اهو ڪم سنان ابن انس نالي شخص ڪيو. بعد ۾ شمر حسين جي آخري بچيل پٽ علي زين العابدين کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ابن سعد کيس روڪي ورتو. ان کان پوءِ شمر مقتولن جي سسين کي ڪوفي ڏانھن کڻي ويندڙ قافلي جي اڳواڻي ڪئي. بعد ۾ هو قيدين سان شام تائين گڌ ويو. هن لاءِ چيو ويو آهي ته هو پنهنجي آخري عمر ۾ پنهنجي ڪيل ڪمن تي پشيمان هيو. [1]
مختار الثقفي جي حڪومت دوران، جنهن آڪٽوبر 686 ۾ ڪوفي تي قبضو ڪيو هو، شمر انهن باغين مان هو جن مختار جي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. بغاوت جي ڪچلجڻ بعد شمر صدامه ڏانهن فرار ٿيو، جيڪو ڪوفي ۽ بصري جي وچ وارو هنڌ هو. مصعب بن الزبير ان وقت بصرا جو حاڪم هيو ۽ شمر هن کي خط لکي مدد جي درخواست ڪئي. ابو عمرا ڪيسان جي اڳواڻيءَ ۾ مختار جي سپاهين خط پڪڙي ورتو ۽ شمر جي روپوشي جي جڳھ بي نقاب ٿي وئي. شمر کي پڪڙيو ويو ۽ قتل ڪيو ويو. ٻين اخبار جي مطابق هو زخمي ٿي پيو ۽ مختار ڏانهن موڪليو ويو، جنهن پوءِ کيس قتل ڪري ڇڏيو. [1]
اولاد ۽ پونئير
سنواريوشمر جي قتل کان پوءِ سندس پٽ ڪوفو ڇڏي جزيره ۾ آباد ٿيا. [7] شمر جي پوٽو سميل بن حاتم ان اموي لشڪر ۾ هڪ ڪمانڊر هو جيڪو بلج ابن بشر جي اڳواڻي ۾ 742ع ۾ اتر آفريڪا جي بربر بغاوت جي خلاف موڪليو ويو هو. هو بعد ۾ ڪلابي لشڪر جو سربراه ٿيو۽ الأندلس ۾ آباد ٿيو. [8]
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 Kohlberg 2004.
- ↑ 2.0 2.1 Caskel 1966.
- ↑ Rowson 1989.
- ↑ Hawting 1996.
- ↑ Howard 1990.
- ↑ Vaglieri 1971.
- ↑ James 2012.
- ↑ Taha 2016.
ببليوگرافي
سنواريو- Hawting, G.R., ed. (1996). The History of al-Ṭabarī, Volume XVII: The First Civil War: From the Battle of Siffīn to the Death of ʿAlī, A.D. 656–661/A.H. 36–40. SUNY Series in Near Eastern Studies. Albany, New York: State University of New York Press. ISBN 978-0-7914-2393-6.
- Howard, I. K. A., ed. (1990). The History of al-Ṭabarī, Volume XIX: The Caliphate of Yazīd ibn Muʿāwiyah, A.D. 680–683/A.H. 60–64. SUNY Series in Near Eastern Studies. Albany, New York: State University of New York Press. ISBN 978-0-7914-0040-1.
- Kohlberg, Etan (2004). "Shamir b. Dhi'l-Djawshan". In Bearman, P. J.; Bianquis, Th.; Bosworth, C. E.; van Donzel, E. & Heinrichs, W. P. (eds.). The Encyclopaedia of Islam, New Edition, Volume XII: Supplement. Leiden: E. J. Brill. pp. 722–723. ISBN 978-90-04-13974-9.
- Vaglieri, L. Veccia (1971). "(Al)-Ḥusayn b. 'Alï b. Abï Ṭālib". In Lewis, B.; Ménage, V. L.; Pellat, Ch. & Schacht, J. (eds.). The Encyclopaedia of Islam, New Edition, Volume III: H–Iram. Leiden: E. J. Brill. pp. 607–615. OCLC 495469525.CS1 maint: ref=harv (link)