مختار بن ابي عبيد ثقفي (622 - 3 اپريل 687) ڪوفي ۾ علوين جو حامي انقلابي هو، جنهن 685 ۾ اموي خلافت خلاف بغاوت جي اڳواڻي ڪئي ۽ ٻئين فتني دوران 18 مهينن تائين عراق تي حڪمراني ڪئي.

مختار 622ع ۾ طائف ۾ ڄائو ۽ ننڍي عمر ۾ عراق هليو ويو ۽ ڪوفي ۾ وڏو ٿيو. 680 ۾ ڪربلا جي جنگ ۾ اموي خلافت جي فوج جي هٿان پيغمبر اسلام محمد جي ڏوهٽي حسين بن علي جي موت جي بعد هن مڪي ۾ اموين جي حریف خليفي عبد الله بن الزبير سان اتحاد ڪيو پر سندن اتحاد گھڻي دير نه هلي سگھيو. نتيجي طور مختار ڪوفي موٽي ويو جتي هن محمد بن حنفيه ،چوٿين خليفي علي جو پٽ ۽ حسين جو ڀاءُ، جي مهدي ۽ امام هجڻ جي دعوي ڪئي ۽ علوي خلافت جي قيام ۽ حسين جي قتل جو بدلو وٺڻ جي لاءِ مهم هلائي. هن آڪٽوبر 685ع ۾ زبيري گورنر کي نيڪالي ڏئي ڪوفي تي قبضو ڪري ورتو. بعد ۾ هن حسين جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو. ابن الزبير سان دشمني مختار جي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي ۽ آخرڪار چار مهينن جي گهيري کان پوءِ بصري جي زبيري حاڪم مصعب بن الزبیر جي فوجن مختار کي سندس ست هزار ساٿين سميت قتل ڪيو.

جيتوڻيڪ مختار شڪست کاڌي ۽ سندس انقلاب ناڪام ٿيو پر هن جي تحريڪ جا دور رس نتيجا نڪتا. هن جي وفات بعد هن جي پوئلڳن هڪ بنياد پرست شيعه فرقو قائم ڪيو، جيڪو بعد ۾ ڪيسانيه جي نالي سان مشهور ٿيو ۽ جنهن ڪيترن ئي نون عقيدن جو بنيد وڌو ۽ بعد ۾ ايندڙ شيعن جي نظرين کي متاثر ڪيو. مختار موالين (عراق جا مقامي ماڻهون جن اسلام قبول ڪيو) جي سماجي حيثيت کي بلند ڪيو ۽ اهي هڪ اهم سياسي وجود بڻجي ويا. موالين ۽ ڪيسانيه 60 سالن بعد عباسي انقلاب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مسلمانن ۾ مختار هڪ تڪراري شخصيت آهي؛ ڪيترن ئي جي مطابق هو هڪ ڪوڙو نبي هو، پر شيعه هن کي قدر جي نگاه سان ڏسن ٿا ان ڪري جو هن حسين جي َقاتلن کان بدلو ورتو. جديد دور جا مورخ به هن بابت مختلف رايا رکن ٿا. ڪجهه جو چوڻ آهي ته هو هڪ مخلص انقلابي هو ۽ ڪجهه جي مطابق هو هڪ مڪار موقعي پرست شخص هو.