شبير ڪنڀار (انگريزي ٻولي: Shabir Kumbhar)، سنڌي ٻوليءَ جو انجنيئر، فانٽ ٺاهيندڙ ۽ شاھ لطيف جو شارح آهي.

شبير ڪنڀار
Shabir Kumbhar
Attending Sindhi language conference Karachi Sindh.

شبير ڪنڀار
پيدائش هالا، مٽياري ضلعو، سنڌ
ڌنڌو ، ليکڪ, فانٽ انجنير
ٻولي سنڌي
رهائش هالا
قوميت پاڪستاني
تعليم ايم. اي، سنڌي ادب
مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي
دور هاڻوڪو
موضوع لسانيات
ايوارڊ شاھ عبداللطيف ڀٽائي اوارڊ 2017ع

زندگي جو احوال سنواريو

شبير ڪنڀار جو اصل نالو غلام شبير ولد ڀلي ڏنو ڪنڀار آهي. پنھنجي ذهانت، محنت ۽ جاکوڙ سان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي اکري نمونن (Fonts) جا مختلف نمونا متعارف ڪرڻ ، سنڌو لکت ۽ سنڌو لکت فونٽ (Indus Script)[1][2][3][4] کي ڪمپيوٽر جي تقاضائن ۾ سانڍڻ، شاھ لطيف جهڙن سنڌي ٻوليءَ جي وڏن شاعرن کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ محفوظ ڪري دنيا تائين پهچائڻ جهڙين خاص خدمتن وسيلي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ شبير ڪنڀار هالا تعلقي ضلعي مٽياري (اڳ حيدرآباد) ، سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ سيراچون ڪاڪا ۾ پهرين جنوري 1972ع ۾ جنم ورتو.

تعليم سنواريو

شبير ڪنڀار پرائيمريءَ تعليم پنهنجي ڳوٺ جي پرائيمري اسڪول منجهان1981ع ۾ حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم لاءِ کيس گورنمينٽ مڊل اسڪول پنجمورو، نيو سعيدآباد ۾ داخل ڪيو ويو، جتان 1981ع ۾ ڇهون درجو پاس ڪيائين ته سندس والد خاندان جي بهتر تعليم ۽ تربيت جي سهوليت جي سانگي 1982ع ۾ لڏي اچي تاريخي شهر هالا ۾ رهائش اختيار ڪئي. کيس وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ڪيو ويو جتان 1986ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. هن ٻارهين جماعت سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان 1989ع ۾ پاس ڪئي. هن بي.اي سنڌ يونيورسٽي منجهان 1993ع ۾ حاصل ڪئي. ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1995ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. شبير ڪنڀار کي ڪمپيوٽر سائنس جي معلومات جو شوق هو. ڪمپيوٽر جي سکيا جي سلسلي ۾ ھن ڪنھن به خاص اداري مان ڪا باقائدي تعليم/سکيا نه ورتي پر شوق جي تڪميل لاءِ گهرجن پٽاندر آن لائين ريڊنگ وسيلي ڪمپيوٽر بابت گهربل مھارتون حاصل ڪيون ۽ ان ۾ ڳڻپ لائق ڪاميابيون ماڻيون. شبير ڪنڀار پنهنجي ذاتي لڳاءُ تحت ڪمپوٽر ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان علاوه استاد جي حيثيت ۾ سِکيائون به ورتيون. هن پي ٽي سي سال 1995ع ۾، ،پي ٽي سي سي جو امتحان سال 1996ع ۾، بي.ايڊ جي ڊگري سال 1997ع ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته ايم ايڊ جو امتحان سال 2000ع ۾ پاس ڪيو. ان کانسواءِ نوڪري دؤران پيشي سان لاڳاپيل ٻيون به ڪيتريون ئي سکيائون حاصل ڪري چڪو آهي.

ڪاوشون سنواريو

شبير ڪنڀار 2000ع ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ۽ پنهنجي ذاتي ڪاروبار کي ڇڏي اچي انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري ”سنڌي فونٽ“ جي ڊجيٽل بنيادي ۽ معياري عمارت سازيءَ جو ڪم شروع ڪيو[5]. هن شاهـ عبداللطيف ڀٽائي جي مادري ٻوليءَ کي دنيا جي شاهوڪار ٻولين جي قطار ۾ شامل ڪرائڻ ۾ پنهنجن دوستن جي گڏيل گروپ ۾ ڪم ڪيو جنهن جي عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جي نگراني ڪندو رهيو[6]. هن سنڌي ٻوليءَ جي فونٽس ٺاهڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو. هن جي گروپ جي دوستن جن ۾ امر فياض ٻرڙو، عبدالستار زرگر، عرفان شڪارپوري، احمد سومرو، عبيد ٿهيم، علي حسن ملاح ۽ عباس ڪوريجي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. جڏهن ته سليمان وساڻ به سندن سٿ جو سهڪاري رهيو آهي. شبير ڪنڀار شاهـ عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي کي ڊجيٽل سپورٽ ڏئي گوگل جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي، جيڪو هر وقت انٽرنيٽ تي موجود آهي. الفابيٽ وائيز هر شعر توهان آسانيءَ سان ڳولي پڙهي سگهجي ٿو.[7] ان کان علاوه ممتاز مرزا واري گنج تي به ”سنڌي فونٽ“ ٺاهي زبرون، زيريون ڏئي انٽرنيٽ تي آڻڻ لاءِ پنهنجون ڪوششو نجاري رکيو اچي. موبائيل تي سنڌي لکڻ جو سسٽم جو بنياد شبير ڪنڀار جو ڪارنامو آهي. انشاءَالله ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خواب کي ساڀيان جي شڪل ڏئي سنڌي ٻوليءَ کي اوج تائين پهچائيندو ۽ تمام جلد شاهـ جو گنج توهان زبرن ۽ زيرن سان آسانيءَ سان انٽرنيٽ تي پڙهي سگهندا.

ادبي کيتر سنواريو

جڏهن ته شبير شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو پارکو، سائين طالب الموليٰ جي غزلن ۽ ڪافين کي برزبان ياد پڙهي ٿو ۽ لاڙ جي لعل مولوي حاجي احمد ملاح جي شاعريءَ جو بـ مداح آهي. شبير ڪنڀار ڏيک، ويک، ٺٺ ٺانگر ۽ جُڙتو پاڻپڻي کان پاسيرو ٿي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ اوسر لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيو آهي سدائين مصروف زندگي گذاريندڙ شبير ڪنڀار تعليم کاتي ۾ استاد به آهي ته پنهنجي ذاتي ڪاشيءَ جي ڪارخاني جي نگراني به ڪري ٿو ۽ هالا تعلقي جو هڪ ننڍڙو زميندار آبادگار بـ آهي.[8]

مڃتا سنواريو

شبير ڪنڀار کي سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل انجينيئرنگ ۾ جوڳو ڪم ڪرڻ تي نومبر 2017ع تي شاهہ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ ڏنو ويو.[9][10]

حوالا سنواريو