شبير هاليپوٽو
شبير هاليپوٽو (انگريزي:Shabir Halepoto) سنڌ، پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جي جديد سنڌي شاعريءَ جي ڌارا جو منفرد ۽ مقبول شاعر هو. سندس ڪافي ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1][2]
شبير هاليپوٽو Shabir Halepoto | |
---|---|
پيدائش | غلام شبير هاليپوٽو 24 فيبروري 1974ع ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽو،هالاڻي، نوشهرو فيروز ضلعو، سنڌ، پاڪستان |
وفات | 9 مئي 2014ع حیدرآباد سنڌ |
مدفون | هالاڻي |
قلمي نالو | شبير هاليپوٽو |
ڌنڌو | شاعر، |
ٻولي | سنڌي ٻولي |
قوميت | پاڪستان |
تعليم | ايم اي سنڌي ادب |
مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو |
صنف | وائي، غزل، نظم، گيت |
موضوع | شاعري |
مُکيه ڪم | گيت منهنجا ميت تو بن ڪجهه به نه مان آهين منهنجي جان |
زندگي جو احوال
سنواريوشبير هاليپوٽي جو اصل نالو غلام شبير هو. هيءُ 24 فبروري 1974ع تي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي نوشهرو فيروز ضلعو جي هالاڻي تعلقو ۾ عبدالمجيد هاليپوٽي جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[3]
تعليم
سنواريوشبير شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول هالاڻي مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنڪ اسڪول سکر مان ڪيائين ۽ انٽر سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان پاس ڪيائين. انٽر بعد اکين جي بيماري سبب ڏسي سگهڻ کان محروم ٿي ويو پر هن همت نه هاري ۽ خاص ٻارن جي اسڪول مان بريل ذريعي تعليم پرائڻ شروع ڪئي . هن سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي ڪئي.[3]
علمي ادبي خدمتون
سنواريوشبير هاليپوٽي ننڍ پڻ کان شاعري شروع ڪئي. سندس شاعري سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي مهراڻ کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. هن پنهنجي منفرد انداز ۾ شعر لکڻ سبب شهرت حاصل ڪئي. هن وائي، غزل، ۽ نظم جي صنفن تي وڌيڪ طبع آزمائي ڪئي.[4] شبير علمي خدمتن جي سلسلي ۾ اول ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ طور ڪم ڪيائين. .بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري گورنمينٽ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ سنڌيءَ ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ علمي خدمتون سرانجام ڏنائين.[3][5]
ڪتاب
سنواريو- گيت منهنجا ميت
- هينئڙو هيرڻ پن
- تو بن ڪجهه به نه مان
- موکي مٽ اپٽيا
- آهيو منهنجي جان[6]
وفات
سنواريوشبير هاليپوٽي 9 مئي 2014ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي .سندس آخري آرامگاھ هالاڻيءَ ۾ آهي.[3]
حوالا
سنواريو- ↑ Buriro, Riazat. "سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا: شبير هاليپوٽي جي شخصيت ۽ شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)". سنڌي ادب ۾ تنقيدون ۽ تجزيا. حاصل ڪيل 2021-09-09.
- ↑ جي مون سانڍيا ساهه ۾. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16780&BookTitle=Jy-Mon-Sarya-Sah-Men.
- ↑ 3.0 3.1 3.2 3.3 "شبير هاليپوٽو : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-09-09.
- ↑ "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-09-09.
- ↑ "شبير هاليپوٽو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2021-09-09.
- ↑ "Shabir Halepoto Archives". Indus Book : Pakistan's Online Bookstore. حاصل ڪيل 2021-09-09.