سينٽرل جيڪب لائن

سينٽرل جيڪب لائن(انگريزي: Central Jacob Line) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جو نالو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي رکيل آهي. ان جي اوڀر ۾ گارڊن ۽ صدر ۽ اتر ۾ يو سي بھائينڊ جيڪب لائن ۽ اولھ ۾ جٽ لينڊ لائينز ۽ ڏکڻ ۾ صدر واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي ساڳي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 9 ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي محمد مرسلين چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي نديم خواجه چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھتي تاج ميڊيڪل ڪامپليڪس، ھمدرد يونيورسٽي ھاسپيٽل، ھاشماني جنرل سينڊ آئي ھاسپيٽل، ايم اي جناح روڊ، نظام روڊ، ايمپريس اسٽريٽ، ثاقب شھيد روڊ، بسم الله روڊ، زينبيه روڊ، ڪي جي اي گرائونڊ، لائينز ايريا والي بال گرائونڊ، باغ قائد، افزا الطاف پارڪ، انڌن۽ ٻوڙن جي اڊا ريئو ڪاليج، اشرف طائي ڪراٽي ڪلب، ٿانوي مسجد، جامع مسجد دارالفلاح ۽ پاڪستان جي مختلف شھرن ڏانھن وڃڻ لاء بس ۽ ڪوچ سروسن جا اڏا پڻ واقع آھن.

سينٽرل جيڪب لائن
يو سي 10 سينٽرل جيڪب لائن
سنڌ جي يونين ڪاميٽي
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪرنل جان جيڪب جو مجسمو جنھن جي نالي سان ھيء يو سي منصوب آھي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪرنل جان جيڪب جو مجسمو جنھن جي نالي سان ھيء يو سي منصوب آھي.
سينٽرل جيڪب لائن is located in سنڌ
سينٽرل جيڪب لائن
سينٽرل جيڪب لائن
سينٽرل جيڪب لائن is located in Pakistan
سينٽرل جيڪب لائن
سينٽرل جيڪب لائن
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°52′03″N 67°02′23″E / 24.86750°N 67.03972°E / 24.86750; 67.03972مڪانيت: 24°52′03″N 67°02′23″E / 24.86750°N 67.03972°E / 24.86750; 67.03972
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

حوالا سنواريو

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/