سوھائي ابڙو

اداڪارِ، ناچ ڪندڙ، ڳائڻي
سُھائي علي ابڙو سان ڀل نہ کائو.


سُوھائي ابڙو (انگريزي ٻولي: Suhaee Abro) ھڪ پاڪستاني نچڻي (رقاصہ) ۽ اداڪارا آھي. ھيءَ نچڻ جي شعبي ۾ مھارت رکي ٿي ۽ ھڪ تربيت ماڻيل سلاسيڪل رقاصہ آھي. سوھائي ٽيليويزن ناٽڪ (ڊرامن) ٿيٽر، دستاويزي فلمن ۽ راڳ وڊيو (ميوزڪ وڊيوز) ۾ ڪم ڪندي آھي. ھن بھترين ٽيليويزن اوسان (سينسيشن) انعام (ناري) لاءِ پھريون ھم ايوارڊز 2013 ۾ کٽيو.[1] ھيءَ سنڌي شاعرا ۽ سرگرم ڪارڪن عطيا دائود جي ڌيءُ آھي.[2]

سوھائي ابڙو
Suhaee Abro
رھائش ڪراچي
قوميت يپاڪستان
پيشو ڪلاسيڪل ۽ ماڊرن ڪانٽيپوريئري ڊانسر, اداڪارا
شھرت جو ڪارڻ سنجھا,
ماءِ پيور لينڊ
ماءُپيءُ عطيا دائود ۽ خدا بخش ابڙو

شروعاتي زندگي سنواريو

سُھائي ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ نپني ھئي.سندس ماءُ (عـطيا دائود) مشهور شاعرا آهي. هن جو پيءُ (خدا بخش ابڙو)، هڪ درشٽي سنٻنڌي ڪلاڪار (وزيوئل آرٽسٽ) آھي، جنھن کيس مختلف قسم جي عالمي راڳ (موسيقي) سان سُونھو ڪرايو.[3][2] ابڙو ست سال جي ڄمار کان ئي ڪلاسيڪل ڊانس جي سکيا ڪلاسيڪل ڊانسر شيما ڪرماني کان سکڻ شروع ڪئي ھئي ۽ اَٺ سال جي ڄمار ۾ پنھنجو پھريون ميوزڪ وڊيو ۾ پرفارم ڪيو ھيائين.ھن ٻارنھن ورھين جي ڄمار ۾ ٽيلي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.[4]

2010 ۾، ھڪ ڌَڪُ لڳڻ کانپوءِ پُڇ ھڏي (tailbone) ۾ وڍڪٽ (سرجري) جي ضرورت پئي، ابڙو جي ڊاڪٽر کيس چتاوڻي ڏني تہ ھوءَ ناچ نہ ڪري. ڇاڪاڻ تہ ھن پنھنجي اسڪول ۾ جھمر (ڊانس) ھڻڻ جو واعدو ڪيو ھيو، تنھنڪري، ابڙو اسٽيج جي ڪُنڊ ۾ ويھي پنھنجي ھٿ ۽ چھري کي اڳتي نِوڙائي (وَڌائي) ٻُڌندڙڏسندڙن (آڊيئنس) کان دادُ ماڻيو.[3]

نَو سال جي ڄمار ۾ ئي ابڙو کي مرگھي (بيھوشي جي بيماري، اپيلپسي) جي روڳ جي سُڃاڻپ ٿي.[4]

ڊانسر طور ڪيرئير سنواريو

اڳ ئي انيڪ ميوزڪ وڊيوز ۾ پرفارم ڪرڻ کانپوءِ، ابڙو 2011 ۾ ڪراچي جي ٽي2ايف ۾ پنھنجي امڙ جون ڪُجھ ڪويتائون (شعر) تي پنھنجي پھرئين عوامي سولو پرفارمنس ڏني.[3] ابڙو ڀارتاناتايم ۾ مھارت ماڻي، ۽ ھن ڪَٿڪ ۽ اوڊيسي (Odisi) جھمر کي پڻ سکيو آھي، ھندستاني ڪلاسيڪي ناچ جي اَٺن قِسمن منجھان ٽن نمونن ۽ صوفي، لوڪ (فوڪ)، جديد/ھلندڙ دور سميت ڪلاسيڪي ناچ جي ٻين نمونن کي پڻ ۽ ڪوريوگرافنگ پڻ سکي آھي.سُھائي ابڙو گروپ نرتال جي بانين منجھان ھڪ آھي ۽ ان گروپ جي ناچ ھدايتڪار (ڊانس ڊائريڪٽر)/ فن پيش ڪندڙ ڪلاڪار (پرفارمنگ آرٽسٽ) پڻ آھي.[5]

ناچَ ۽ ڪوريوگرافي سنواريو

سال ڊانس پراڊڪشن ڪوريوگرافڊ ۽ پروڊيوسڊ ۾ پرفارم ٿيل
2001–2008 ڪلاسيڪل ڊانس ڏيکاءُ شيما ڪرماني ڪراچي
2008 ھڪ ڪلاسيڪل ڊانس نائٽ, 'جوگالبندي شيما ڪرماني ڪراچي
2006–2011 ھڪ ناچ ڊرامو ناٽڪ ناچ, 'رقص ڪرو' فھميدا رياض جي ڪويتا تي ٻَڌل شيما ڪرماني ڪراچي/لاھور/اسلام آباد/انڊيا
2008–2010 ڊانس ناٽڪ ناچ (باليٽ) – آج رنگ ھي شيما ڪرماني ڪراچي/لاھور/اسلام آباد
2010 بيڪ ٽو اور بيگننگس ' سھائي ابڙو ۽ رجب علي سيد ڪراچي
2010 پوائنٽ آف نو ريٽرن سوھائي ابڙو ۽ رجب علي سيد ڪراچي
2011–2012 اُڙان سي پھلي' (اُڏرڻ کان اڳ) A 60-منٽ سولو ڊانس ۽ ميوزڪ پرفارمنس, ناريواد (فيمنسٽ) شاعرا عطيا دائود جي ڪويتائن تي ٻَڌل سوھائي ابڙو ڪراچي
2011 خسرو النسل-نائو '- ممتاز صوفي شاعر ، حضرت امير خسرو جي سرجڻھار تي ٻڌل ناچ ۽ راڳ جي ڪارڪردگي سوھائي ابڙو ۽ نريتال ڪراچي
2011 فيض مکيا صدين جو پروگرام سوھائي ابڙو ۽ نريتال ڪراچي
2013 رقص ۾ ھئي سارا جھان – ورلڊ ڊانا ڊي سليبريشن 2013 سوھائي ابڙو (ناچ جي ڪُجھ ٽُڪرن کي ناچ جي شرڪت ڪندڙن پاڻ ڪوريوگراف ڪيو) ڪراچي
2015 لائسيم اسڪول جو ھرسال ٿيندڙ اردو ڊرامو سوھائي ابڙو دي لائسيئيم اسڪول ڪراچي

فلموگرافي سنواريو

سال ٽي وي ڊرامو ڪردار چينل
2006 گڊي گڏي ھم ٽي وي
2007 شالي شالي ھم ٽي وي
2007 امتول ڪي گلي ماريا واسطي جي ڌيءُ اي آر واءِ ڊجيٽل
2008 ڀوپال والي بلڪيس مُني ھم ٽي وي
2009 ميري بيٽي ڪالي ھم ٽي وي
2011 سنجھا سنجھا ھم ٽي وي
2012 تم مجھ ۾ زندا ھو نمرا بُچا جوڀن (ٽين ايج) ايڪسپريس انٽرٽينمينٽ
2012 جشن ڪا دن ھي انشا ايڪسپريس انٽرٽينمنٽ
2012 انامتا انامتا ھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيل)
2012 ڪِس موسم ڪي تلاش مين عاشي ھم ٽي وي
2013 من ڪي موتي ھنا جيو TV</smallٽي وي>
2013 ڪتني گرھين باقي ھين ڪومل ھم ٽي وي اڃا نشر ناھي ٿيو)
2013 جنت ڪي جنت جنت (ناٽ ايئرڊ يئيٽ)
2016–2017 سنگ-ئي-مر مر راڪشي ھم ٽي وي
2017 يقين ڪا سفر نوري ھم ٽي وي
2017 منھنجي پاڪ زمين نازو

ٿيٽر سنواريو

سال ڊرامو ٿيٽر نالو/آرگنائزر/فيسٽيول
2007 جني لاھور ناھي ويکيا رافي پير پرفارمنگ آرٽس فيسٽول
2008 فيملي فنڪشن فروئيبيل ايجوڪيشن سينٽر پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر)
2008 اي ٿنگ آف بيوٽي باءِ چارلس ڪري فروئيبيڪ ايجوڪيشن سينٽر (پاڪستان آرٽس ڪائونسل سينٽر)
2011 جنگ اب ناھي ھوگي تحريڪ-اي-نسوان
2011 کسرو نسل-ي-نئو نريتال گروپ
2011 اُڙان سي پيھلئي دي سيڪنڊ فلور (ٽي2ايف), ڪراچي[6]
2012 ڪافڪا نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس (ناپا) فيسٽول

ميوزڪ وڊيوز سنواريو

سال ميوزڪ وڊيو بينڊ/سَڀا
2002 اسير شھزادي' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌل تحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني)
2012 عورت اور مرد برابر ھين' ناريواد شاعرا، فھميدا رياض جي ڪويتا (شاعري) تي ٻَڌل تحريڪ-نسوان (شيما ڪرماني)
2012 عشق دا ڪالما دي اسڪيچز بينڊ
2013 مئين صوفي ھون دي اسڪيچز بينڊ

حوالا سنواريو

  1. "1st Hum Awards winners". حاصل ڪيل 15 March 2013. 
  2. 2.0 2.1 "Evening of delightful dance". Dawn. حاصل ڪيل 30 December 2018. 
  3. 3.0 3.1 3.2 "Following A New Rhythm Of Her Own: Meet Pakistani Dancer And Actress, Suhaee Abro". Women’s Web. حاصل ڪيل 30 December 2018. Born and brought up in Karachi, Pakistan, her grandmother says, even before she could stand, she would move her body to the music that came from her father’s study. Now, after 22 years, she is a classical dancer, versed in Oddishi, Bharatnatyam and Kathak. 
  4. 4.0 4.1 sumbul, Deneb. ""Dancing, acting and singing were always a part of me" – Suhaee Abro". NewsLine. حاصل ڪيل 30 December 2018. Dancing, acting and singing were always a part of me. I started dancing when I was seven. When I was eight, Sheemaji made me act in a music video called Aseerzadi. I worked in telefilms, probably once a year, from the age of 12. 
  5. Kamal, Nudrat. "Profile: Suhaee Abro". NewLine. حاصل ڪيل 30 December 2018. 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Dawn2011