سنڌ جا وڏا وزير

سنڌ صوبي جو سرواڻ

سنڌ جو وڏو وزير (انگريزي: Chief Minister of Sindh)، سنڌ صوبي جو چونڊيل نمائيندو ۽ صوبائي حڪومت جو سربراھہ ھوندو آھي، جنھن جي چونڊ سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي. 26 فيبروري 2024ع کان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ آھي.

وڏو وزير سنڌ

سنڌ جو صوبائي جھنڊو

سنڌ حڪومت جو نشان
سنڌ حڪومت
عهديدار
سيد مراد علي شاهہ

27 فيبروري 2024ع کان
تعظيمي لقبَ ھز ايڪسيلنسي
رهائش وڏي وزير جو گهر، ڪراچي
مقرر ڪندڙ سنڌ صوبائي اسيمبلي
عھدي جي مدت پنج سال
شروعات محمد ايوب کھڙو
تشڪيل آگسٽ 23، 1947ع
ويب سائيٽ cm.sindh.gov.pk

وڏو وزير ۽ چيف سيڪريٽري صوبائي حڪومت جا سربراھہ ھوندا آھن. وڏي وزير جي چونڊ صوبائي اسيمبلي ڪندي آھي ۽ ھو قانون ساز اداري جو سربراھہ ھوندو آھي. وڏي وزير جو دفتر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آھي، جنھن کي سي ايم سيڪريٽيٽ (انگريزي: CM Secretariat) چيو ويندو آھي، ھن جي سرڪاري رھائشگاھ پڻ ڪراچي ۾ آھي جنھن کي وڏي وزير جو گهر (انگريزي: Chief Minister House) چيو ويندو آھي.[1]

آئين پاڪستان ۾ وڏي وزير جي اھليت بابت ٻہ نقطا شامل آھن:

  1. پاڪستان جو شھري ھجي
  2. ان صوبي جي قانون ساز اسيمبلي جو رڪن ھجي[2]

وڏي وزير کي صوبائي اسيمبلي اعتماد جي ووٽ ذريعي چونڊي ٿي.

سنڌ جي وڏن وزيرن جي فهرست

سنواريو
نو آبادياتي دور
وزير اعليٰ جو نالو قلمدان سنڀاليو قلمدان ڇڏيو سياسي جماعت/تبصرو
غلام حسين هدايت اللہ (پهريون ڀيرو) 28 اپريل، 1937ء 23 مارچ، 1938ء مسلم پيپلز پارٽي
اللہ بخش سومرو (پهريون ڀيرو) 23 مارچ، 1938ء 18 اپريل، 1940ء اتحاد پارٽي
مير بندہ علي خان ٽالپر 18 اپريل، 1940ء 7 مارچ، 1941ء مسلم لیگ
غلام حسين هدایت اللہ (ٻيون ڀيرو) 14 آڪٽوبر، 1942ء 14 آگسٽ، 1947ء مسلم پيپلز پارٽي
بعد از قيام پاڪستان
وزير اعليٰ جو نالو قلمدان سنڀاليو قلمدان ڇڏيو سياسي جماعت/تبصرو
محمد ايوب کھڙو (پهريون ڀيرو) 16 آگسٽ، 1947ء 28 اپريل، 1948ء   پاڪستان مسلم ليگ
پير الٰهي بخش 3 مئي، 1948ء 4 فيبروري، 1949ء   پاڪستان مسلم ليگ
يوسف هارون 18 فيبروري، 1949ء 7 مئي، 1950ء   پاڪستان مسلم ليگ
قاضي فضل اللہ عبيد اللہ 8 مئي، 1950ء 24 مارچ، 1951ء پاڪستان مسلم لیگ
محمد ايوب کھڙو (ٻيون ڀيرو) 25 مارچ، 1951ء 29 ڊسمبر، 1951ء   پاڪستان مسلم ليگ
گورنر راڄ 13 آڪٽوبر، 1955ء 22 مئي، 1953ء
عبدالستار پيرزادو 22 مئي، 1953ء 8 نومبر، 1954ء   پاڪستان مسلم ليگ
محمد ايوب کھڙو (تیسری مرتبہ) 9 نومبر، 1954ء 13 آڪٽوبر، 1955ء   پاڪستان مسلم ليگ
عهدو ختم 13 آڪٽوبر، 1955ء 30 جون، 1970ء صوبو اولھه پاڪستان (ون يونٽ) جو حصو بڻيو رهيو
فوجي قانون (مارشل لاء) پهرئين جولاءِ، 1970ء پهرئين مئي، 1972ء
ممتاز ڀٽو (پهريون ڀيرو) پهرئين مئي، 1972ء 20 ڊسمبر ، 1973ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
غلام مصطفيٰ جتوئي 25 Dسمبر، 1973ء 5 جولاءِ، 1977ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
فوجي قانون (مارشل لاء) 5 جولاءِ، 1977ء 6 اپريل، 1985ء ضیاء الحق جي آمريت جي دوران
غوث علي شاهہ 6 اپريل، 1985ء 6 اپريل، 1988ء   پاڪستان مسلم ليگ
اختر علي غلام قاضي (پهريون ڀيرو) 11 اپريل، 1988ء 24 جون، 1988ء   اسلامي جمهوري اتحاد
گورنر راڄ 24 جون، 1988ء 31 آگسٽ، 1988ء
اختر علي غلام قاضي (ٻيون ڀيرو، نگران) 31 آگسٽ، 1988ء 2 ڊسمبر، 1988ء   اسلامي جمهوري اتحاد
قائم علي شاهه (پهريون ڀيرو) 2 ڊسمبر، 1988ء 25 فيبروري، 1990ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
آفتاب شعبان ميراڻي 25 فيبروري، 1990ء 6 آگسٽ، 1990ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
ڄام صادق علي (5 نومبر، 1990ء تائين نگران جي حيثيت سان) 6 اگست، 1990ء 5 مارچ، 1992ء آزاد
مظفر حسين شاهہ 6 مارچ، 1992ء 19 جولاءِ، 1993ء   اسلامي جمهوري اتحاد
سيد علی مدد شاهہ (نگران) 19 جولاءِ، 1993ء 21 آڪٽوبر، 1993ء
سيد عبد اللہ شاهہ 21 آڪٽوبر، 1993ء 6 نومبر، 1996ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
ممتاز ڀٽو (ٻيون ڀيرو، نگران) 7 نومبر، 1996ء 22 فيبروري، 1997ء سنڌ نيشنل فرنٽ
لياقت علي جتوئي 22 فيبروري، 1997ء 30 آڪٽوبر، 1998ء   پاڪستان مسلم ليگ ن
گورنر راڄ 30 آڪٽوبر، 1998ء 17 ڊسمبر، 2002ء
علي محمد مهر 17 ڊسمبر، 2002ء 9 جون، 2004ء   پاڪستان مسلم ليگ ق
ارباب غلام رحيم 9 جون، 2004ء 19 نومبر، 2007ء   پاڪستان مسلم ليگ ق
عبدالقادر هاليپوٽو (نگران) 19 نومبر، 2007ء 6 اپريل، 2008ء
قائم علي شاهه (ٻيون ڀيرو) 6 اپريل، 2008ء 21 مارچ، 2013ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
زاهد قربان علوي (نگران) 21 مارچ، 2013ء 30 مئي، 2013ء
قائم علي شاهه (ٽيون ڀيرو) 30 مئي، 2013ء 28 جولاءِ، 2016ء   پاڪستان پيپلز پارٽي
سيد مراد علي شاهہ (پهريون ڀيرو) 29 جولاءِ، 2016ع 28 مئي 2018ع   پاڪستان پيپلز پارٽي
سيد مراد علي شاهہ (ٻيو ڀيرو) 18 آگسٽ، 2018ع 17 آگسٽ، 2023ع   پاڪستان پيپلز پارٽي
سيد مراد علي شاهہ (ٽيون ڀيرو) 27 فيبروري، 2024ع تاحال   پاڪستان پيپلز پارٽي

لاڳاپيل مضمون

سنواريو
  1. Official website of CM Sindh, وقت 2023-11-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2024-07-04 
  2. "Chapter 3: "The Provincial Governments" of Part IV: "Provinces"". Pakistani.org. حاصل ڪيل 2013-06-09.