غلام مصطفيٰ جتوئي
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
غلام مصطفيٰ جتوئي | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
(اردو ۾: غلام مصطفیٰ خان جتوئی) | |||||||
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | 14 آگسٽ 1931 [1] شهيد بينظيرآباد ضلعو | ||||||
موت | 20 نومبر 2009 (78 سال)[2] لنڊن | ||||||
شھريت | پاڪستان برطانوي راڄ | ||||||
جماعت | پاڪستان پيپلز پارٽي | ||||||
مناصب | |||||||
پاڪستان جو نگران وزيراعظم | |||||||
عهدو جو مدت 6 آگسٽ 1990 – 6 نومبر 1990 | |||||||
|
|||||||
عملي زندگي | |||||||
مادر علمي | ڪيمبرج يونيورسٽي | ||||||
پيشو | سياستدان | ||||||
مادري ٻولي | اردو | ||||||
ڪم جي ٻولي | اردو | ||||||
ترميم |
تعارف
سنواريوغلام مصطفيٰ خان جتوئي 14 آگسٽ 1931ع تي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو امام بخش خان جتوئي ممبئي ليجسليٽواسمبليءَ جو 1923ع، 1927ع ۽ 1931ع ۾ ٽي ڀيرا رڪن پڻ رهي چڪو ھو. ملڪي سياست ۾ 1952ع ۾ نواب شاھ ضلعي ميونسيپل ڪاميٽيءَ جو نشستمان (چيئرمين) چونڊيو ويو، جڏهن تہ هن پهريون ڀيرو 1965ع ۾ الهندي پاڪستان جي صوبائي اسمبليءَ جي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جتوئي 1969ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو، 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو، 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو، 1985ع ۾ کيس جيل وڃڻو پيو. 1987ع ۾ پ پ پ کي ڇڏي نيشنل پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1988ع ۾ اسلامي جهموري اتحاد جو صدر رهيو، 1991ع ۾ نگران وزير اعظم ٿيو.
تعليم
سنواريوغلام مصطفيٰ خان جتوئي ڪراچي گرامر اسڪول مان سينيئر ڪيمريج ڪئي. 1952ع ۾ قانون جي اعليٰ تعليم لاءِ انگلستان ويو، والد جي وفات سبب تعليم اڌوري ڇڏي وطن واپس وريو.
زندگي
سنواريوغلام مصطفيٰ خان جتوئي کي پنج پٽ ۽ ٽي نياڻون آهن. جن ۾ مرتضيٰ خان، مسرور خان، طارق مصطفيٰ(وفات)، عارف مصطفيٰ، آصف مصطفيٰ ۽ آهن.
سياست
سنواريوغلام مصطفيٰ خان جتوئي نگران وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ کانسواءِ سياسي معاملا، قدرتي وسيلا، بندرگاهون ۽ جهازراني،ريلوي ۽ مواصلات جي وزير طور ڪم ڪيائين.
خارجي ڳنڍڻا
سنواريوغلام مصطفيٰ خان جتوئي | |
غلام مصطفيٰ جتوئي
|
حوالا
سنواريو- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000019627 — subject named as: Ghulam Mustafa Jatoi — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ https://web.archive.org/web/20100107040616/http://www.dawn.com:80/wps/wcm/connect/dawn-content-library/dawn/news/pakistan/16-veteran-politician-mustafa-jatoi-dies-hs-07 — سے آرکائیو اصل