ڊاڪٽر -ارباب غلام رحيم- 15 سيپٽمبر 1956ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع کان 2007ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو. سندس تعلق ٿرپارڪر ضلعي جي -ارباب- خاندان مان آهي، جيڪو -پاڪستان- ٺهڻ کانپوءِ سياست ۾ سرگرم رهيو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ڇڏڻ کان پوءِ -ارباب غلام رحيم- سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو پر هن ڊاڪٽري پيشو اختيار ڪرڻ بدران سياست کي ترجيح ڏني. هن سياست ۾ شروعات 1981ع ۾ ضلعي ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرميني سان ڪئي. بعد ۾ هو چار دفعا قومي -اسيمبلي- ۽ سنڌ -اسيمبلي- جو ميمبر چونڊيو. 2002ع ۾ ٿرپارڪر ضلعي جي -تڪ- پي -ايس- 60 مان سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ مسلم ليگ (ق) جي حڪومت ۾وزير ٿيو. 2004ع ۾ علي محمد مهر کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير مقرر ٿيو. مخالفن ڏانهن سندس سخت رويو رهيو. هو جنرل پرويز مشرف جو وڏو حامي ۽ پيپلز پارٽيءَ جو مخالف رهيو. 2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي خلاف ڳالهائڻ جي ڪري سنڌ جا ماڻهو خاص ڪري پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سندس سخت مخالفت ٿي پيا، نتيجي ۾ جنهن ڏينهن هو سنڌ اسيمبليءَ ۾ قسم کڻڻ آيو -ان- ڏينهن -اسيمبلي- جي ورانڊي ۾ هڪ اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويو.[1]


حوالا سنواريو