سولي وڊ پاڪستاني فلمي صنعت جي مرڪز کي چيو ويندو آھي۔ ان ۾ سولي وڊ - پاڪستان جي صوبي سنڌ مان ورتو ويو آھي جاٿي هي صنعت قائم آھي۔

سنڌي سينيما
سنڌي فلمي صنعت

سنڌي فلم سنسار جو اتهاس

سنواريو

سنڌي سينيما يا سنڌي فلم صنعت پهرئين سنڌي فلم ايڪتا 1940 (1940) ۾ جاري (رليز) ٿي ان فلم جو ٺاهيندڙ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي هيو[1] ۽ ان فلم جو هدايتڪار هومي واڊيا، ليکڪ کيئلداس فاني، موسيقار گلشن صوفي، گُلوڪارَ بيگم ڪوشليا ۽ گلشن صوفي هيا. [2]اداڪارَن ۾ ڪوشليا بيگم، ڪريم بخش نظاماڻي، سڪندر نوحاڻي، فاني، هري شوداساڻي، پانڊو شوداساڻي، مايا ديوي، رام پنجواڻي ۽ گلشن صوفي هيا. ان فلم جي گيتَ (ٻولَ) هي هيا؛

انگُ شمار گيتَ، ٻَولَ شاعر فنڪار، آواز
01 مونکي ننڍڙي ڀيڻ کپي کيئلداس فاني گلشن صوفي، ڪوشليا
02 ڀَلو آهي ساري جهان کان کيئلداس فاني گلشن صوفي، ڪوشليا

پهرئين سنڌي فلم ايڪتا 1940 (1940) ۾ جاري (رليز) ٿيڻ کانپوءِ سنڌي سينيما جون وڌيڪ فلمون ٺهڻ شروع ٿي ويون. اباڻا فلم 1958 ۾ ٺهي.[3] آخري سنڌي فلم 1970 (1970) ۾ ٺهي جنهن جو نالو همٿ هيو، همٿ فلم کانپوءِ سنڌي سيمينا جون فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون ۽ سنڌي فلمي صنعت جو هڪ باب پڻ پُڄاڻي تي پهتو.[4]

مشتاق چنگيزي جو اصل نالو مشتاق ملاڻو هو.[5] هن 60 کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو.[6] سنڌي ٻولي ۾ 1951 کان 1997 تائين 83 فلمون ٺھيون ھيون[7]. سنڌالاجي پاران حيدرآباد ۾ آڪٽوبر 2018 ۾ منعقد ٿيل سنڌي فلم فيسٽيول ۾ اداڪار مصطفي قريشي سنڌ حڪومت کي سنڌ فلم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن ٺاھڻ جو مشورو ڏنو ۽ پي ٽي وي جي جھوني ھدايتڪار ڊاڪٽر غلام مصطفي سولنگي فيسٽيول ۾ سنڌي فلم جي تاريخ تي پنھنجي ٺاھيل دستاويزي فلم ڏيکاري.[7].

ڪلاسيڪل سنڌي فلمون

سنواريو

ڪلاسيڪل سنڌي فلمن جي فهرست

سنواريو
انگُ شمار سنڌي فلم جو نالو جاري ٿيڻ جو سال هدايتڪار پروڊيوسر اداڪارَ
01 ايڪتا 1940 هومي واڊيا رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ڪوشليا بيگم، ڪريم بخش نظاماڻي، سڪندر نوحاڻي، فاني، هري شوداساڻي، پانڊو شوداساڻي، مايا ديوي، رام پنجواڻي ۽ گلشن صوفي
02 عمر ماروي 12 مارچ 1957 سيد حُسين علي شاهه فاضلاڻي، رشيد احمد لاشاري، شيخ حسن، غلام علي عبدالطيف، ماسٽر محمد ابراهيم، نظير بيگم ۽ نگهت سلطانا
03 اباڻا 24 جنوري 1952
04 راء ڏياچ
05 پرديسي حُسين علي شاهه فاضلاڻي
06 سسئي پنهون (سنڌي فلم) 1958 (1958) اي جي منگي ۽ علي حسن منگي نگهت سلطانا، سلطان، رخشي، ساقي
07 پرائي زمين (فلم) 1958 شيخ حسن سوزي ڊينيئل ، سلطان، چارلي
08 شهرو فيروز (فلم) 1968 ماهپارا ، مشتاق چنگيزي
09 چانڊوڪي (فلم)
10 تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ (فلم)
11 نوري ڄام تماچي (فلم)
12 گونگهٽ لاهِه ڪنوار (فلم) وسيم اداڪار
13 رنگ محل (فلم)
14 پنو عاقل (فلم)
15 ليليٰ مجنون
16 محبوب مٺا
17 مٺڙا شال ملن
18 بادل (سنڌي فلم) سعيدهه
19 سورٺ (فلم)
20 جيجل ماءُ (فلم)
21 البيلي
22 سوڍا پُٽ سنڌ جا (فلم)
23 پيار ڪيو سينگار (فلم)
24 پيار تان صدقي (فلم)
25 منهنجو پيار پڪاري (فلم)
26 غيرت جو سوال (فلم)
27 لَڄ رَک (فلم)
28 بادل ۽ برسات (فلم)
29 رت جا رشتا (فلم)
30 سنڌڙيءَ تان صدقي (فلم)
31 ڌرتي لال ڪُنوار (فلم)
32 ڌرتي دل وارن جي (فلم)
33 اچ ته ڀاڪر پايون (فلم) 2 جولاءِ 1976 مشتاق چنگيزي جي. ايم ميمڻ شتاق چنگيزي، چڪوري، ملڪ انوکي، شبانه ناز، خميسي جانوري، عبدالحق ابڙي، الطاف سومري، مقبول کوکر، زاهده پروين ۽ شيخ سنڌي
34 رت جي راند (فلم)
35 رت ۽ اجرڪ (فلم) 18 فبروري 1977 نذير صوفي بشير احمد انصاري چڪوري، مشتاق چنگيزي، روشن عطا، حڪيم کوسي، شبانه ناز، خميسي جانوري، عبدالحق ابڙي، نادر بلوچ، نور محمد لاشاري، اي. آر. بلوچ ۽ فرح ديبا
36 ڌرتي ۽ آڪاش (فلم
37 حاضر سائين (فلم)
38 دوستن جو پِيار (فلم)
39 گهاتو گهر نه آيا (فلم)
40 اُميد (فلم)
41 کل ماشي (فلم)
42 پرديسي ۽ پيار (فلم) چڪوري
43 ممتا (سنڌي فلم) يوسف نصير آغا نظير ڪاوش ريٽا
44 زندگي يا موت (فلم)
45 سورمي سنڌ جي (فلم)
46 برسات جي رات (فلم)
47 جانو ڌاڙيل (فلم)
48 جلال چانديو (فلم)
49 حيدرخان (فلم)
50 سُهڻا سائين (فلم)
51 قُرباني (سنڌي فلم)
52 پوتي ۽ پَڳ (فلم)
53 حاڪم خان (فلم)
54 هوجمالو (سنڌي ڪلاسيڪل فلم)
55 پَرو چانڊيو (فلم)
56 طوفان (سنڌي فلم)
57 دُشمن (سنڌي فلم)
58 علي گوهر (فلم)
59 مهراڻ جا موتي (فلم)
60 نادرگوهر (فلم)
61 جهومر ۽ بندوق (فلم)
62 پُڪار (سنڌي فلم)
63 ٽي قيدي (سنڌي فلم)
64 بيوَس (سنڌي فلم)
65 شهيد (سنڌي فلم)
66 فيصلو ضمير جو (سنڌي فلم)
67 مُورک (فلم)
68 پَلاندُ (سنڌي فلم)
69 ميران جمالي (فلم)
70 جيئي لطيف (فلم)
71 ڪاروماڇي (فلم)
72 درياخان (فلم)
73 مُحب شيدي (فلم)
74 باغي (سنڌي فلم)
75 وڏيرو سائين (سنڌي فلم)
76 الله بچايو (فلم)
77 ملاکڙو (فلم)
78 مسٽرشڪارپوري (فلم)
79 سنڌ جا سپوت (فلم)
80 ڏٺوويندو (فلم)
81 سِجاول (فلم)
82 ڌرتي منهنجي ماءُ (فلم)
83 همٿَ (سنڌي فلم) 1970 محمد شيخ

هاڻوڪو دور

سنواريو

اڳوڻي صدر پريز مشرف جي دور ۾ پاڪستان ۾ نوان نجي ٽي وي چينل کُلڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ پوءِ سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ نئين دور ۾ داخل ٿي، سنڌي ٽي وي چينل کُلڻ شروع ٿيا جِن ۾ ڪي ٽي اين ٽي وي، سنڌ ٽي وي، آوزا ٽي وي، ڪشش ۽ ٻيا خبرن جا چينل کُليا. ڪي ٽي اين ٽي وي ۽ سنڌ ٽي وي پاران سنڌي ٽيلي فلمون ٺاهيون ويون آهن.

جديد دور جون سنڌي فلمون

سنواريو
  • پيار ڪري ڏس (فلم) ، پروڊيوسر منگهارام هرواڻي 2007 ۾ 1 ڪروڙ جي بجيٽ سان هيءَ فلم ٺاهي.[8]

سنڌي فلمي ستارا

سنواريو

پڻ ڏسندا

سنواريو

ٻَاهِريان ڳنڍِڻَا

سنواريو
  1. "سنڌي فلمون پسمنظر ۽ تاريخ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-09-30. 
  2. ڪتاب سنڌٽاڪيز (سنڌي فلمن جي ڪٿا)، ليکڪ محمود مغل
  3. https://tribune.com.pk/story/1580713/4-first-sindhi-feature-film-works-since-cinema-revival/
  4. Salman, Peerzada. "Book launched to preserve half a century of Sindhi films". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  5. Newspaper, From the. "Mushtaq Changezi passes away". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  6. https://tribune.com.pk/story/344165/transitions-mushtaq-changezi-the-dilip-kumar-of-sindhi-cinema-dies-at-70/
  7. 7.0 7.1 https://fp.brecorder.com/2018/10/20181016415501/-[مئل ڳنڍڻو]
  8. "Sindhishaan - Sindhi Film Industry". www.sindhishaan.com. حاصل ڪيل 2020-01-11. 
  9. Newspaper, From the. "Career highlights of film star Chakori". DAWN.COM. حاصل ڪيل 2020-01-11.