انور سولنگي

پاڪستاني اداڪار

انور سولنگي (1944–2008) پاڪستان ٽي وي ۽ ريڊيو جو ڪلاڪار هو. هن جو جنم سال 1944 ۾ نوابشاهه ڀرسان شهدادپور، سنڌ ۾ ٿيو. 1960 جي ڏهاڪي ۾ هن پنهنجي ڪلاڪاري واري ڪيرئير جي شروعات ريڊيو پاڪستان تان ڊراما آرٽسٽ ۽ ميزبان (اينڪرپرسن) طور ڪئي، ۽ کيس مقبوليت 1974 ۾ پاڪستان ٽيليويزن جي ناٽڪَن وسيلي ملي. سندس پهريون مقبول ناٽڪ رنگ انڪوائري آفيسر هيو. ديوارين ڊرامي ۾ هن جو ڪردار مکڻ خان هيو. سندس خدمتن جي عيوض کيس 2010 ۾ پاڪستان جو سول ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس مليو هيو. [1]

مشهور ٽيليويزن ڊراما سنواريو

هن ٽي وي ۽ ريڊيو تي انيڪ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. سندس مشهور ناٽڪن ۾ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾

  • ”راني ڪي ڪهاني“،
  • ”ڇوٽي سي دنيا“،
  • ”ديوارين“،
  • ”جنگل“،
  • ”هوائين“
  • ۽ ”ماروي“ شامل آهن.

وفات سنواريو

انور سولنگي 4 اپريل 2008ع تي 64 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچي ۾ پرلوڪ پڌاري ويو ۽ سندس مڙهه کي سخي حسن قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو ويو.[2]

حوالا سنواريو

  1. Zardari confers civil, military awards on Pak Day آرڪائيو ڪيا ويا July 14, 2010, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Daily Times 24 March 2010. Retrieved 31 January 2011
  2. انور سولنگي : (Sindhianaسنڌيانا)