شفيع محمد شاھ (انگريزي ٻولي: Shafi Muhammad Shah) (جنم: 7 سيپٽمبر 1949، وفات: 17 نومبر 2007) ريڊيو پاڪستان، ٽيليويزن ۽ فلمي دنيا جو مشھور اداڪار ھو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فني سفر جي شروعات ڪئي. ساڳئي وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽر ڊگري حاصل ڪيائين. انکانپوءِ حيدرآباد ڇڏي ڪراچيءَ لَڏي ويو.[1]

شروعاتي زندگي ۽ پيشو سنواريو

شفيع سنڌ جي شھر ڪنڊيارو ۾ جنم ورتو. ھن فنڪار کي پاڪستان ٽيليويزن تي پروڊيوسر شھزاد خليل متعارف ڪرايو. ھن ڪيترن ئي سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ ملڪ جي وڏن اداڪارن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو. ھن لڳ ڀڳ 30 سال فن جي دنيا کي ارپيا ۽ 150 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ حصو ورتو. 1985ع ۾ سندس فن جي مڃتا طور پاڪستان ٽيليويزن طرفان کيس ايوارڊ ڏنو ويو.[حوالو گھربل] ھن صدارتي ايوارڊ پرائڊ آف پرفارمنس پڻ حاصل ڪيو. ھي فنڪار 17 نومبر 2007ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.سندس ڊرامن جي ھڪ نامڪمل فھرست ھيٺ ڏجي ٿي:

  • آنچ،بند گلاب، چاندگرھن، دائري، ديوارين، جنگل، آدم حوا اور شيطان، زينت، ڪالي ڌوپ، مارئي، محبت خواب ڪي صورت، منت، تپش، تيسرا ڪنارا، زھر باد ۽ الزام.[2]

حوالا سنواريو

  1. "شفيع محمد شاهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-05-17. 
  2. "اداڪار شفيع محمد جي شخصيت ۽ فن کي ڀيٽا:طارق عزيز شيخ". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-05-17.