تعارف سنواريو

اداڪارا روشن عطا 1940ع ۾ آغا دلمراد جي گهر شڪارپور ۾ اک کولي. هن جي والدا ڊاڪٽرياڻي فيروز جان 1990ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ننڍپڻ ۾ هن جو پورو خاندان سعودي عرب شفٽ ٿي ويو هو، هن جي عمر ان وقت 7 سال هئي. هي اتي 6 سال رهي ۽ هن 6 حج به ڪيا. سورھن 16 سالن جي عمر ۾ هن جي شادي پنهنجي ماسات عطا محمد سان 1958ع ۾ ٿي، ان مان هن کي 8 ٻارن جو اولاد ٿيو پر مختلف وقتن تي هن جا 5 ٻار خدا کي پيارا ٿي ويا، جن مان هڪ ڌيءَ شگفته پاڻ پي ٽي وي تي ڪم ڪري چڪي آهي. هن اسٽيج ڊراما به ڪيا، انهن جي ڊائريڪشن ڏني ۽ ڪجهه ڊراما لکيا به. اداڪارا ==روشن عطا جون سنڌي فلمون== ”ڌرتي دل وارن جي“،

”فيصلو ضمير جو“،
”ڌرتي لال ڪنوار“، 

”ڌرتي ۽ آڪاش“، ”حاضر سائين“، ”رت ۽ اجرڪ“،

”اُميد“،
”ڦل ماڇي“،
”طوفان گهونگهٽ لاءِ ڪنوار“،
”مورک“
۽ ٻيون شامل آهن،
==ڊرامن ۾ هن اداڪاري ڪئي،== 

انهن ۾ ”گامون سچار“، ”گهر ڀاتي“، ”آس“، ”زندگي اولڙا“،

”بُري هن ڀنڀور ۾“،
”جياپو“،
”ماروي جنگل“، 

”تپش“، ”چار مسافر“،

”سير سوا سير“ ۽ ٻيا شامل آهن،

روشن عطا سنڌ جي وڏن آرٽسٽن مان هڪ هئي ۽ سندس خال ڀرجڻ مشڪل آهي. سنڌي فلم، ٽي وي، اسٽيج ۽ ريڊيو جي تاريخ ۾ مرحوما روشن عطا جون فني خدمتون هميشه نمايان رهنديون، هن فنون لطيفه جي انهن سڀني شعبن کي هڪ ماءُ وانگر پاليو، ۽ هر فنڪار ۽ پروڊيوسر کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهيو. سنڌي فلمون جيتريون به ٺهيون، تقريبا گهڻين ئي سنڌي فلمن ۾ پاڻ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. جيئن ته هوءَ وڏي ملنسار، مهمان نواز ۽ خوبصورت پڻ هوندي هئي، ان ڪري فن جي شعبي جي هر فرد سان هن جو پيار هوندو هو. هوءَ جڏهن ڪراچي شفٽ ٿي آئي ته اتي به ريڊيو، اسٽيج ۽ سنڌي فلمن ۾ ڪئين يادگار ڪردار ادا ڪيائين. بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ به ڪريڪٽر ايڪٽر جا رول، اڪثر روشن عطا کي ئي نصيب ٿيندا هئا. هزارن جي تعداد ۾ ڪراچي ٽيليويزن جي اردو سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين. جڏهن ته سندس، پنھنجي همعصر فنڪارائن اداڪارا مرحومه شهزادي، قمرالنساءِ هڪڙو، بينا (نجما ڪاوش جي والدا)، ممتاز ڪنول وغيرھ سان فني مقابلو پڻ هوندو هو. ساڳئي وقت جڏهن ٽي وي جا پرائيويٽ ڊراما شروع ٿيا ته هن به پنهنجو پروڊڪشن هائوس کوليو. ان جي ذريعي ڊراما ٺاهڻ جون ڪوششون پڻ ڪندي رهي. جيڪي پڻ اڻ پوريون رهجي ويون. پاڻ ڪافي سالن تائين ڪئين ڪردار ادا ڪيا، پي ٽي وي ايوارڊ يافتا روشن عطا، هڪ اسڪول ۽ هڪ ادارو هئي. هوءَ هر نئين ايندڙ فنڪار ۽ فنڪارا جي بي حد همت افزائي ۽ پذيرائي پڻ ڪندي هئي، اڪثر فنڪارن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ سندن ڀرپور ساٿ پڻ ڏيندي هئي. ساڳئي وقت جڏهن به ڪراچي جي فنڪارن جو ڪو احتجاج هوندو، هو ته هوءَ هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ هوندي هئي. روشن عطا جيتوڻيڪ سنجيدا چهري جي مالڪ هئي پر منهنجي مزاحيا خاڪن جي پروگرامن ”رس چس“ ۽ ”کل ڀوڳ“ ۾ جيڪا خوبصورت اداڪاري ڪيائين سا اڄ به رڪارڊ تي موجود آهي. سندس جوڙي گهڻو ڪري نور محمد لاشاري، انور سولنگي ۽ يعقوب ذڪريا سان بي حد مقبول هوندي هئي. اڄ به هر پروڊيوسر ۽ هر اداڪار کي مرحوما جي ڪمي هر وقت محسوس ٿيندي رهندي آهي. جيڪڏهن سندس ڄمڻ کان مرڻ تائين جدوجهد، فني سفر، نامور ڪردارن جو ذڪر ڪجي ته سندس اڻ کٽ محنت جو حق ادا ئي نه ڪري سگهبو. جيئن ته مرحومه، اسانجي سنڌي فن جي تاريخ جو هڪ اهم باب هئي، جيڪڏهن ڪراچي ٽيليويزن ۽ ثقافتي ادارا، مرحوما جي فني پورهيي تي ڪي پروگرام پيش ڪن، ۽ ڪا سندس ورسي ملهائين، ته اڄ جي ڏسندڙن ۽ فنڪارن کي مرحوما جو فني پورهيو، ڪنهن اسڪول ۽ يونيورسٽي کان گهٽ ڏسڻ ۾ نه ايندو.