تاج جويو
سنڌ جو ناميارو اديب ۽ شاعر تاج جويو، سندس پورو نالو، تاج محمد ولد حاجي جويو آهي. هن 6 سيپٽمبر 1954ع تي تعلقي سڪرنڊ (هاڻي دولتپور) ضلعي نوابشاھہ (هاڻي بينظير آباد) جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’پير ڪولاچيءَ‘ ۾ جنم ورتو.
تاج جويو | تاج محمد ولد حاجي جويو | |
---|---|---|
پيدائش | 06 سيپٽمبر 1954ع تعلقو سڪرنڊ پراڻو نوابشاھ | |
قوميت | سنڌي | |
تعليم | ايم.اي سنڌي | |
مادر علمي | سنڌ يونيورسٽي | |
پيشو | شاعر، سماج سُڌارڪ، سياستدان، محقق
استاد، اديب، عالِم فاضِل |
تعليم
سنواريوپهريون ڪلاس گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن (تعلقي ڪوٽڙي، اڳوڻي ضلعي دادو) مان پاس ڪري، باقي پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ’پير شاهنواز‘ (پير ڪولاچيءَ) مان حاصل ڪيائين. ڇهين ڪلاس کان نائين ڪلاس تائين ڊي سي (ناز باغ) هاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ پڙهيو، جتان مِڊل اسٽئنڊرڊ جو امتحان موري سينٽر تي ڏنائين ۽ ضلعي ۾ پهريون نمبر حاصل ڪري، اسڪالرشپ کٽيائين. مئٽرڪ جو امتحان وري اباڻي شهر سن (تعلقي ڪوٽڙيءَ) مان 1970ع ۾، ڪوٽڙي سينٽر تان ڏنائين. هن جو ارادو ڊاڪٽر ٿيڻ جو هو، پر مائٽ غريب هئڻ ڪري سندس خرچ ڀري نہ سگهيا ۽ هن 1971ع ۾ سڪرنڊ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾، اسڪالرشپ وارن پئسن مان، ايس. وي (سينيئر ورنيڪيولر) جي ٽريننگ حاصل ڪري، فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. بي. اي گورنمينٽ سچل سرمست ڪاليج نوابشاھہ مان ۽ ايم. اي (سنڌي) خانگي طرح سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1978ع ۾ پاس ڪري، فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران چانسلر ۽ وائيس چانسلر گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان سواءِ خانگيءَ طرح اديب سنڌي، عالم ۽ فاضل ۾ پڻ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشنون حاصل ڪيائين.
مُلازمتون
سنواريو22 آڪٽوبر 1972ع کان پرائمري استاد طور پرائمري اسڪول طيب لاکي، تعلقي سڪرنڊ ۾ مُقرر ٿيو. مختلف اسڪولن (الهه بخش مري، امام بخش مري، مجيد ڪيرئي ۽ مشائخ مڊل اسڪولن) ۾ پڙهائڻ بعد، ڪجهه عرصو گورنمينٽ اڳوڻي ڊي. سي هاءِ اسڪول ۽ هاڻي ايڇ. ايم. خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھہ ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر طور پڙهايائين ۽ هڪ سال ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول سوسائٽي نوابشاھہ (خانگي) ۾ 16 گريڊ ۾ اُستاد طور پڻ پڙهايائين ۽ اُن اسڪول جي باني استادن مان آهي. تاج جويو 1982ع ۾ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ ليڪچرار مُقرر ٿيو ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ جنوري 1984ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج مٺيءَ ۾ ليڪچرار ٿيو. اُتان 1986ع ۾ گورنمينٽ سائنس ڪاليج سڪرنڊ، اُن بعد 1988ع کان گورنمينٽ سٽي ڪاليج حيدرآباد، گورنمينٽ ڪاليج ڪوٽڙي ۽ بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. 1996ع جي آگسٽ مهيني ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور سندس ترقي ٿي ۽ سيپٽمبر 1997ع کان سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مُقرر ڪيو ويو. پنج سال سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ ٽن چيئرمينن حميد سنڌي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر قاسم ٻُگهيي سان گڏ ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻُگهيي سان ڇھہ مهينا ڪم ڪرڻ بعد واپس گورنمينٽ ڪاليج قاسم آباد ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور درس تدريس ۾ مشغول رهيو ۽ تازو ڊاڪٽر فهميده حسين جي دور ۾ کيس ٻيو ڀيرو 10 نومبر 2008ع کان سنڌي لئنگئيج اَٿارٽيءَ جو سيڪريٽري مُقرر ڪيو ويو هئو.[1] بعد ۾ هو سنڌي لغات بورڊ جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ٿيو جتان هن ذاتي سبب ڄاڻائي استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. هن مهل هو حيدرآباد ۾ رهي ٿو.
ادبي سفر
سنواريوسندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ (اياز گل سان گڏ) 1978ع ۾ ڇپيو، جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ، سال جو شاعريءَ جو بهترين ڪتاب قرار ڏيندي، انعام ڏنو.
ڪتاب
سنواريوان کان پوءِ سندس ڇپيل ڪتابن (طبعزاد ۽ ترتيب) جو تفصيل هن ريت آهي:
- (1) ’دنيا جون انقلابي عورتون‘ (ترجمو)
- (2) ’سنڌي گيت‘ (ايم. اي سنڌيءَ جو مونو گراف: 1978ع)
- (3) ’قوم چوي ٿي ٻول‘، (استاد بخاري: شخصيت ۽ شاعري)
- (4) ’نيڻ مهٽي خيال جاڳيا‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس-1)
- (5) ”باهيون بيراڳين جون‘ (ڪلاسيڪي شاعريءَ جو اڀياس)
- (6) ’تلسين جي سرهاڻ‘ (جديد سنڌي شاعريءَ جو اڀياس- ii)
- (7) ’جر ۾ ٿو جرڪان‘ (شيخ اياز جي لطيف کي ڀيٽا: 1998ع)
- (8) ’سنڌ جي تاريخ جو مطالعو‘،
- (9) ’اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي‘ (اخباري ڪالم)،
- (10) ’مان ورڻو هان مان ورڻو هان‘ (شيخ اياز جي شاعري ۽ شخصيت جو اڀياس)،
- (11) ’آسمان جيڏو ڌرتيءَ جو شاعر‘ (شيخ اياز بابت مضمونن جي ترتيب)،
- (12) ’قليچ بيگ‘ (ترتيب)،
- (13) ’ساميءَ تي هڪ نئين نظر‘ (ترتيب)،
- (14) ’ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مثالي انسان‘ (2 ڀاڱا ترتيب)،
- (15) ’عالمن جو آفتاب- علامه غلام مصطفيٰ قاسمي‘ (ترتيب)،
- (16) ’انسان دوست اديب ۽ بيباڪ صحافي- محمد عثمان ڏيپلائي‘ (ترتيب)،
- (17) ’سٻاجهو ساڃهه وند- محمد ابراهيم جويو‘ (ترتيب)،
- (18) ’موحد شاعر- حاجي احمد ملاح‘ (ترتيب)،
- (19) ’ساميءَ ويس سلوڪڙا‘ (شيخ اياز جو ساميءَ کي خراج)،
- (20) ’وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان- نسيم کرل‘ (ترتيب)،
- (21) ’آءُ درازا هل‘ (شيخ اياز جو سچل سرمست کي خراج)،
- (22) ’سُڪل وڻ آءٌ صحرا جو‘ (احسن الهاشميءَ جو ڪلام: ترتيب)،
- (23) ’سنڌي آيا سنڌ ڏسڻ‘ (هند جي اديبن جو تعارف:2004ع)،
- (24). سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال (2009ع)،
- (25) ’دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت‘ (نياز همايونيءَ جي شاعري: ترتيب-2009ع)،
- (26) استاد بخاري سنڌ جي جوڀن جو شاعر.
- (27) ”کوليء تي چنڊ چمڪيو“ جيل ڊائري 2018.
ان کان سواءِ تاج جويي، شاھہ عبداللطيف جي مختلف سُرن تي تحقيقي مقالن جا هيٺيان ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، جيڪي ثقافت کاتي سنڌ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن:
- (1) ’سُر رپ‘،
- (2) ’شاهه لطيف؛ تحرڪ ۽ تحريڪ‘،
- (3) ’ديسي سيڻ ڪجن‘،
- (4) ’سر سورٺ‘،
- (5) ’حسينيءَ جي هاڪ‘،
- (6) ’سر مومل راڻو‘.
انهن ڪتابن کان سواءِ تاج جويو شيخ اياز جي سموري شعر ۽ نثر کي ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ طرفان 22 جلدن ۾ ترتيب ڏئي رهيو آهي، جنهن ڏس ۾ هن وقت تائين سندس ترتيب ڏنل شيخ اياز جي شاعريءَ جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن، ان کان سواءِ سندس لکيل ۽ ترتيب ڏنل وِيهارو ڪتاب ڇپائيءَ جا مُنتظر آهن.
سنڌي ادبي سنگت
سنواريوان علمي ۽ تحقيقي پورهئي کان سواءِ تاج جويي جو اهم ڪم ”سنڌي ادبي سنگت، سنڌ“ جي تنظيم ڪاري آهي. پاڻ اٺ سال (چار ڀيرا) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل رهيو آهي، تنهن کان سواءِ مختلف سماجي، ثقافتي، تعليمي ۽ ادبي تنظيمن: سنڌ گرئجويئٽس ائسوسيئيشن شاخ سڪرنڊ جو سيڪريٽري (6 سال)، سگا مرڪز جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري، پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن نوابشاهه جو سيڪريٽري ۽ خزانچي، سنڌ پروفيسرس ليڪچررس ائسوسيئيشن جو مرڪزي پريس ۽ ثقافتي سيڪريٽري، سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ جو سيڪريٽري، لوڪ ورثي اسلام آباد ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي صلاحڪار بورڊن جو ٽن سالن لاءِ ميمبر، ’شيخ اياز چيئر‘ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو ٽي سال ميمبر، آغا خان يونيورسٽي جي سنڌي ٻولي پئنل جو ميمبر، سنڌالاجيءَ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر (6 سال)، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽيءَ جو مستقل ميمبر آهي.
مڃتائون
سنواريوکيس علمي ادبي خدمتن جي مڃتا طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ايوارڊ (بهترين شاعري: ”سوچون سرها گل“)، سنگت ايوارڊ 1997ع، ۽ 1999ع، (تنقيد ۽ تحقيق)، شاھہ لطيف آرٽ سرڪل موري ۽ سڪندر آرٽ گئلري، نواب شاھہ طرفان ايوارڊ، اسٽوڊنٽس زون ايوارڊ، (ٽنڊي ڄام يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران ادبي خدمتن تي)، ع. ق. شيخ اوارڊ، ڪاروانِ ادب سنڌ پاران ٻہ ڀيرا ايوارڊ (تحقيقي ادب)، سچل سرمست ايوارڊ، شاھہ لطيف ايڪسيلنس ايوارڊ، حمل فقير ايوارڊ، شيخ اياز مَڃتا شيلڊ، تنوير عباسي ايوارڊ، اُستاد بخاري ايوارڊ، بيدل ايوارڊ، انيس انصاري ايوارڊ، اُڏيرو لال ايوارڊ ۽ ٻيا ڪئين ايوارڊ ملي چُڪا آهن. [2]
حوالا
سنواريو- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
- ↑ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي تاج جويو صاحب جو پروفائيل., وقت 2020-10-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-27