پروفيسر احسان بدوي، سنڌي ٻوليءَ جو اديب، شاعر ۽ نقاد ھو. پاڻ سنڌي جي اديب ۽ اهل قلم، پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس پيدائش مارچ 1926ع ۾ شڪارپور ۾ ٿي. هن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو سلسلو، سندس والد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو.[1]

ابتدائي ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، سي. اينڊ ايس. (چيلاسنگهہ بجاج اينڊ سيتلداس) گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.

1946ع ۾، جڏهن اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن تہ ان ڪاليج جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ حڪومت، پنھنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي زور رکيو تہ اهي ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي. اي آنرس فارسيءَ ۾، سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.[1]

خدمتون

سنواريو

تعليم دوران، شمس العلماءِ علامہ دائودپوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي. اي پاس ڪري سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلرڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينيئر ڪلرڪ بڻيو. علم ۽ ادب سان چاھ هئڻ جي ڪري اردوءَ ۾ ايم. اي پاس ڪيائين. هيءُ پھريون سنڌي شاگرد هو، جنھن اردوءَ ۾ ايم. اي ڪئي هئي. ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پڻ ايم. اي ڪيائين.

آخرڪار، پنھنجي شفيق استاد، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ (اڳوڻي پرنسپال ايس. ايم، ڪاليج ڪراچيءَ) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خيرآباد چئي، ايس. ايم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو، جتي 15 سال خدمت ڪيائين.[1]

ادب ۾ حصو

سنواريو

احسان بدوي سنڌي ادبي سنگت سان بہ وابستہ رهيو. تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس ڪتاب[1]:

  1. ’تنقيد ۽ تنقيدنگاري‘،
  2. ’ڊان ويسٽ‘،
  3. ’انقلاب جو فلسفو‘،
  4. ’منتخب ڪلام سانگي‘
  5. ’سانگي‘ فن ۽ شخصيت، اهم آهن.

سندس انداز بيان سليس، سادو، عمدو ۽ اثرائتو هو.

هن هڪ ناگھاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ 22 نومبر 1965ع تي وفات ڪئي.[1]