روٽِي يا ماني کاڌي جي بنادي شڪل آھي، جنھن کي مختلف اناج جھڙوڪ ڪڻڪ، جون، جوئر، چانورن وغيرہ جي اٽي مان پچايو ويندو آھي. عام طور تي اٽي ۾ پاڻي وجهي، ان کي ڳوھي، ان جا پيڙا ٺاھي، انهن کي ٿڦي سڌو ڪري مانيءَ کي تئي تي گرم ڪري پچايو ويندو آھي. مانيءَ ۾ وڌيڪ ذائقي لاءِ لوڻ، تيل، مصالحا، وغيرہ بہ شامل ڪري سگهجن ٿا. جڏھن تہ ان کي پچائڻ لاءِ تئي کان علاوہ تندور يا اوون جو بہ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ۽ اھو بہ لازم ناھي تہ روٽي سڌي ھجي، اھا ڦوڪيل ۽ ڊگهي بہ ٿي سگهي ٿي. پچائڻ کانپوءِ ان مٿان مکڻ، ماکي، تر وغيرہ بہ ھنيا ويندا آھن. البتہ عام کاڄ ان جو ٻوڙ سان ھوندو آھي.

پنڊي ۾ پيل تيار روٽي