تئو بنيادي طور تي لوھ مان ٺھيل ھڪ گول ھلڪي گٻ واري پليٽ ھوندي آھي. ان کي عام طور روٽي پچائڻ يا ٻيا کاڌا، جھڙوڪ پٽاٽا، مڇي، ڪباب وغيرہ ترڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. توا مختلف ماپن ۽ شڪلين جا ٿي سگهن ٿا. گڏوگڏ لوھ سان گڏ ٽين ۽ ٻين ڌاتن مان بہ تيار ڪيا وڃن ٿا. تون جو استعمال ڏکڻ ايشيا، وچ اوڀر، وچ ايشيا، ترڪي، آفريڪا جي ڪجهہ حصن ۽ دنيا جي ٻين ھنڌن تي ڪيو وڃي ٿو.

تئي کي پڪڙڻ لاءِ ڳن بہ ٿي سگهي ٿو