سوڍا: راجپوت آھن، جي ٿرپارڪر جي پاسي رھندا آھن. انھيءَ جا سردار راڻا سڏبا آھن. جڏھين ھنن جو وڏو پارمار سوڍو سنه 1226ع ۾ اُجين مان نڪري عمرڪوٽ تي ڪاھي آيو، تڏھين سومرا سنڌ جي گاديءَ تي ھئا. سنه 1542ع ۾ ھمايون به عمرڪوٽ ۾ ھڪڙي راڻي وٽ اچي پناھ ورتي ھئي. سنه 1859ع ۾ سوڍن فساد ڪيو ھو، جنھن ڪري انگريز سرڪار فساد بند ڪرائي سوڍن جي سردار يا راڻي کي چوڏھن ورھيه قيد ڏنو ۽ سندس وزير کي ڏھ ورھيه.[1]ھن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ سوڍن جي ذات ڇانيل آھي، جيڪا راجپوت ڦريءَ سان لاڳاپيل آھي ۽ پرمار سوڍن جي ڪڙم مان آھي. اٺ سؤ ھزار سال کن پرمار سوڍا اجين ۽ مالوا جي ڀرپاسي جي علائقن تي حڪومت ڪندا ھئا. گھڻو وقت ٿيو جو ڪن اڻ ڄاتل سببن ڪري (ٿي سگھي ٿو تھ ڪي سماجي مسئلا ھجن) پنھنجي ماتر ڀومي ڇڏي، ھٿيار پنھوار کڻي، پنھنجي ڀاڳ آزمائڻ لاءِ ڌارئي ديس ڏانھن نڪري پيا..[2]

حوالا سنواريو

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال;مصنف:ايس اين رئڪس ;مترجم:ڊاڪٽر نواز علي شوق؛ايڊيشن: ٻيون 2007ع؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو