خدا آباد (ثاني) يا خداآباد نئون(انگريزي: Khuda abad (New)) ڪافي تاريخدان خدا آباد ثاني شهر جو پايو وجهڻ جي پڳ ميان سرفراز ڪلهوڙي تي رکن ٿا. ڪجهه محقق وري ان راءِ سان متفق نه آهن. انهن جو خيال آهي ته ان شهر جو بنياد نور محمد ڪلهوڙي رکيو[2]. ڪن هنڌن تي خدا آباد جو باني ميان مرادياب کي بڻايو ويو آهي. ڪي ڄاڻو هن شهر کي خدا آباد ثالث لکن ٿا[2]. تاريخ جي اڪثر ماهرن جو رايو آهي ته ميان سرفراز 1188ھ- ڊسمبر 1774ع ۾ هن شهر کي پنهنجو تختگاهه بڻايو. ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ ڪلهوڙا حڪومت سُٺو نالو ڪمايو. ساڳئي وقت هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪلهوڙا خاندان جي وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي. نتيجي ۾ ڪلهوڙن پنهنجو تخت وڃايو[2]. سنڌ جا حاڪم ٽالپر ٿيا. دين محمد وفائي جو خيال آهي، ته خدا آباد جو بنياد ميان نور محمد ڪلهوڙي وڌو هو، ھن ’لُطف اللطيف‘ جي اٺين باب ۾ ذڪر ڪيو آهي ته: ميان نور محمد ڪلهوڙي هالن لڳ نئين خدا آباد وسائي[2]. ڊاڪٽر گربخشاڻي به هڪ خدا آباد جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ته خدا آباد ۾ ميان نورمحمد ڪلهوڙو حڪومت ڪندو هو. پر هن ڪٿي به ان خدا آباد جي جاگرافيائي هنڌ جو ذڪر نه ڪيو آهي. هو لکي ٿو: شاهه جو ٽيون دشمن ميان نور محمد ڪلهوڙو (1718ع – 1755ع) هو، جيڪو سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مهندار هو. ڪلهوڙا تن ڏينهن ۾ وڏي اوج تي رسيل هئا. منجهن پيري مريدي ٻئي هيون. سندن گادي جو هنڌ خدا آباد هو، جيڪو تڏهن عاليشان شهر ليکبو هو[2].

نئون خداآباد
خداآباد ثاني
تاريخي ماڳ
نئون خداآباد is located in سنڌ
نئون خداآباد
نئون خداآباد
نئون خداآباد is located in Pakistan
نئون خداآباد
نئون خداآباد
جاگرافي بيهڪ: 25°50′11″N 68°23′12″E / 25.83639°N 68.38667°E / 25.83639; 68.38667
ملڪ پاڪستان
صوبو  سنڌ
ڊويزن حيدرآباد ڊويزن
ضلعو مٽياري ضلعو


ڀيرومل مهرچند ان شهر کي خدا آباد نئين سڏيندي لکيو آهي ته؛ خدا آباد جو شهر نون هالن کان ڏيڍ ميل پنڌ تي آهي ۽ ٽنڊي آدم جي اسٽيشن کان ساڍا اٺ ڪوهه کن پري آهي. هي شهر ميان سرفراز خان ڪلهوڙي 1774ع ڌاري ٻڌايو هو[2]. انهيءَ کان اڳ ڪلهوڙن جو تختگاهه دادو وارو خدا آباد جو شهر هو . علي محمد سيال، عطر خان ولد ميان نور محمد خان جي ڪتاب ”نگيران سنڌ“ ۾ ھيٺين اقتباس جو ذڪر ڪيو آهي:

چون پدرم بزرگوار خيال کرد که پکي ميانوالي نزده موريا (موره) تعمير کنند، شيخ نجيب الدين کبير ۽ افرمود که برو ولنو خدا آباد نزديکه مخدومان ما هاله کنده تعمير کنند که آن بهتر باشده. انهيءَ مان هي مطلب نڪري ٿو ته: شيخ نجيب الدين ڪبير منهنجي والد بزرگوار کي حُڪم ڏنو ته هالا ڪنڊيءَ جي ڀرسان نئون خدا آباد وڃي اَڏ.[2]

خدا آباد ثاني کي تخت گاھ بنائيندڙ سرفراز ڪلھوڙو ئي هو. اھڙي ڪابہ ثابتي نہ ملي آھي تہ: هن خدا آباد شهر وٽ ميان سرفراز ڪلهوڙي جي تختگاھ بنائڻ کان پھريائين به ڪا وسندي آباد هئي، ڇو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ به هن شھر جو ذڪر مائي گلان جي حوالي سان ملي ٿو. ميان نورمحمد جي وفات 1753ع ۾ ٿي آهي. جيئن ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙو، نور محمد ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جو پُٽ هو. ميان غلام شاهه 1153ھ- 1740ع ۾ يرغمال ٿي پنهنجن ڀائرن سميت نادر شاهه سان ايران ويو، جتي اٺ سال گذاري 1163ھ (1749ع) ۾ واپس وريو[2]. ميان نور محمد جي وفات بعد ميان غلام شاهه 1762ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو ۽ 1772ع ۾ وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح رڳو غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ مرڻ وارو عرصو ٻٽيهه سال بيهي ٿو[2]. جيئن ته خدا آباد شهر جو بنياد غلام شاهه جي مرڻ کان ٻه سال پوءِ 1774ع ۾ رکيو ويو، جنهن ڪري غلام شاهه جو ايران وڃڻ ۽ خدا آباد جو تختگاهه بنجڻ وارو عرصو چوٽيهه سال بيهي ٿو. ان مهل تائين مائي گلان جيڪڏهن جيئري هجي ها ته اها پيريءَ ۾ پير پائي چُڪي هجي ها[2]. گلان کي ايتري وڏي عمر ۾ خدا آباد تخت بنجڻ يعني 1774ع کان پوءِ اُتي ڪوٽ ٺهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. ان مان لڳي ٿو ته هتي اڳ ئي ڪو شهر آباد هو. مائي گلان ان کي سرفراز ڪلهوڙي جي تخت گاهه بنائڻ کان اڳيئي ڪوٽ جوڙايو ويٺي هئي.هونئن به ارضيات جا ماهر هن علائقي کي سترهين صدي جي شروعات کان وٺي زرخيز ۽ آبادي وارو سڏين ٿا. ارضيات جا ماهر 1550ع کان وٺي 1700ع کي ٿڌ وارو زمانو چون ٿا. ان دور ۾ هماليه جبل تي برف ڳرڻ ۾ رڳو پندرهن کان ٽيهه ڏينهن دير ٿي وئي. تنهنڪري درياهن ۾ پاڻي گهٽجي ويو[2]. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[3] “ ارضيات جي ڄاڻن جي ان راءِ مان ظاهر آهي ته ان دور ۾ درياهه سنڌ ۾ گهڻي پاڻي جي موجودگيءَ ڪري سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج ٻيڻو ٿي ويو. ساڳئي وقت ان عرصي دوران سنڌ جي آدمشماري به ٻيڻي ٿي وئي. جنهن ڪري ڪلهوڙن کي نوان شهر آباد ڪرڻا پيا. جنهن ۾ خدا آباد نيئن به شامل آهي. هاڻوڪي وقت ۾ به هالن جي ڀرسان خدا آباد ثاني شهر جا ڦٽوڙا ڪوٽ جا آثار ۽ قبرون خدا آباد جي تاريخي اهميت ٻڌائين ٿيون. ان تاريخي شهر جي باقي بچيل آثارن جي باري ۾ مختلف محققن پنهنجو اظهار هن ريت ڪيو آهي[2].

خدا آباد جا کنڊر

سنواريو

هي کنڊر ڪيپٽن ووڊ 36 -1835ع ڌاري ڏٺا هئا. هو ٻڌائي ٿو ته: خدآباد جا کنڊر هالا کان اتر-اولهه طرف اٽڪل ٽن ميلن ۾ پکڙيل آهن[2]. هي جڳهه ٽالپرن جي دلپسند رهائشگاهه هئي ۽ منجھس ڪيترن ئي ٽالپري حڪمراني جو پايو وجھندڙ فتح علي خان ۽ سندس ڀاءُ غلام علي خان دفن ٿيل آهن[2]. ڀر واري مزار ۾ بهرام، بجار ۽ صوبدار ٽالپر گھراڻي جا مک دفن ٿيل آهن، جن ڪلهوڙن جي پوئين حڪمران جا بي انتها انتقامي ظلم سٺا[2]. مير فتح علي جو مقبرو ننڍو پر صاف آهي ۽ ڳاڙهي رنگ جي پٿر سان جوڙيل آهي. سنگ مرمر جو ڪم دعا واري جاءِ تي قبر جي سامهون ٿيل آهي[2]. ٻيا مقبرا هن کان وڌيڪ سادا آهن. ٽي سردار هڪ ساڳئي قلعي تي دفن ٿيل آهن. سندن قبرن کي ٺُلهن واري جاءِ تي ٺهيل رانڪن سان ڍڪيو ويو آهي[2]. خدآباد ۾ مٿي ڄاڻايل رانڪون ئي بچي ويون آهن.باقي ٻي اهڙي ڪا به جاءِ نه آهي، جيڪا سڄي ساري سلامت رهي هجي. ٽيهارو سال کن کان گذريو آهي، (هاڻي هڪ سو پنجويهه سال ) جو هي آدم شماري ۽ پکيڙ جي لحاظ سان حيدرآباد جي مقابلي جو شهر سمجھڻ گھرجي. سنڌ جون عمارتون ڏاڍيون جلد ۽ تباه ٿيندڙ آهن[2].

اليگزينڊر برنس، ليفٽيننٽ ليچ، ڊاڪٽر لو ۽ ، ليفٽيننٽ ووڊ 1835ع کان 1837ع تائين هندستان جي باري ۾ برٽش انڊيا کي رپورٽون پيش ڪندو رهيو. انهن رپورٽن کي نظر ۾ رکي ايڊورڊ ٿارنٽن هڪ گزيٽيئر 1844ع ۾ شايع ڪيو. جنهن ۾ خداآباد جو احوال هن انداز سان ڪيو آهي[2]:

حيدرآباد کان ٽيهه ميل اتر ۽ سنڌوءَ کان ڏهه ميل اوڀر ۾ هڪ اجڙيل شهر آهي. ٽيهن سالن کان ٿورو اڳ هن شهر پکيڙ ۽ آدم شماري ۾ حيدرآباد سان ڪُلهو ٿي هنيو. هاڻي هڪ به وسندڙ آباد گھر ڪونهي. کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي[2].

ٿارنٽن اڳتي لکي ٿو ته:

1844ع ۾ ڪا به عمارت رهڻ لائق ڪانه رهي هئي. مير فتح علي خان جو مقبرو ڪنهن به طرح ننڍڙو ڪونه آهي. اهو حيدرآباد ۾ مير ڪرم علي خان جي مقبري جيترو ۽ ڪاشيءَ جي خوبصورت سرن سان سينگاريل آهي.[2]

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي 1923ع کان خداآباد جو حال ٻڌائي ٿو ته: 1814ع تائين هي نئون شهر اهڙو وسيل هو، جهڙو حيدرآباد جو شهر انهي سال هو. پر 1844ع ڌاري هن خداآباد جو اهڙو حال ٿيو جو منجهس نالي لاءِ هڪ گھر به نه بچيو[2]. هن وقت (1923ع کان اڳ) خدا آباد جو شهر ماٺيڻن جو قبرستان هو[2]. مولائي شيدائي به خدا آباد ثاني جي تختگاهه ٿيڻ ۽ کنڊرن ۾ تبديل ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي: هالن کان ڏهه ميلن جي مفاصلي تي خدا آباد جو شهر هو،جيڪو ميان سرفراز خان اباڻي تختگاهه جي يادگار طور تعمير ڪرايو هو. مير بجار خان جڏهن مڪي کان موٽيو هو ته ان زماني ۾ ٽالپر هن شهر ۾ رهندا هئا[2]. ٿارنٽن جو بيان آهي ته خدا آباد جو وڏو شهر هو، جيڪو 1814ع ۾ ويران ٿي ويو. سندس نشان ٻن چورس ميلن ۾ اڃا تائين بيٺل آهن[2]. اسان کي برطانيا سرڪار جي مختلف رپورٽن مان خبر پئي ته انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيا،ان وقت خدا آباد شهر ۾ رڳو هڪ سو گھر آباد هئا. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا[2]. پروفيسر محبوب علي چنه خدا آباد ثالث جي قبرستان جو احوال ڪندي پڇاڙي ۾ ڪوٽ لاءِ ٻڌايو آهي، ته هن مقام جي اتر اولهه ۾ سڏ ٻن جي پنڌ تي ’گلان جو ڪوٽ‘ جا نشان بيٺل آهن،جنهن ۾ سنڌ جي روحل راڻي وڏي ناز ۽ انداز سان پنهنجا شاهاڻا ڏينهن گھاريندي هئي[2]. ”معلوم ٿيو آهي ته مقبري توڙي ڪوٽ جي سنڀال لاءِ پوين مير صاحبن پنهنجي هڪ جھوني وفادار شيدياڻي مائي زهره کي مقرر ڪيوهو، جنهن پنهنجن پوين پساهن تائين اتي رهي وفاداري ۽ صداقت جو ثبوت پڻ ڏنو[2]. مرزا عباس علي بيگ به خدا آباد نئين جو احوال هن ريت ڪيو آهي؛ ميان سرفراز خان ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اتر طرف خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي ان کي پنهنجو تختگاھ مقرر ڪيو هو[2]. هي شهر ستن سالن جي ايراضي ۾ هو ۽ ان وقت ٺٽي کان پوءِ هي ٻيون نمبر وڏو شهر هو[2]. ٽالپر امير به لڏي اچي هن شهر ۾ رهڻ لڳا.هي شهر 1772ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1814ع ۾ ويران ٿيو.سندس کنڊر ٻن چورس ميلن ۾ آهن[2].

تباھي جا ڪارڻ

سنواريو

ايتري ٿوري عرصي ۾ خدا آباد شهر جي تباهه ٿيڻ جا ڪارڻ جتي گھرو لڙايون ۽ ٻاهرين جا حملا هئا، اتي اقتصادي ۽ قدرتي عنصرن به ان شهر کي ويران ڪرڻ ۾ حصو ورتو[2]. جيئن ته سترهين ۽ ارڙهين صدي دوران سنڌوندي پنهنجي هالن جي ويجھو پراڻو رُخ تبديل ڪرڻ شروع ڪيو هو، جنهن رستي تي اهو پنج سؤ سالن تائين وهيو هو. ان تبديلي ڪري هالن جي آسپاس لکين ايڪڙ زمين غيرآباد ٿيڻ شروع ٿي[2]. ايم.ايڇ. پنهور ان لاءِ لکي ٿو ته: 1758ع ۾ درياءِ پنهنجو وهڪرو بدلايو ته ڏهه لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي. گھرو ويڙهه شروع ٿي وئي، جيڪا پنجويھ سالن تائين جاري رهي[2]. ڪلهوڙن کان ٽالپرن حڪومت کسي ورتي، پر وري ٿڌ وڌڻ ڪري درياءَ ۾ پاڻي گھٽ رهيو ۽ رڳو ٿورا نوان واھ ٺهيا ۽ نئين زمين جي آبادي ۾ معمولي اضافو ٿيو. اهڙي طرح خدا آباد نئين جي آسپاس به زمينون ويران ٿيڻ ڪري ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪئي ۽ آهستي آهستي هڪ وسيل شهر ڀڙڀانگ ٿي ويو[2].

کنڊرن جو خاتمو

سنواريو

اسان جڏهن خدا آباد ثانيءَ شهر جا ڪي به آثار ڪافي ميسارجي چڪا آهن. ماڻهن ڪلهوڙن جي ان تخت گاهه کي ڀڃي ڀوري پوکي شروع ڪئي آهي[2]. ان پراڻي خدا آباد شهر جي ڀرسان هڪ نئون ڳوٺ ساڳئي نالي سان آباد ٿي ويو آهي. خدا آباد جو اوائلي ڳوٺ هاڻوڪي وستي کان ڪجهه قدر اوڀر طرف آهي. هاڻوڪو واهڻ ڪافي بعد ۾ آباد ڪيو ويو آهي[2]. مڪاني ماڻهو خدا آباد شهر جي آثارن جي باري ۾ احوال ڪن ٿا ته اُتي ڪافي انگ ۾ جايون جڙيل هيون. اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ به انهن جاين جي اُهڃاڻن جو وجود هو. بعد ۾ ڳوٺاڻن باقي بچيل آثارن کي به ڊاهي اتي پوکي راهي شروع ڪئي[2]. ڪافي مڪاني بزرگن پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندي ٻڌايو ته: اُتي گهڻيون جايون ڪچيون ۽ اوڏڪيون هيون، جتي اسان ڇوڪراڻي وهي ۾ لڪ لڪوٽي ڪندا هئاسين. اُتان جي جهونن کان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته هاڻوڪي ڳوٺ جي اوڀر ڏکڻ پاسي تي ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ مائي گلان جون وڏيون ماڙيون پڻ هيون. جيڪي سندس (مڪاني بزرگ) سانڀر ۾ تباهه ٿي ويون. خدا آباد شهر ۾ انهن ماڙين، مڪانن ۽ بازارن وغيره جا کنڊر ته زمين تان غائب ٿي ويا آهن[2].

  1. https://www.citypopulation.de/Pakistan-Balochistan.html?cityid=11413
  2. 2.00 2.01 2.02 2.03 2.04 2.05 2.06 2.07 2.08 2.09 2.10 2.11 2.12 2.13 2.14 2.15 2.16 2.17 2.18 2.19 2.20 2.21 2.22 2.23 2.24 2.25 2.26 2.27 2.28 2.29 2.30 2.31 2.32 2.33 2.34 2.35 2.36 2.37 2.38 [ اشتياق انصاري؛مقالو:حيدرآباد جا ڪوٽ۽ قلعا; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ]
  3. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}