2007 ڪارساز بم ڌماڪو: جي ورجائن ۾ تفاوت

ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
م JogiAsad چوريو صفحو ڪارساز سانحو ڏانهن 2007 ڪارساز بم ڌماڪو: 2007 ڪارساز بم ڌماڪو 2007 Karsaz Bombing
{{POV}}
ٽيگ: 2017ع ذريعو سنوار
 
سِٽَ 1:
{{POV}}
'''ارڙهن آڪٽوبر''' واري واقعي کي '''ڪارساز سانحو به سڏيو وڃي ٿو. 2007ع ۾ جڏهن محترمه [[بينظير ڀٽو]] اٺن سالن جي جلاوطنيءَ کان پوءِ وطن موٽي هئي ته ڪراچيءَ ۾ پهچڻ کانپوءِ ايئرپورٽ کان -بلاول- هائوس ڏانهن لکن ماڻهن جي ريليءَ ۾ ويندي ڪارساز وٽ مٿس ۽ سندس ساٿين تي خودڪش بمبارن قاتلاڻو حملو ڪيو. -ان- حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ -ٽرڪ- تي سوار -پارٽي- قيادت سلامت رهي، پر محترمه جي استقبال لاءِ آيل هزارين ماڻهن ۽ سندس سيڪيورٽي گارڊن مان 150 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا.
جنهن -ٽرڪ- تي محترمه پنهنجن ساٿين سان سوار هئي، اها خاص طور سندس استقبال لاءِ سمورن بچاءُ وارن اصولن کي سامهون رکي ٺاهي وئي هئي. -ان- ڌماڪي سبب -ٽرڪ- جون دريون ۽ هڪ دروازو اڏامي ويو. اهو سڀ ڪجهه سخت حفاظتي اُپائن جي باوجود ٿيو. اهو هڪ ڀيانڪ منظر هو. چوطرف انساني لاش ۽ عضوا پکڙيا پيا هئا. مري ويلن ۾ ڪيترا -ٻار- هئا. ڪجهه مذهبي انتها پسند گروپن محترمه کي قاتلاڻي حملي جي اڳي ئي ڌمڪي ڏني هئي، پر محترمه بينظير ڀٽو انهن ڌمڪين جي پس منظر ۾ اڳواٽ ئي چئي ڇڏيو هو ته کيس جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته -ان- لاءِ حڪومت جي اندر ويٺل ڌريون ذميوار هونديون. هي ايڏو وڏو شديد ۽ وحشيانه واقعو هو جنهن جي گڏيل قومن جي اداري ۽ دنيا جي حڪومتن پڻ مذمت ڪئي.