[[{{{link}}}|{{{tab}}}]] [[{{{link}}}|{{{tab}}}]] [[{{{link}}}|{{{tab}}}]] [[{{{link}}}|{{{tab}}}]]
انتظاميه

منتظمين (انگريزي ٻولي: Administrators)، عام طور تي منتظم يا سرشتو هلائيندڙ (Sysop (System Operators)) طور سڃاتا ويندا آهن، سي وڪيپيڊيا يوزر هوندا آهن، جِن کي سنڌي وڪيپيڊيا تي ڪجهه مخصوص عمل سرانجام ڏيڻ واسطي کين ٽيڪنيڪي صلاحيت عطا ڪئي ويندي آهي ، بشمول يوزر کاتن ۽ آءِ پي پَتي جي ترميم ڪرڻ کان بندش يا بندش هٽائڻ جا اختيار ڏنا ويندا آهن. منتظم مڪمل محفوظ صفحا ترميم ڪري سگهن ٿا، صفحن کي ترميم ڪرڻ کان محفوظ ۽ غيرمحفوظ، صفحا ڊانهڻ ۽ رَد ڊانهڻ ، صفحن کي ڪنهن به رڪاوٽ کان چوري سگهن ٿا، ۽ ڪجهه ٻيا ٽول اوزار استعمال ڪري سگهن ٿا.

سنڌي وڪيپيڊيا جا اھي صارف جن کي مخصوص طرازي اختيارات عطا ڪيا ويندا آھن، منتظم سڏرائيندا آھن. ھي منتظم ٻين صارفن وانگر رضاڪار ئي هوندا آھن، وڪيميڊيا فائونڊيشن جا پگهار دار ملازم نہ ھوندا آھن. اھڙي طرح ٻين صارفن جي مقابلي ۾ منتظمن سان ڪو امتيازي رويو نہ اختيار ڪيو ويندو آھي، ان جي راءِ ٻي صارف وانگر ئي سمجھي ويندي آهي. في الحقيقت منتظم عام صارفن وانگر ئي هوندا آھن، جن ک وڪي برادري مخصوص مامرن کي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ جمهوري طريقي سان چونڊيندي آهي.

اختيار

منتظمن وٽ ھيٺ ڏنل انتظامي ۽ طرازي اختيار هوندا آھن:

  • ڪنھن عام صارف کي خودڪارپڪ ڪيل يوزر (خاص:يوزر_فهرست) جو درجو ڏيڻ ۽ ان کي گروه کان خارج ڪرڻو.
  • کاتي تي پابندي ۽ نقصان ڪندڙ آءِ پي پتي تي پابندي
  • خاص حالتن ۾ تخريب ڪاري جي خاتمي جي خاطر ڪنھن مخصوص صفحي جو تحفظ/نيم تحفظ ڪرڻ.
  • محفوظ صفحن ۾ ترميم.
  • 5000 هزار يا ان کان گھٽ ترميمن وارن صفحن جي ڊاھ.
  • ڊاھيل صفحن جو مشاهدو ۽ بحالي.
  • ڪنھن بہ گھربل نالي جي طرف صفحي کي چورڻ.
  • صفحن جي مراجعن ۽ اعادن جي ڊاھ.

تحفظ

وڪيپيڊيا جي شروعاتي ڏينھن ۾ سڀ صارف بطور منتظم ڪم ڪري سگھندا ھئا ۽ ان جو ڳجھولفظ ھڪ ئي هوندو ھو. تنھن ڪري وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ بہ تبديلي واقع ٿي آھي ۽ سڀني صارفن کان ھي اختيار واپس وٺي ڪري ڪجھ مخصوص صارفن کي عطا ڪيا ويا آھن.

ھن وقت هي انتهائي اهم آھي تہ منتظمن جي ڳجھولفظ (password) انتهائي مضبوط هو تہ جيئن ڪو ان کي ڪوئي ڀڃي نہ سگھي. منتظم کاتي مان صرف ھڪ ترميم بہ پوري ويب سرزمين جو حليو خراب ڪري سگھي ٿي. جن انتظامي کاتن جو ڳجھولفظ ڀڳو ويو ھجي تہ انھن کان انتظامي اختيار واپس ورتا ويندا آھن.

منتظم پنھنجو ڳجھولفظ يا کاتو ڪنھن بہ حال ۾ ۽ ڪنھن بہ سبب جي ڪنھن کي نہ ٻڌايو. جيڪڏھن ڪنھن منتظم کي ھي محسوس ٿي ان جو ڳجھولفظ يا کاتو ڪنھن صارف يا فرد (جنھن کي ھو ڄاڻندو ھجي ۽ ان تي اعتماد بہ ڪندو آهي) کي معلوم ٿي ويو آهي تہ فوراً ان کي تبديل ڪري ڇڏي، يا عارضي طور تي اداري جي مامورن کان انتظامي اختيار واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي.

منتظم جا معيار

ھڪ عام صارف کي منتظم جي اختيارن بجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ مخصوص معيار طئي ڪيا ويا آھن، ھنن معيارن جي تفصيل جي لاء ڏسو منتظم لاءِ معيار.

نامزدگي ۽ اميدواري

منتظم جا اختيار ڪنھن صارف کي ڏيڻ جي لاءِ يا وٺڻ جي لاءِ وڪيپيڊيا برادري جي رائي شماري گھربل ھوندي آهي. تنھن ڪري منتظم جي لاءِ نامزدگي يا اميدواري جي لاءِ نامزدگي جو صفحي تي وڃي ۽ اتي موجود هدايتن تي عمل ڪريو.

معزولي

جيڪي منتظم ھڪ سال کان غير متحرڪ هجن انهن کي منتظم کا معزول ڪري سگھجي ٿو. غير متحرڪ منتظمن کان انھن جي بحث صفحي تي ۽ برقٽپال تي (جيڪڏھن ھجي) تي ذريعي رابطو ڪيو وڃي ۽ انهن کي اطلاع ڏني وڃي تہ توھان کي ڊگھي عرصي کان غير متحرڪ هجڻ جي ڪري توھان کي منتظم کان معزولي جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آھي.

منتظمن جي معزوليءَ جي درخواست ۽ راءِ شماري شروع ڪرڻ جي اجازت صرف اداري جرئي مامورين کي حاصل هوندي آهي. ۽ معزول ڪرڻ جو اختيار وڪيميڊيا جي ميزبانن (داروغا، عامل) وٽ هوندو آهي. معزولي تي راءِ شماري ٿيڻ کان بعد ميٽا تي مضيفن سان رابطو ڪيو ويندو آهي ۽ راءِ شماري جي نتيجي کان آگاه ڪرڻ کان بعد ان تي عمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي.

رضاڪاراڻا معزولي

منتظم خود پنھنجي معزولي جي درخواست ھتي ڏئي سگھن ٿا. تنھن ھوندي بہ رضاڪاراڻا طور تي معزول ٿيل منتظم ڪنھن بہ وقت :مامورين اداري کي ٻيھر منتظم جي درخواست ڏئي سگھجي ٿي، واضح رهي تہ اھڙي منتظمن کي ٻيھر اختيار تفويض ڏيڻ جي لاءِ راءِ شماري جي ضرورت نہ ھوندي آھي.

منتظمن جي فھرست

سنڌي وڪيپيڊيا تي ھاڻوڪن ۽ اڳوڻن تمام منتظمن جي فهرست جي لاءِ ڏسو فهرست منتظم

پڻ ڏسو