وڪيپيڊيا:خودگشتڪار

خودگشتڪار (انگريزي: Autopatrolled يا Autoreviewerواپرائيندڙ کي ڏنل اهڙو حق آهي، جنهن جي ذريعي سندن تخليق ڪيل مضمون خودڪار نموني ”گشت ڪيل“ ڄاڻايا وڃن ٿا. هي حق اهڙن واپرائيندڙن کي ڏنا ويندا آهن، جن کي وڪيپيڊيا جي پاليسين جي ڄاڻ هجي، سندن تخليق ڪيل مضمون معياري ۽ صاف هجن، ڪنهن واپرائيندڙ کي اهڙو حق ڏيڻ جو مقصد منتظمين جي ڪم ۾ مدد ڪرڻ هجي ٿو.

  • عام عمل: هڪ واپرائيندڙ جيڪڏهن خودگشتڪار جو حق نٿو رکي، ته سندس تخليق ڪيل مضمون خاص:نوان صفحا ۾ پيلي رنگ سان پاڻ مرادو شامل ٿي ويندو آهي. ان کان پوءِ ان صفحي جانچيو ويندو آهي ته اهو وڪيپيڊيا جي معيار تي پورو لهندڙ آهي، ان کان پوءِ ان کي ”گشت ڪيل“ طور ڄاڻيو ويندو آهي.
  • خودگشتڪار: جڏهن ڪو واپرائيندڙ خودگشتڪار جا حق رکي ٿو، ته سندس تخليق ڪيل مضمون پاڻ مراد گشت ٿي ويندو آهي، ان کي وڌيڪ جانچڻ جي ضرورت ناهي هوندي.

حق حاصل ڪرڻ

منتظمين کي اهو حق پاڻ مرادو ملي ويندو آهي، جڏهن تي ڪو واپرئيندڙ اهو حق حاصل ڪرڻ چاهي ته سندس کي اهڙي درخواست جمع ڪرائڻي پوندي، يا هو ڪنهن واقف واري منتظمين کي چئي اهو حق حاصل ڪري سگھي ٿو، جيڪو منتظم سندس ڪم کان واقف هجي. اهڙو حق ڏيڻ لاءِ لازمي آهي ته 25 مضمون تخليق ڪيل هجن، جيڪي وڪيپيڊيا جي معيار ۽ پاليسي تي پورو لهندڙ هجن.

سنڌي وڪيپيڊيا تي هي حق 14 واپرائيندڙن کي ڏنل آهي، جڏهن ته منتظين سميت 18 واپرائيندڙ خودگشتڪاري جو حق رکن ٿا.