1965ع جي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لڳل جنگ ڪشمير ۽ پنجاب جي ٻنھي پاسن کان شروع ٿي ۽ جنگ جو محاذ ڪشمير ۽ پنجاب تائين محدود ھيو. جنگ ۾ ڪشمير ۽ پنجاب جي جنگي محاذن تي ھندوستاني فوج کي سرسي حاصل ھئي جن سيالڪوٽ سميت پاڪستان جي 450 ڪلوميٽر ايراضيء تي قبضو ڪري ورتو ھيو.

ھندوستاني فوج سنڌ راجسٿان بارڊر کي غير اھم سمجھي مدراس ريجمينٽ جي حوالي ڪيو جن کي ريگستان جي ڪا بہ خبر چار نہ ھئي. ساڳي طرح پاڪستاني فوج سنڌ راجسٿان بارڊر پير پاڳاري جي مريدن جي حوالي ڪئي جن کي حر مجاھد فورس چوندا ھئا.

ھندوستاني فوج مدراس ريجمينٽ (Madras Regiment) کي رڳو سرحد بچائڻ جي ذميواري ڏني ھئي، پر ڪشمير ۽ پنجاب ۾ ڀارتي فوج جي فتح جون خبرون ٻڌي مدراس ريجمينٽ سنڌ تي ڪاھ ڪري ڏني. سنڌي حرن جي جوابي ڪاھ ۾ مدراس ريجمينٽ پنھنجا حوصلا وڃائي ويٺي، ڇو تہ کين اميد ئي نہ ھئي تہ سٿڻ قميض ۾ نيم فوجي گروھ حر مجاھد سنڌ بچائي بہ سگھندا يا نہ؟

حر مجاھد فورس (Hur Mujaahid Force) ھندوستاني سرحدن ۾ گھڙي راجسٿان جي موڻا ٻائو () تي قبضو ڪري 1600 ڪلوميٽر ايراضيء تي قبضو ڪري ورتو، جنھن ۾ وڏي فوجي ڇانوڻي ڪشنڳڙھ (Kishanggarrh) بہ ھئي. حر مجاھدن جوڌ پور ۽ جيسلمير تي قبضي جو اعلان ڪيو، پر پاڪستاني فوج کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو. ڪشنڳڙھ جو قلعو فتح ٿيڻ کان پوءِ جنگ بنديء جو اعلان ٿيو.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. حر مجاھد فورس جو وساريل ورق، ترتيب؛ برڪت نوناني
  2. Sand dudes By M.G. Devasahayam, وقت 2018-02-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-09-06