جٽ لينڊ لائينز(انگريزي: Jutt land lines) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اوڀر ۾ ايبيسينا لائينز ۽ اتر ۾ پي اي سي ايڇ ايس ٽو ۽ اولھ ۾ جمشيد ڪوارٽرز ۽ ڏکڻ ۾ صدر واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي جٽ لائينز جي نالي سان يونين ڪاؤنسل نمبر 8 ھيو. 2013 ۾ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ڳتيل آبادي واري آھي جنھن ۾ بيترتيب گھٽيون ظاھر ڪن ٿيون تہ ان جي آباد ٿيڻ وقت شھري منصوبابندي جي اصولن کو خيال نہ ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي آصف اعظم چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي جاويد احمد چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھتي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جٽ لينڊ لائينز، برگيڊ ٿاڻو، مدينه روڊ، حسن علي جعفري روڊ ، جٽ لينڊ لائينز بازار، ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ، چاليس ڪا گرائونڊ، واٽر ٽنڪي گرائونڊ، شاھد شھيد گرائونڊ، موسا گرائونڊ، ڇوٽو ڪا گرائونڊ مدني عيدگاهه گرائونڊ واقع آھن.

جٽ لينڊ لائينز
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي
يو سي 9 جٽ لينڊ لائينز
جٽ لينڊ لائينز is located in سنڌ
جٽ لينڊ لائينز
جٽ لينڊ لائينز
جٽ لينڊ لائينز is located in Pakistan
جٽ لينڊ لائينز
جٽ لينڊ لائينز
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 24°51′52″N 67°02′21″E / 24.86444°N 67.03917°E / 24.86444; 67.03917مڪانيت: 24°51′52″N 67°02′21″E / 24.86444°N 67.03917°E / 24.86444; 67.03917
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو ڪراچي اوڀر ضلعو
تعلقو جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن

حوالا سنواريو

  1. https://www.politicpk.com/karachi-east-district-uc-list-mna-mpa-seats-%da%a9%d8%b1%d8%a7%da%86%db%8c-%d8%b6%d9%84%d8%b9-%d8%b4%d8%b1%d9%82%db%8c/