جيمز پيس ويزباڊن گھر ۾

ڪينٿ جيمز پيس (انگريزي ٻولي ۾:Kenneth James Peace)

28 سيپٽمبر 1963 ۾ پيزلي ۾ ڄائو. پاڻ اسڪاٽ لينڊ سان تعلق رکندڙ ھڪ ڪمپوزر، ڪانسرٽ ۾ پيانو وڄائيندڙ ۽ وزيول آرٽسٽ آھي

سوانح عمري سنواريو

جيمز پيس 28 سيپٽمبر 1963 ۾ اسڪاٽ لينڊ جي شھر پيزلي ۾ ڄائ [1][2]. ھن جو ننڍپڻ گھڻي ڀاڱي اسڪاٽ لينڊ جي اولھ سامونڊي شھر هيلينسبرگ ۾ گزريو.ھن جي خاندان ۾ ڪيترائي آرٽسٽ شامل آھن (جھڙوڪ جان مِڪ گي) ۽ 20 صدي جي پھرين اڌ ۾ رقص جي موسيقي جو معروف ڪمپوزر فيلڪس برنز بہ سندس مائٽ ھو. ھن اٺن ورھين جي ڄمار ۾ پيانو جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي ۽ تيرنھن ورھين جي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو اسڪاٽ جاپلن جي موسيقي عام ماڻھن جي سامھون پيش ڪئي[1][3]. سورنھن ورھين جي ڄمار ۾ ھن کي رائل اسڪاٽش اڪيڊمي آف ميوزڪ اينڊ ڊراما (جنھن کي ھاڻ 'رائل ڪنزرويٽويئر آف اسڪاٽ لينڊ'چيو ويندو آھي) ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ پاڻ ھيستائين جو سڀ کان ننڍي ڄمار جو ڪل وقتي شاگرد ھو[1][2][3][4]. 1983 ۾ ھن گلاسگو يونيورسٽي مان گريجوئشن ڪئي ۽ پيانو سيکارڻ ۾ بي.اي. جي ڊگري حاصل ڪئي[4][5]. ھڪ سال کان پوءِ آرايس اي ايم ڊي آرڪيسٽرا سان ملي مينڊلسنز پيانوڪانسرٽو نمبر1 ۾ پيانو وڄائي موسيقي جي فن جو مظاھرو ڪرڻ ۾ ڊپلوما حاصل ڪيائين [1][6]. باضابطہ تعليم ڇڏڻ کان پوءِ پيانو وڄائيندڙ طور ھن جي تمام گھڻي طلب ٿي وئي ۽ ھو 1988 کان 1991 تائين ايڊينبرگ ۾ رھيو[1][2].

جيمز پيس 1991 کان 2009 تائين جرمني جي شھر بيڊناھيم ۾ رھيو[6][7][8]. 1998 کان ھن ٽانگو ناچ جو مطالعو ڪيو ۽ ٽانگو ناچ کان متاثر ٿي پيانو جي پنھنجي ذاتي ڪمپوزيشن وسيلي ٽينگوايسڪوسيس (اسڪاٽ لينڊ جو ٽانگو ناچ) جي ھڪ سي ڊي تيار ڪئي[8][9]. 2002 ۾ ھو وڪٽوريا ڪالج آف ميوزڪ جو ھڪ اعزازي رڪن ٿيو [10]. ان ئي سال ھو ستمبر/آڪٽوبر ۾ اترجرمني ۾ ۽ نومبر ۾ ڏوراوڀر ۾ اڪيلي ڪانسرٽ ٽوئر تي روانو ٿيو ۽ ھانگ ڪانگ ۾ پھرين ٽينگوXVII  جي فن جو مظاھرو ڪيو[8][9][11][12].

ان کان پوءِ وارن سالن ۾ ھو پنھنجي فن جو مظاھرو گھڻي ڀاڱي يورپ ۾ ڪندو رھيو. ھو ھيٺين گادي جي ھنڌ شھرن ۾ پنھنجي ذاتي ٽينگو موسيقي جي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي: ايمسٽرڊم، يونان[13]، برلن[14]، برسلز، هيلسنڪي[15] ، لزبن[16]، لنڊن، ميڊرڊ[17]، اوسلو[18][19]، ريڪجاوِڪ ۽ ويانا[20].

ٽانگو ناچ لاءِ سندن خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ 2008 ۾ ھن کي لنڊن ڪالج آف ميوزڪ جو اعزازي رڪن بڻايو ويو[1].

Tango XVIII by James Peace (James Peace, piano)

ايڊنبرگ ۾ مختصر وقت گزارڻ کان پوءِ ھو فيبروري 2010 ۾ جرمني جي شھر ويزبيڊن ۾ رھڻ لاءِ واپس ھليو ويو[3]. ان سان سندس تخليقي صلاحيتن کي ھڪ نئين طاقت ملي ۽ ھن پنھنجي ڪمپوزيشن تي ڪجهه مختصر فلمون تيار ڪيون. “جيمز

پيس ان ويزبيڊن” بہ انھن طرح جي ھڪ دستاويزي فلم آھي[21][22].

Tango Milonga op. 26 no. 3




انعام ۽ ايوارڊ سنواريو

• پھريون انعام، ايجنس ملر ڪامپيٽيشن، گلاسگو 1983[4]

• پھريون انعام، ڊنبار ٽنشر اي آئي ايس ڪامپيٽيشن، گلاسگو 1984[4]

James Peace - Idylls Op.4b

• سبيلئس ايسي پرائز، گلاسگو 1985[4]

• اعزازي ڊپلوما، ٽي آئي ايم انٽرنيشنل ڪمپوزيشن ڪامپيٽيشن، روم 2000[1][2][5]

• اعزازي ڊپلوما، آئي بي ايل اي فائونڊيشن، نيويارڪ 2000[1][2][5]

• يادگار ميڊل، انٽرنيشنل پيانو ڊوئو ايسوسيئشن، ٽوڪيو 2002[1][2][5][13][23][21][22]

• گولڊ ميڊل ، انٽرنيشنل اڪيڊمي آف ''لوٽيس''،پيرس 2005[1][2]

اھم ڪمپوزيشنس سنواريو

• دي واٽرفال[24]  (The Waterfall)

• آئيڊيلز (Idylls)

• مارننگ سريناڊ (Aubade)

• سائيلينٽ ٽيئرز (Silent Tears)

• فارگاٽن ليوز (Forgotten Leaves)

• اوبوئي سوناٽا (Sonata for oboe and piano)

• باليڊ (Ballade)

• سريريمونيئل مارچ نمبر 1 (Ceremonial March No.1)

• سريريمونيئل مارچ نمبر 2 (Ceremonial March No.2)

• آٽمن گولڊ[25] (Autumn Gold)

• ايٽرنل سونگ[1] (Eternal Song)

• ''جارجيا لاءِ''(جارجسچي اسپارچي :საქართველოსთვის)

(ڳيچ: تمرچيڪ ويدزي، زوراب چيڪ ويدزي ۽ جيمز پيس)

• اڪيلي پيانو لاءِ 24 ٽانگو ناچ[1][9][21][22]

ٻاھريان لنڪ سنواريو

Souvenir de Buenos Aires اڪيلي پيانو لاءِ- youtube

  youtube Autumn Gold

youtube Lento Lacrimoso

حوالا سنواريو

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 برگيٽا ليمپرٽ. ''بنا''ڪنڊن وارو''آواز''. ويزبيڊ ترتيگ بلات (جرمن اخبار) 10 فيبروري 2011
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 جوليا اينڊرٽان ''ھڪ ڪڙي مٺي آکاڻي وانگر ٽانگو ناچ''ويزبيڊ نرڪورير (جرمن اخبار)، 24 مارچ 2012
  3. 3.0 3.1 3.2 سيبائن ڪلين. ''منھنجي موسيقي بہ مون وانگر''-ڏاڍي رومان پرور''۔فرينڪ فرٽررنڊس چائو (جرمن اخبار) 1992، نمبر- 254، صفحو 2
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 جي. ميولر. ''ٽانگو نچندڙ پيانو جي روح'' ڪلترس پيگل ويترئو (جرمن رسالو). 17 مارچ، 2001، صفحو 5
  5. 5.0 5.1 5.2 5.3 ڊوچي نيشنل ببليوتيڪ.''James Peace''
  6. 6.0 6.1 فرز (جرمن رسالو). جنوري، 2001، صفحو 5
  7. مينفريڊ مرز. ''ھڪ فن شناس ۽ حساس رنگين رومانوي دنيا''. ويٽرارور زيٽنگ (جرمن اخبار)، 12 ڊسمبر، 1992، صفحو 19
  8. 8.0 8.1 8.2 دي ٽينگو ٽائمز (نيويارڪ جو ھڪ رسالو). ايڊيشن (39) 2003/2002 . صفحا 1 کان 5
  9. 9.0 9.1 9.2 نيشنل لائبرري آف اسڪاٽ لينڊ. ''Tango estudio''
  10. لاڪيڊينا (ڊچ رسالو). سيپٽمبر، 2002، صفحو 26
  11. ٽينگو ٽينگ (ھانگ ڪانگ).نيوزليٽر، 8 اڪٽوبر، 2002
  12. 'James Peace''. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ (ھانگ ڪانگ جي اخبار).9 آڪٽوبر، 2002
  13. 13.0 13.1 انٽرنيشنل پيانوڊوئوايسوسيئيشن. انعام کٽيندڙن ج فھرست، 2002
  14. ڪانسرٽ پروگرام بروشر (ايٿنز). 27 اپريل، 2016 {Για σένα Αγγελική}
  15. ٽونگوڊينزا (جرمن رسالو). ايڊيشن 1/2002-9
  16. ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر فن لينڊ،2014)
  17. ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر پرتگال،2016)
  18. ڪانسرٽ پوسٽر (ڪانسرٽ ٽوئر اسپين)، 2013 (!Feliz cincuenta cumpleaños¡)
  19. لسن. نو ڪانسرٽ، جيمز پيس (پيانو). ميونخ ميوزيم، اوسلو. 16 آڪٽوبر 2004
  20. ريڪارٿراو-پالسن۔ ''اسڪوزير سلاگورپيو ٽانگور''. ماربلاٿيٿ (آئس لينڊ جو اخبار). 14 آڪٽوبر 2004
  21. 21.0 21.1 21.2 نيشنل لائبرري آف اسڪاٽ لينڊ ''K. James Peace in Wiesbaden"
  22. 22.0 22.1 22.2 ڊوچي نيشنل ببليوتيڪ. ''K. James Peace in Wiesbaden''
  23. ڪانسرٽ پروگرام بروشر (ويانا). 23 جنوري، 2005
  24. ويزبيڊن اسٽيٽ ٿيٽر. ڪانسرٽ پروگرام 19/12 سيپٽمبر، 2021
  25. شوائي بسخ پوسٽ (جرمن اخبار). ''وائلن جي آواز آڪسٽرا کان مٿي ھوندي آھي''. 4 جون، 1994