ريڪجاويڪ(انگريزي: Reykjavik )[4] آئس لينڊ جو سڀ کان وڏو شھر ۽ ملڪ جي گادي جو هنڌ آهي ۽ ملڪ جي ڏکڻ اولھ ۾ فاڪسفلوئي اپسمنڊ تي ڏاکڻي ڪناري تي ويڪرائي ڦاڪ جي اتر پاسي 64°08' تي واقع آهي. شھر جي آبادي 131,136 آھي ۽ ڪيپيٽل ريجن جي ڪل آبادي 233,034 آھي[3][5] ھي شھر آئس لينڊ جو ثقافتي، معاشي ۽ سياسي سرگرمين جو مرڪز ۽ مشھور تفريحي مقام آھي.

ريڪجاويڪ
ميونسپالٽي
مٿان کان کاٻي پاسي: پراڻي شھر جو منظر ۽ پرلان کان ھچگريمر چرچ، ھچگريمر چرچ جو ڇتيون، ھچگريمر چرچ کان ريڪجاويڪ جو منظر، فريڪرڪجان، پرلان وٽان پينورامائي منظر
مٿان کان کاٻي پاسي: پراڻي شھر جو منظر ۽ پرلان کان ھچگريمر چرچ، ھچگريمر چرچ جو ڇتيون، ھچگريمر چرچ کان ريڪجاويڪ جو منظر، فريڪرڪجان، پرلان وٽان پينورامائي منظر
{{{official_name}}}}}
قومي نشان
ريڪجاويڪ جو مقام
ريڪجاويڪ جو مقام
ملڪ آئس لينڊ
ريجن ڪيپيٽل ريجن
تڪ ريڪجاويڪ وارو اتريون تڪ
ريڪجاويڪ جو ڏاکڻو تڪ
مارڪيٽ وارو شھر 18 آگسٽ 1786[1]
حڪومت
پکيڙ[2]
 • ڪل 273 ڪ.م2 (105 ميل2)
آبادي (2020)[3]
 • ڪل 131,136

ھن شھر کي آئس لينڊ جي پھرين آبادي سمجھيو وڃي ٿو. لينڊنامابوڪ مطابق ھن شھر جو بنياد انگولفر ارنارسن نالي ھڪ سردار 874ع ۾ وڌو ھو. ھن وقت ھن شھر جو شمار دنيا جي صاف ترين، سرسبزترين ۽ محفوظ ترين شھرن ۾ ٿئي ٿو[6][7][8]


تاريخ سنواريو

 
يوھان پيٽر رئادسگ جي ٺاھيل پينٽنگ جنھن ۾ انگولفر کي پنھنجي گادي جا ٺلھ اڏڻ جي ھدايت ڏيندي ڏيکاريل
 
1860 واري ڏھاڪي ۾ ريڪجاويڪ جو منظر

مشھور آبادي واري ڪتاب لينڊنامابوڪ مطابق ريڪجاويڪ شھر جو بنياد نورس نسل جي سردار انگولفر ارنارسن 870ع ۾ وڌو. اتي گرم پاڻي جي چشمن ھجڻ ڪري ان جو نالو ريڪجاويڪ پئجي ويو. لفظ ريڪجاويڪ جي معنيَ آهي دونھين وارو شھر يا دونھين وارو اپسمنڊ[9][10][11].

ھن شھر وارو علائقو 18ھين صديءَ تائين زرعي زمينن وارو علائقو ھيو. 1752ع ۾ ڊينمارڪ جي بادشاھ فريڊرڪ پنجين ريڪجاويڪ واري جائداد جي مالڪي انريٽنگار ڪارپوريشن کي ڏئي ڇڏي. 1750 واري ڏھاڪي ۾ ان ڪارپوريشن اتي گھر اڏائي انھن ۾ اوني يا پشم جي صنعت قائم ڪئي. انريٽنگار ڪارپوريشن اتي ماھيگيري جي صنعت، گندرف جي کاڻن ، زراعت ۽ جھازسازي کي پڻ فروغ ڏنو[12]. 1786ع ۾ ڊينمارڪ جي شاھي تخت اتي واپاري ھڪھٽي کي رد ڪري ملڪ جي ڇھن برادرين جي حق ۾ ھڪ خاص چارٽر جاري ڪيو. 1786 ۾ ريڪجاويڪ کي ھڪ وڏي شھر وارو درجو ڏنو ويو. واپاري حق اڃان رڳو ڊينش نسل جي واپارين تائين محدود ھيا جنھن ڪري ريڪجاويڪ جي منڊي ڊينش واپارين جي ڪنٽرول ۾ ھئي. 1880ع ۾ آزاد تجارت جي شروعات ٿي جنھن ۾ سڀني قومن کي واپار ڪرڻ جي اجازت ملي. اھڙي طرح آئس لينڊ جي واپارين کي اڀرڻ جو موقعو مليو.

 
1881ع ۾ ريڪجاويڪ جو منظر

اوڻويھين صديءَ ۾ آئس لينڊ جي ماڻھن ۾ قومپرستي جي ابتدا ٿي جنھن ملڪ جي آزادي جي خيال کي فروغ ڏنو. آئس لينڊ جي واحد شھر ھجڻ ڪري ريڪجاويڪ ان جو مرڪز ٿي ويو. 1845ع ۾ آئس لينڊ جي پارليامينٽ الٿنگ جو ٻيھر ريڪجاويڪ ۾ قيام ٿيو. 1874ع ۾ آئس لينڊ کي نئون آئين ڏنو ويو جنھن تحت ان کي محدود قانونسازي جا اختيار مليا. 1904ع م آئس لينڊ جي وزيراعظم جو عھدو قائم ڪيو ويو، ۽ پھرين ڊسمبر 1918ع ۾ ڊينش شاھي تخت جي نگراني ھيٺ آئس لينڊ جي بادشاھت جو قيام آڻڻ سان ان جي آزادي جي لاء راہ ھمورا ٿي. 1920 ۽ 1930 وارن ڏھاڪن ۾ ريڪجاويڪ ماھيگيري واري صنعت جو مرڪز ٿي ويا ۽ ڪاڊ مڇي جي شڪار لاء بحري ٻيڙن ۾ اضافو ٿيو. ٻي جنگ عظيم ۾ ڊينمارڪ تي نازي جرمنيءَ جرمني جو قبضو ڪيو جنھن ڪري اتحادي فوج آئس لينڊ ۾ داخل ٿي وئي ۽ ريڪجاويڪ ان جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو. 1944ع ۾ آئس لينڊ جي ريپبلڪ جو قيام ٿيو جنھن جي گادي جو ھنڌ ريڪجاويڪ شھر ٿيو. ٻي جنگ عظيم جي خاتمي بعد آئس لينڊ جي ٻھراڙيءَ ريڪجاويڪ جو رخ ڪيو جنھن سان شھري آبادي ۾ اضافو ٿيندو رهيو. شھر ۾ صنعتي ترقيءَ ۾ اضافو ٿيو.

جاگرافي سنواريو

 
ريڪجاويڪ جو مٿان کان نظارو
 
ريڪجاويڪ جي اتر ۾ واقع ايسيا جبلن جي قطار جو منظر

ريڪجاويڪ شھر ملڪ جي ڏکڻ اولھ ۾ سمنڊَ ڪناري واقع آهي. ان منجھان ھڪ ننڍڙي ندي گذري ٿي جنھن جو نالو ايتليداور ندي آھي جيڪا پاڻي واري سواري جي قابل ناھي. ان ندي مان سيلمون مڇي ڪثرت سان ملندي آھي. ايسيا جبل ريڪجاويڪ جي علائقي ۾ سڀ کان اوچو جبل آھي جنھن جي بلندي سامونڊي سطح کان 914 m (2٬999 ft) آهي. شھر گھڻي ڀاڱي سيلٽيارنارنيس اپٻيٽ تي واقع آهي.

موسم سنواريو

ريڪجاويڪ نيم قطبي سامونڊي موسم وارو شھر آھي.ويڪرائي ڦاڪ جي اتر پاسي 64° ڊگري تي واقع جي شھر جي ڏينھن ۽ رات جو عرصو انوکو آھي. 20. مئي کان 24 جولاءِ تائين ڏينھن جي روشني روزانو مستقل 24 ڪلاڪ قائم رھندي آھي ڇوته سج افق کان °5 ڊگري کان وڌيڪَ ھيٺ نہ ٿيندو آهي. 2 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين ڏينھن پنجن ڪلاڪن کان بہ ننڍڙو ٿيندو آهي انھن تاريخن تي سج افق کان رڳو °3 تائين مٿي چڙھندو آھي. جنوري جي آخر تائين ڊينھن ست ڪلاڪن تائين وڌندو آھي ۽ پوء تيزي سان وڌندو ويندو آهي. سياري م ھن شھر جو گرمي پد ڪڏھن ڪڏھن °15C- کان ھيٺ لھندو آھي. اونھاري ۾ ڪڏهن ڪڏهن گرمي پد °20C کان مٿي وڌندو آھي. ريڪجاويڪ ۾ سراسري طور تي ساليانو 1 ملي ميٽر کان وڌيڪَ برسات 147 ڏينھن پوندي آهي[13]. جولاء کان آگسٽ تائين سال جا گرم ترين مھينا ھوندا آھن ۽ جنوري کان فيبروري تائين سرد ترين مھينا ھوندا آھن[14] ريڪجاويڪ دنيا جو سڀ کان جھڙالو ۽ سڀ کان ٿڌو گادي جو هنڌ آهي. ان جو سڀ کان وڌ م وڌ ترين گرمي پد °27.7C تاريخ 30 جولاءِ 2008 ۾ رڪارڊ ڪيو ويو[15]. گھٽ ۾ گھٽ ترين گرمي پد 30 جنوري 1971ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو منفي °19.7C- ھيو[16]. [17]

شھري انتظام سنواريو

شھر جو انتظام ريڪجاويڪ شھري ڪائونسل جي سنڀال ۾ آهي جنھن جا 23 رڪن ھوندا آھن[18] انھن جي چونڊ سڌي سنئين ارڙھن سال ۽ ان کان مٿي واري عمر جي ووٽرن ذريعي چئن سالن لاءِ ٿيندي آهي. ڪائونسل جا رڪن مختلف بورڊن جا ميمبر مقرر ڪندا آهن. ھر بورڊ مختلف شعبو سنڀاليندو آهي جيڪي شھري ڪائونسل جي اختياري ۾ ڪم ڪندا آهن. سڀ کان اھم سٽي بورڊ ھوندو آھي جيڪو شھر جي ميئر سان گڏ معاملا سنڀاليندو آهي. شھر جو ميئر سينيئر پبلڪ آفيسر ھجڻ سميت شھري نظام جو ڊائريڪٽر ھوندو آھي

شھر جو سياسي نظام سنواريو

تاريخي طور تي شھر جي اڪثر مڪاني اقتدار م رھندڙ جماعت انڊپينڊنس پارٽي آھي. 1929 کان 1978 تائين اھا لاڳيتو اقتدار ۾ رھي . 1982ع ۾ شھري ڪائونسل ۾ ان ٻيھر اڪثريت حاصل ڪئي ۽ 1994ع تائين شھري ڪائونسل سنڀاليندي رھي. ان سال ريڪجاويڪرلسٽين نالي سوشلسٽ جماعتن جو اتحاد اڪثريت سان چونڊون کٽي آيو. 2010 ۾ سٽي ڪائونسل جي چونڊ چ۾ ھڪ نئين جماعت بيسٽ پارٽي 15 مان 6 سيٽون حاصل ڪري مخلوط حڪومت ذريعي پنھنجو ميئر آندو. [19] 2014 ۾ سوشل ڊيموڪريٽڪ الائنس پنج سيٽون حاصل ڪري مخلوط حڪومت ذريعي ميئر آندو.

آبادي سنواريو

 
ريڪجاويڪ جو رھائشي علائقو

ريڪجاويڪ آئس لينڊ جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي. ريڪجاويڪ ميونسپلٽي جي آبادي پھرين جنوري 2020ع ۾ 131,136 آھي جيڪا ملڪي آبادي جو %36 آھي. شھر ڪيپيٽل ريجن ۾ واقع آهي جنھن ۾ ھن گادي واري شهر کان سواءِ 6 ٻيون ميونسپالٽيون واقع آھن. ڪيپيٽل ريجن جي آبادي 233,034 آھي جيڪا ملڪ جي پوري آبادي جو %64 سيڪڙو آھي[20][21] شھر اندر رھندڙ پرڏيھي ماڻھن عام پولش، لٿوينيائي ۽ ليٽويائي آھن[22][23] شھر ۾ ھزارين سياح ۽ پرڏيھي شاگرد عارضي طور تي رھن ٿا[24]

ريڪجاويڪ جا ضلعا سنواريو

 
ريڪجاويڪ جا ضلعا

ريڪجاويڪ 10 ضلعن ۾ ورھايل آھي جن جا نالا آئسلينڊڪ ٻولي ۽ ان جي سنڌي ۾ اچارن سان ڏجن ٿا:

انھن کان سواءِ ڪجهه ھنٽرلينڊ وارا علائقا نقشي ۾ ھلڪي ڇيڊ ۾ ڏيکاريل آهن جيڪي انھن ضلعن ۾ شامل ناھن

حوالا سنواريو

  1. "Vísindavefurinn: Af hverju varð Reykjavík höfuðstaður Íslands?". Vísindavefurinn. وقت 2015-08-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-08-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Vísindavefurinn: Hvað er Reykjavík margir metrar?". Vísindavefurinn. وقت 2015-10-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-08-01.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Mannfjöldi eftir sveitarfélögum, kyni, ríkisfangi og ársfjórðungum 2010–2016". Hagstofa Íslands. Hagstofa Íslands. حاصل ڪيل 30 March 2017. 
  4. "Reykjavik – definition of Reykjavik in English from the Oxford dictionary". www.oxforddictionaries.com. وقت 2016-03-31 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2016-03-29.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Iceland: Major Urban Settlements – Population Statistics, Maps, Charts, Weather and Web Information". citypopulation.de. وقت 2019-03-25 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2019-03-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. Yunlong, Sun (2007-12-23). "Reykjavík rated cleanest city in Nordic and Baltic countries". Xinhua News Agency. http://news.xinhuanet.com/english/2007-12/23/content_7299747.htm. Retrieved 2013-09-29. 
  7. "15 Green Cities". Grist. 2007-07-20. http://grist.org/article/cities3/. Retrieved 2013-09-29. 
  8. "Iceland among Top 10 safest countries and Reykjavík is the winner of Tripadvisor Awards". TRAVELIO.net. 2010-05-20. http://www.travelio.net/iceland-among-top-10-safest-countries-and-reykjavik-is-the-winner-of-tripadvisor-awards.html. Retrieved 2013-09-29. 
  9. "Google.com". وقت 2015-09-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2012-07-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  10. "Google.com". حاصل ڪيل 2012-07-25. 
  11. Er eitthvert örnefni á höfuðborgarsvæðinu eða vík eða vogur, sem heitir Reykjavík? آرڪائيو ڪيا ويا 2017-11-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Vísindavefur. (in Icelandic)
  12. Hvaðan kemur nafnið "Innréttingarnar" á fyrirtækinu sem starfaði hér á á 18. öld? آرڪائيو ڪيا ويا 2016-09-10 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Vísindavefur. (in Icelandic)
  13. "Weather statistics for Reykjavik". yr.no. وقت 2015-11-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2015-10-26.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  14. The weather of 2010 in Iceland آرڪائيو ڪيا ويا 2012-01-30 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Icelandic Met Office
  15. "Reykjavik sees record summer temperature". Agence France-Presse. July 31, 2008.
  16. "Nokkur íslensk veðurmet". وقت 2008-11-18 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2008-07-17.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  17. "Temperaturmonatsmittel REYKJAVIK 1901– 1993". حاصل ڪيل 2020-27-03.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  18. "1998 nr. 45 3. júní/ Sveitarstjórnarlög". Althingi.is. وقت 2009-10-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2009-07-08.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. "Best Party wins polls in Iceland's Reykjavík". BBC News Online. 2010-05-30. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/europe/10194757.stm. Retrieved 2010-05-30. 
  20. "Population by municipality, age and sex 1998–2020 – Division into municipalites as of 1 January 2020". www.hagstofa.is. Statistics Iceland. حاصل ڪيل 12 May 2019. 
  21. "Immigrants in Reykjavík by districts 1998–2019". www.hagstofa.is. Statistics Iceland. حاصل ڪيل 16 June 2019. 
  22. "Population by municipality, age and sex 1998–2019 – Division into municipalites as of 1 January 2019". www.hagstofa.is. Statistics Iceland. حاصل ڪيل 12 May 2019. 
  23. "Reykjavík – fjölmenningarborg barna" (PDF). وقت 29 September 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 July 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  24. "Vísir – Breskir ferðamenn fjölmennastir sem fyrr". Visir.is. وقت 2012-01-17 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2011-09-15.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)