بھائينڊ جيڪب لائن
بھائينڊ جيڪب لائن(انگريزي: Behind Jacob Line) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي جمشيد ڪوارٽرز سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جو نالو ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪرنل جان جيڪب جي نالي تي رکيل آهي. ان جي اوڀر ۾ گارڊن ۽ صدر ۽ اتر ۾ مارٽن ڪوارٽرز، شڪارپور ڪالوني ۽ عامل ڪالوني واقع آھن، ۽ اولھ ۾ جٽ لينڊ لائينز ۽ ڏکڻ ۾ سينٽرل جيڪب لائن واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل سينٽرل جيڪب لائن نمبر 9 ھيو. 2013 ۾ ان کي سينٽرل جيڪب لائن کان ڌار ڪري ٻيا علائقا ملائي ھڪ علحده يونين ڪاميٽي جو درجو ڏنو ويو ۽ ان کي جمشيد ڪوارٽرز جي نالي سان بحال ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن يو سي ۾ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ سنڌي پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي وسيم اختر چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي فيصل رفيق چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق ايم ڪيو ايم پاڪستان سان آھي[1] ھتي خواجه غريب نواز پارڪ، قائداعظم پارڪ، جناح پارڪ، موسا گرائونڊ، شاھراھ قائدين، ڪشمير روڊ، دادا ڀائي نئوروجي روڊ، ڪڇي پاڙا-لائينز ايريا روڊ، قبا مسجد، بلال روڊ، خدادا ڪالوني، مدينه عيدگاهه گرائونڊ واقع آھن.
بھائينڊ جيڪب لائن يو سي 11 بھائينڊ جيڪب لائن | |
---|---|
سنڌ جي يونين ڪاميٽي | |
ايسٽ انڊيا ڪمپني جو ڪرنل جان جيڪب جو مجسمو جنھن جي نالي سان ھيء يو سي منصوب آھي. | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°52′09″N 67°02′13″E / 24.86917°N 67.03694°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | جمشيد ڪواٽرز سب ڊويزن |