بي بي-هيبت مسجد

آذربائيجان, باڪو ۾ تاريخي مسجد

بيبي-هيبت مسجد (انگريزي ٻولي: Bibi-Heybat Mosque) آذربائيجان جي باڪو ۾ تاريخي مسجد آهي. موجوده ڍانچو 1990 جي ڏهاڪي ۾ تعمير ٿيو، اهڙي ئي نالي سان مسجد جي تفريح آهي جنهن کي 13 صدي ۾ تعمير ڪيو ويو. شاهه شيروهنشاهه فرخزاد ٻيو ابن احسان ٻيو ، جنهن کي 1936 ۾ بالشويڪن مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو هو. بي بي-هيبٿ مسجد اوليما خانم (محمد جي اولاد) جو مقبرو آهي، ۽ اڄ به هن علائقي جي مسلمانن لاءِ روحاني مرڪز آهي ۽ آذربائيجان ۾ اسلامي فن تعمير جي اهم يادگار آهي. اها مقامي طور تي "فاطمه مسجد" جي نالي سان مشهور آهي، جنهن کي اليگزينڊر ڊوماس پنهنجي 1850 واري سفر دوران هن مسجد کي بيان ڪيو.

Bibi-Heybat Mosque
Bibiheybət məscidi
بنيادي ڄاڻ
جاءِ آذربائيجان باڪو, آذربائيجان
وابستگي شيعہ
ضلعو شيخوف
صوبو بيبي‌هيبت
Region ابشرون
Ecclesiastical or organizational status مسجد
تفصيل تعميرات
تجويز اڏاوت فهدالدين ميرالي
قسم اڏاوت مسجد
قسم اڏاوت اسلامي, شروان انداز
مڪمل سال سال 1997
منارا 2

تاريخ سنواريو

هن مسجد کي ستين شيعه امام ـموسيٰ ڪاظم جي ڌيءُ جي قبر مٿان تعمير ڪيو ويو هيو، جيڪو خليفي جي ظلمن کان باڪو ڏانهن ڀڄي آيو هيو. قبر تي هڪ پٿر جي ڪٻٽن تي نقش ٿيل آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته اڪيما خانم مقدس جو تعلق مقدس خاندان سان هيو: "هتي يوميا خانم دفن ٿيل آهي، جيڪا حضرت محمد ﷺ جو اولاد منجهان ڇهين امام جعفر الصادق جي پوٽي جي ڌيءُ ستون امام موسيٰ ڪاظم، اٺين امام رضا جي ڀيڻ آهي.“[1]

 
View of the old mosque before restoration in 1911

مسجد جي ڏکڻ پاسي واري ڀت تي لکڻين جي بنياد تي، اتهاسڪارن انکي 13 صدي جي پڇاڙي ۾ تعمير ٿيل طور منسوب ڪن آهن. مسجد جي ديوار تي عربي جي لکت پڙهي سگهجي: جنهن ۾ لکيل آهي ”ڪم محمود بن سعد“، ساڳيو آرڪيٽيڪٽ، جنهن باڪو جي ڀرسان نردارن جو قلعو اڏاوت ڪرايو هيو.[2][3]

حاجي شيخ شريف انهن ڪيترن ئي مسلمانن ۾ شامل هو، جيڪي مسجد جي ڀرسان دفن ٿيل آهن. هو تصوف پکيڙڻ لاءِ باڪو ۾ پهتو هيو، ۽ پنهنجي باقي حياتي هن مسجد ۾ گذاريائين.[2]

مشهور فرانسيسي ليکڪ، اليگزينڊر ڊماس، جنهن 1840 واري ڏهاڪي ۾ مسجد جو دورو ڪيو، پنهنجي ڪتاب ”دي ورلڊ“ ۾ لکيو: ”اها مسجد- بانجھ عورتن لاءِ عبادت ڪرڻ جي جاءِ آهي، جيڪي هتي پيدل آيون، عبادت ڪنديون هيون، ۽ هڪ سال اندر ٻار ڄڻڻ جي قابليت حاصل ڪيائون.

مسجد جو ذڪر مقامي ۽ يورپي ڳولا ڪندڙن ۽ سياحن جهڙوڪ عباسگولو باکيانوف، اليا بيرزين، جوهانس البرچ برنارڊ ڊورن، نيڪولس خانيڪوف ۽ ييوگيني پکوموف جي کوجنا وارن ڪمن ۾ پڻ مليو آهي.

1911 ۾، باڪو جي سرپرست، الاسگر آغا داداشوف، آرڪيٽيڪٽ حاجي نجف سان گڏجي مسجد جي نئين عمارت جي اڏاوت ڪئي. اهڙي ريت، مقبري جي بحالي ۽ پراڻي مسجد چوڪنڊو (ڪعبي) جي شڪل ورتي.

مسجد جي تباهي سنواريو

 
The destruction of the mosque by the Bolsheviks in 1936

1920ع ۾ آذربائيجان ۾ سوويت يونين جي قيام کان پوءِ، بالشويڪين مذهب جي خلاف ڀڙڪڻ شروع ڪيو. بيبي هيبت مسجد، باڪو جي روسي آرٿوڊوڪس اليگزينڊر نيوزسڪي ڪيٿيڊرل ۽ رومي ڪئٿولڪ چرچ سميت فحاشي تصور طور نئين حڪومت جو نشانو بڻيا. سوويت مخالف مذهبي مهم جي نتيجي ۾ مسجد کي 1934 ۾ ڌماڪي سان اُڏايو ويو.[1][4]

مسجد جي تباهي کانپوءِ ئي، ساڳئي سال ماسڪو ۾، سوويت حڪومت تاريخي اهميت واري عمارتن جي يادگار محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته ازڪومسٽاريسا سلاموف جي چيئرمين کي مسجد جي تباهي ڪرڻ جي ڏوهه ڪارڻ سائبيريا ۾ 20 سال جلاوطني جي سزا ٻڌائي وئي.[1]

مسجد جي بحالي سنواريو

1994 ۾، آذربائيجان پنهنجي آزاداي (آجپو) ماڻڻ کانپوءِ، ان وقت جي آذربائيجاني صدر حيدر عليوف عليئيف انهيءَ جاءِ تي، جتي ان کي تباهه ڪيو ويو،[1] بي بي هيبت مسجد جي لاءِ نئين عمارت جي اڏاوت جو حڪم ڏنو. ڌماڪي کان ڪجهه دير اڳ ڪڍيل تصويرن جي بنياد تي 1980 ۾ ڪامپليڪس جي ترتيب ۽ سائيز بحال ڪئي وئي.

سيرسپاٽو ڪندڙ مختلف سياحن جي رڪارڊ، 1925 ۾ سڊيگ پاران لکيل هڪ ننڍڙي مضمون، جنهن ۾ جنهن ۾ 1920 جي ڏهاڪو جي وچ ۾ مسجد جي اڱڻ جي حالت کي پڻ بيان ڪيو ويو هيو، سميت ان رڪارڊ منجهان پڻ مسجد جي بحالي ۾ اهم سهائتا ملي هئي.

درشن سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 Sharifov, Azad. "Legend of the Bibi-Heybat Mosque". Azerbaijan International Magazine. حاصل ڪيل 11 July 2010. 
  2. 2.0 2.1 Meshadi, Nemat (1992). Azərbaycanda pirlər. pp. 36. 
  3. Ministry of Culture and Tourism of Azerbaijan:Развитие архитектуры в средние века Lua error in ماڊيول:Lang/utilities at line 79: attempt to call local 'name_from_tag' (a nil value).
  4. Pg 668 - Council of Europe: Parliamentary Assembly. Official report of debates: 2006 ordinary session (third part), 26–30 June 2007, Vol. 3: Sittings 16 to 23, (2007 ed.). Council of Europe. ISBN 978-92-871-6093-5. - Total pages: 535 to 816 (316 in total).