بورا يا بوھرا:(انگريزي: Bohra ) لفظ گجراتي ٻوليءَ جي ھڪ فعل مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي واپار ڪرڻ[1]. انھن جو تعلق اسماعيلي برادري سان آهي[1]. ھيءُ اسماعيلي شيعا آھن ۽ داؤدي شيعا سڏبا آھن[2]. انھن کي امام جعفر صادق ڇھين امام جي پٽ اسماعيل کان نالو مليو[2]. ھو ٻين باقي امامن کي نه مڃيندا آھن[2]. اسماعيلين ۾ ان شروعاتي دؤر ۾ 19ھين امام تي اختلاف ٿي پيا ھڪڙن اسماعيلين مستعلي بالله (وفات: 1101) کي پنھنجو امام مڃيو اھي مستعلي اسماعيلي سڏجڻ لڳا جيڪي بوھرا ھئا، ۽ ٻين نظار (وفات: 1095) کي پنھنجو امام مڃيو اھي نظاري اسماعيلي سڏجڻ لڳا[1]. 1132ع ۾ مستعلي اسماعيلين جو مستعلي بالله جي پيڙھي مان 21ھون امام طيبي عام ماڻھن کان غائب ٿي ويو ۽ پوء انھن امامن جو سلسلو غيب ۾ اڄ تائين جاري آھي[1]. طيبي جي غائب ٿي وڃڻ بعد بوھرا برادري جي اڳواڻي ڪندڙ مکيه داعي ھيا جن کي داعي المطلق (مڪمل اختيار رکندڙ داعي) سڏيو ويو جيڪو بوھرا برادري جو سربرھ ھوندو آھي[1]. اھو بوھرا برادري کي دين ۽ دنيا جي معملن ۾ رھنمائي ڪندو آهي ۽ غائب امام سان رابطي ۾ ھوندو آهي[1]. بوھرن جي سڀ کان وڏي برادري دائودي بوھرا آهي. ان برادري کي اھو نالو برادري جي 27ھين داعي دائود ابن قطب شاھ (وفات:1612ع) جي نالي کان مليو. انھن جو تعداد ڏھ لکن جي لڳ ڀڳ آهي جيڪي ڏکڻ ايشيا، اوڀر آفريڪا ، وچ اوڀر ۽ اولھ (مغرب) ۾ رھن ٿا[1]. انھن جو 52ھون دائي المطلق محمد برھان الدين ( جنم: 1916) جي صدر مقام بمبئي ۾ آھي جنھن کي اھو عھدو والد جي وفات بعد 1965ع ۾ مليو[1]. سليماني بوھرا برادري ۾ شامل بوھرين جو تعداد اٽڪل 74000 آھي جيڪي انڊيا ۽ يمن ۾ رھن ٿا. آھي دائي المطلق جي ھڪ ٻي پيڙھي جا پوئلڳ آهن[1]. ھنن 27ھون دائي المطلق سليمان ابن حسن (وفات: 1597) کي قرار ڏئي ورھائجي سليماني بوھرا سڏجڻ لڳا[1]. علوي بوھرا علي ابن ابراھيم (وفات:1637) جي نالي سان منصوب آھن ۽ بوھرن جي ان برادري ۾ اٽڪل پنج ھزار بوھرا شامل آهن[1].

گجرات ۾ اسماعيلين جي آمد

سنواريو

انھن جي برادري يارھين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي ۾ گجرات ۾ قائم ٿي ھئي[1].ان وقت فاطمي خلافت طرفان ھڪ وفد تبليغ لاء اولھ انڊيا موڪليو ويو هو[1]. يارھين عيسوي صديءَ ۾ ھڪڙو اسماعيلي عالم ۽ واعظ کنڀات ۾ آيو ۽ اتي گجرات ۽ کنڀات جي برھمڻن ۽ ٻين ھندن کي مسلمان ڪري پنھنجي مذھب تي آندائين[2]. سنه 1588ع ڌاري جڏھين مصر جا فاطمي خليفا نڪري ويا، جن سان ھنن جو واسطو ھو، تڏھين گجرات جي بوھرن عرب جي اسماعيلين سان واسطو ڇني ھتي پنھنجو بزرگ يا مُلا داؤد نالي مقرر ڪيو، جنھن جي نالي جي پٺيان سڏبا اچن[2].

ھنن جون رسمون اڪثر ٻين اثنا عشري شيعن جھڙيون آھن. حج ۽ ڪربلا جي زيارت ڪن، عاشورا ڪن، شيعن وانگي ھٿ ڇوڙي نماز پڙھن، زڪواة ڏين[2]. جمعي جي نماز جماعت ۾ نه پڙھندا آھن[2]. دائودي بوھرا جي داعي المطلق برھان الدين 1965 ۾ ان عھدي تي اچڻ بعد عقيدي م مذھبي ۽ انتظامي زاوين متعلق ڪافي تبديليون آنديون آھن جن ۾ اسلام ۽ جديديت وچ ۾ ھم آھنگي شامل آھي[1]. ھن بوھرا برادري جي اسڪولن جو ڄار قائم ڪرايو جن ۾ اسلام کان سواء غير مذھبي موضوع پڻ نصاب ۾ شامل آهن[1]. ھن برادري جي لاء ھڪ مخصوص لباس بہ لازمي ڪري ڇڏيو[1]. ھنن جي عقيدي مطابق اسلام جا ست بنيادي رڪن آھن اھڙي طرح ھي فاطمي فقه ۾ يقين رکندڙ آھن[1].اھي ست بنيادي رڪن ھيٺيان آھن[1]:

  1. ولايه : الله، پيغمبرن، امامن، داعين سان محبت ۽ ان جي اطاعت
  2. طھارہ: رسمي پاڪائي
  3. صلاه: نماز
  4. زڪوات
  5. صوم : روزو
  6. حج
  7. جھاد

ٻين بوھرا برادرين جا بي دائودي بوھرا برادري وانگر نظرياتي عقيدا آھن[1].

سنڌ ۾ بوھرا

سنواريو

چڱا واپاري آھن. سنڌ ۾ اڳي ڪين ھئا، پر ميرن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ ۾ ۽ انگريز سرڪار جي صاحبيءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ آيا[2].

بوھرن جا قسم

سنواريو

اھي المستعلي اسماعيلي برادري سان تعلق رکندڙ آھن. انھن جو ھڪ سني گروھ پڻ آھي جيڪي سني بوھرا سڏبا آهن. ۽ المستعلي اسماعيلي بوھرن جا ھيٺيان گروھ آھن:

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 1.12 1.13 1.14 1.15 1.16 1.17 1.18 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 111,
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو-