سومناٿ مندر
سومناٿ مندر يا سومناٿ مندر (انگريزي: Somnath Temple ؛ گجراتي: سومناتھ مندر ؛ سنسڪرت: سومناٿ مندر) ، گجرات ، هندستان جي اولهه واري ڪناري تي واقع آهي.
سومناٿ تي محمود عزنوي جي ڪاهه
سنواريومخلتف ريسرچ اسڪالر ۽ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪندڙ تحقيقدان ان ڳالهه يا دعوا جي پڪن ثبوتن، سچائين ۽ مظبوط حقيقتن جي بنياد تي چيلينج ڪري رهيا آهن ته محمود غزنوي ڪو سومناٿ تي ڪاهه ڪئي هئي. ڇو جو سومناٿ، افغانستان کان گهڻو پَري، انڊيا جي رياست گجرات جو ان زماني ۾ هڪ عام ڳوٺ هو ۽ ان زماني ۾ سومناٿ جي ڪا جاگرافيائي، سياسي يا اقتصادي اهميت ڪو نه هئي. ان زماني ۾ اتي ڪجهه عام مندر هئا، پر اهڙا ڪي به ثبوت نٿا ملن ته ان زماني ۾ اتي ڪو اهم مندر هو.
سوال اهو آهي ته جيڪڏهن اتي ڪو اهم مندر هو ۽ سومناٿ ڪو اهم شهر هئو ته پوءِ هندو پنهنجي روايتن موجب ان مندر يا شهر ڏانهن ياترا لاءِ ڇو نٿا وڃن، جيئن اهي پاڪستان جي ڪٽاس راڄ مندر يا سنڌ ۽ بلوڇستان جي حد تي هنگلاج ۾ نانيءَ جي مندر ڏانهن وڃن ٿا يا جيئن هندو بنارس ياترا يا ڪشمير ۾ ٿيرٿ ياترا يا گنگا اشنان وغيره تي وڃن ٿا. تنهنڪري لڳي ائين ٿو ته مسلمانن محمود عزنويءَ کي زوري عظيم مسلم هيرو ۽ جرنيل ظاهر ڪرڻ لاءِ سومناٿ جي سوڀ جو فرضي قصو گهڙيو هو، جنهن جو حقيقت سان ڪو به لاڳاپو نظر نٿو اچي.
سوچڻ جي ڳالهه آهي ته محمود عزنوي، لڳ ڀڳ هڪ هزار سال پهرين سڄو پنجاب پار ڪري، سنڌ جي ريگستاني علائقي ۽ پوءِ ڌٻڻن واري علائقي مان گذري، سفرن ۽ منزلن جا سور سهي وڃي گجرات تائين رسيو ۽ سندس رستي ۾ ڪنهن سان جنگ جي به ڪا شاهدي نٿي ملي. ڇا محمود عزنوي ۽ سنڌس هيڏي ساري لشڪر ڪا سليماني ٽوپي پائي رکي هئي جو اهو ڪنهن کي به نظر نه آيو ۽ سدو وڃي سومناٿ پهتو.
حقيقت اها آهي ته ان زماني ۾ زرعي حوالي سان خوشحال ۽ سَرهي رڳو سنڌ هئي (ان زماني ۾ ڪشمير تائين جو علائقو لڳ ڀڳ سنڌ ئي سڏجندو هو)، اهي ئي ڪارڻ هئا جو سڀئي ٻاهريان ڦورو رخ سنڌ ڏانهن ئي ڪندا هئا. ان زماني ۾ سنڌو نديءَ جي ڪري، سنڌ ۾ ڪڻڪ، خوراڪ، وهٽن، ميون ۽ ڀاڄين جي گهڻائي جي هوند اصل ۾ ڦوروئن ۽ ڌاڙيلن کي سنڌ تي ڪاهي اچڻ لاءِ انهن جي دل ۾ اِڇا يا خواهش پيدا ڪندي هئي. اهو ئي سبب هو جو محمود عزنوي سترانهن ڪاهون رڳو سنڌ ۽ پنجاب تي ڪيون ۽ پوءِ نيٺ ان سڄي پرڳڻي کي پنهنجي سلطنت يعني هاڻوڪي افغانستان ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
محمود عزنوي کي عظيم مسلمان سپهه سالار ظاهر ڪرڻ رڳو سياسي مقصدن لاءَ هو. ان جو حقيقتن يا سچائي سان ڪو لاڳاپو نه هئو. ڇو جو محمود عزنوي جي پنهنجي علائقي يعني باميان، افعانستان ۾ گوتم ٻڌ جا وڏا وڏا بُت موجود هئا، جيڪڏهن محمود عزنوي اهڙو ئي سچو بت شڪن هئو ته پوءِ ان افغانستان کان هزارين ميل پَري گجرات ۾ وڃي بُت ڇو ڀڳائين، هن سومناٿ ۾ موجود بتن کان به وڏا بُت جيڪي سندس علائقي ۾ موجود هئا سي ڇو نه ٽوڙيا. تنهنڪري اها ڳالهه ته محمود عزنوي پاران سومناٿ تي ڪاهه اسلام جي واڌاري لاءِ ڪئي وئي هئي جو حقيقتن سان پَري پَري تائين ڪو لاڳاپو نظر ڪو نه ٿو اچي. بلڪي محمود عزنوني ته پاڻ ايران، خراسان جي مسلمان رياستن تي ڪاهون ڪري انهن کي تباهه ۽ برباد ڪيو هئو. [1]
محمود غزنوي ۽ قرامطه
سنواريومحمود غزنوي مالدار واپارين تي پهريائين قرامطي ملحد چئي انهن تي الزام لڳرائيندو هو ۽ پوءِ کانئن وڏي رقم وٺي سندن قرامطي يا قرامطه نه هئڻ جي شاهي سند جاري ڪندو هو. [2]
حوالا
سنواريو- ↑ سومناٿ تي محمود عزنوي جي ڪاهه – فرضي قصو يا حقيقت | Indus Asia Online Blog, وقت 2022-07-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-01-10
- ↑ تاريخ فرشته، مصنف؛ محمد قاسم فرشته، ترجمو؛ عبدالحئي خواجا (مشفق خواجا)