باڪو جي آتشگاهہ
باڪو جي آتشگاهہ (فارسي: آتشڪده , Atashgāh, آذربائيجاني: Atəşgah) باڪو آتشگاهہ، جنهنکي اڪثر "باڪو جو فائر ٽيمپل" سڏيو ويندو آهي، سوراخاني شهر (سوراڪساني رائيون ۾)، باڪو جي پسگردائي، آذربائيجان ۾ محلات جهڙو مذهبي مندر آهي. فارسي لکتن جي بنياد تي، مندر هندو، سک، ۽ زرتشتي عبادت گاهہ جي طور استعمال ڪيو ويندو هيو. "آتش" باھ جو فارسي لفظ آھي. پنج ڪنڊي عمارت (پينٽاگونل ڪمپليڪس)، جنهن ۾ اڱڻ ٻائو (پادرين) لاءِ ڪٻٽن سان سٿيل آهي ۽ وچ ۾ ٽيٽرا پلر اٿس، 17 هين ۽ 18هين صدي دوران ٺاهيو ويو هيو.شايد ان علائقي ۾ هندستاني آبادي جي گهٽ هئڻ سبب انکي 19هين صدي جي آخر ۾ ڦِٽو ڪيو (تياڳيو) ويو. ان علائقي ۾ پٽروليم ۽ گيس جي استحصال جي هڪ صدي کانپوءِ، سال 1969ع ۾ قدرتي ابدي شعلا ختم ٿي ويا، پر هاڻي شهر ويجهو گيس پائپ سان روشن ڪيو ويو آهي.[2]
سورکاني، باڪو ۾ آتشگاهہ | |
---|---|
Atəşgah (آذربائيجاني) | |
عام معلومات | |
قسم | آڳاٽو ايڪو پسنداڻو (زرتشتي) مندر[1] |
مڪانيت | سوراکاني, باڪو, آذربائيجان |
هاڻوڪا مسواڙي | ميوزيم يا عجائب گهر |
باڪو آتشگاهہ اُتر اولهہ هندستاني ننڍو کنڊ سان لاڳاپو رکندڙ زرتشتين جو هڪ تيرٿ ۽ فلسفياڻو مرڪز هيو، جيڪي مشهور "گرينڊ ٽرنڪ روڊ" جي رستي ڪيسپيئن علائقي سان گڏ واپار ڪندا هيا. سندن عقيدي جا چار مقدس عنصر ھي آھن: آتشي (باھ)، بيدي (ھوائي)، آبي (پاڻي) ۽ ھيڪي (زمين).
سال 1883 ع کانپوءِ سراکاني ۾ پيٽروليم پلانٽ (صنعت) جي لڳائڻ (نصب ٿيڻ) مهل هن مندر ۾ عبادت ٿيڻ رُڪجي وئي. ان جڳهه کي 1975 ع ۾ هڪ ميوزيم ۾ تبديل ڪيو ويو هو. عجائب گهر (ميوزيم) ڏانهن گهمڻ ايندڙن جو ساليانو تعداد 15،000 آهي.
باهہ جو مندر "آتش گاهہ" کي گلنارا مهمنداروف پاران 1998 ۾، يونيسڪو عالمي ورثو ماڳ فهرست ۾ نامزد ڪيو ويو.[3] 19 ڊسمبر، 2007 تي، آذربائيجان جي صدر جي فرمان وسيلي، انکي رياستي-تاريخي اڏاوت (آرڪيٽيڪچرل رزيو) قرار ڏنو ويو.[4]
تاريخ
سنواريوسورخاني /سورکاني ابشيرون اُپٻيٽ تي واقع آهي، جيڪو هڪ اهڙي علائقي هئڻ سبب مشهور آهي جتي قدرتي طور تي نرم مٽي منجهان تيل نڪرندو آهي جيئن ينار داگ وٽ پٿرن تان قدرتي هائڊروڪاربان ٻاڦ وسيلي سدائين شعلا ٻرندا آهن.[5]
18 صدي عيسوي ۾، زرتشتي آتشگاهه گُهمڻ آيا. هڪ تخطي جي داخلي دروازي تي فارسي جي لکت آهي، جنهن ۾ اسفهان مان زرتشتين جي دوري بابت ٻُڌايل آهي:
چترشالا
سنواريو-
باهه وارو مندر، باڪو، آذربائيجان
-
آتشگاهہ فائر ٽيمپل
-
مندر نظامي گانجوي
-
مندر جو مرڪز
-
مندر اندر ڏسڻ ۾ اچي ٿي 2016
-
اشڪا باهہ جي مندر ۾ فارسي لکت
-
اشڪا جي در تي لکت
-
سال ۱۹۱۹ ۾ جمهوريہ آذربائيجان جي ٽپال ٺپو تي باڪو باهه ٻري رهي آهي
-
آتش ورجاوند
-
شروعاتي سالن ۾ باڪو فائر اسٽيشن ويهين صدي
-
چمني جو بيروني ڏيک
-
ايرانيان زرتشتي باڪو ۾ آتشگاهه تي دعا گهرن پيا
-
چمنيءَ جو وچئون ڍانچو
حوالا
سنواريو- ↑ Jas Singh (18 February 2014). Jas: Chronicles of intrigue, folly, and laughter in the global workplace. Two Harbors Press. pp. 227–. ISBN 978-1-62652-551-1. https://books.google.com/books?id=SeXSAgAAQBAJ&pg=PA227.
- ↑ "Fire Temple of Baku". Atlas Obscura. حاصل ڪيل 2019-11-19.
- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "Surakhany, Atashgyakh (Fire - worshippers, temple - museum at Surakhany)". UNESCO World Heritage Centre. حاصل ڪيل 2019-11-19.
- ↑ "Об объявлении территории Храма Атешгях в Сураханском районе города Баку Азербайджанской Республики Государственным историко-ар". www.anl.az. حاصل ڪيل 2019-11-19.
- ↑ Marshall Cavendish, Peoples of Western Asia, Marshall Cavendish Corporation, ISBN 0-7614-7677-6,
... Oil oozes up out of the ground in the region of the Apsheron ... natural oil fires were revered long ago by Zoroastrians, to whom fire is a sacred symbol ...