اگني ونش

راجپوتن جو نسل

اگني ڪل راجپوتن جي پيدائش بابت هڪ ڏند ڪٿا آھي. تاريخ جو حصو آ ۽ هندو ان کي مڃن ٿا. ان کان سواء ھندو مسلم راجپوت اگني ڪل راجپوتن کي راجپوت مڃن ٿا. [1]

ڏند ڪٿا

سنواريو

اگني ڪل راجپوتن جو احوال جيڪو تاريخ ريگستان ڀاڱو پهريون مصنف راء چند هريجن سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان ڇپايل آھي ان جي صفعي 25 تي باب ٻيو ۾ لکيل آھي ته” وشنو ڀڳوان(ديوتا) جو ڇهون اوتار” پراسرام“ ھو. جيڪو رشي جمدگنيء جو پٽ ھو. هڪ دفعي راجا ڪرت ويريا جمدگنيء وٽ هڪ گانء(ڳئون) ڏٺي جا ”ڪامڌين“ ھئي. ڪامڌين معني`اها گانء جنهن وٽان اميدون پوريون ٿين. يعني جنهن کان جيڪو گهر سو ملي. اهڙي عجيب گانء تي راجا جي دل ٿي. هن جمدگنيء کان گانء گهري پر هن نه ڏنس. تنهن تي راجا زبردستي اها گانء ڪاهرائي هليو ويو. ان وقت سندس پٽ پراسرام گهر ۾ ڪونه هو. پر جڏهن اچڻ وقت خبر پيس تپي باھ ٿي ويو ۽ بنان دير راجا کي ماري اچي گانء آڻي پيء کي ڏنائين. راجا جي پٽن پيء جي وير وٺڻ لاء جمدگنيء جي آشرم تي ڪاھ ڪئي ۽ ان وقت پراسرام ڪيڏانهن ٻاهر ويل هو ۽ جمدگني گهر ۾ اڪيلو هو راجڪمار هن کي اڪيلو ڏسي کيس ماري هليا ويا. پراسرام پوء جڏهن پنهنجي آشرم ۾ اچي هي حالت ڏٺي. تڏهن سڄي ڳالھ معلوم ڪري پرڻ(وچن) ڪيائين ته اهي راجڪمار ته پورا ڪندس پر هڪڙو به کتري ٻچو زنده نه ڇڏيندس. هي ڳالھ سڄي پراڻن ۾ ڄاڻايل آھي ۽ ائين به ڄاڻايل آھي ته پراسرام ايڪيھ دفعا کترين جو ڪل(بڻ) ناس ڪيو هو. آڳاٽن کترين جو ڌرم ڪرم هو برهمڻن ۽ ٻين ذاتين جو بچاء ڪرڻ. کتري ناس ٿي ويا ته برهمڻ ۽ ٻين ذاتين جو بچاء ڪير ڪري؟ اتي خود برهمڻ اچي ڪڪ ٿيا ڇاڪاڻ ته ان وقت هندوستان ۾ دئت، اسر ۽ دانٶ گهڻا هئا. جي عالمن جي چوڻ موجب سٿين لوڪن منجهان هئا. اهي برهمڻن کي مڃيندا ته ڪونه هئا پر انهن کي پاڻ آزاريندا هئا. کتري انڪري برهمڻن جو وڏو بچاء ڪندا هئا. پر هاڻي ته اهڙو کتري ٻچو رهيو ئي ڪونه هو جو هنن دئتن جي آزار کان کين بچائي. انهي وقت ڪيترائي رشي ۽ مني آبو پهاڙ تي رهندا هئا. برهمڻن کي تڪليف ۾ ڏسي رشسٽ مني آبو پهاڙ تي رشين ۽ منين سان صلاح ڪئي ته هاڻي برهمڻن جي بچاء لاء ڇا ڪجي؟ آخر سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪري برهما، وشنو، مهاشو ۽ اندر ديوتا کي ونتي ڪئي ته اوهين ڪي کتري اپايو جي دئتن کي ناس ڪري برهمڻن جو بچاء ڪن. رشين پوء آبو پهاڙ جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي” يگيه“ جي اگني دکائي اندر ديوتا کي چيو اول اوهين ڪو کتري ٻچو اپايو. رشين جو چوڻ مڃي اندر ديوتا ڊڀن جو پتلو ٺاهي ان تي امرت ڇٽڪاري پوء اهو پتلو اگني ڪنڊ۾ اڇلايو ۽ پوء سنجيوڻي منتر(جيارڻ جو منتر) اچاريائين ته ڏسو ڪرتار جي قدرت جو ازغيبي اگنيء(باھ) مان هڪ مرد ٻاهر نڪري آيو، جنهن کي ساڄي هٿ ۾ گدا هئي. هو اگنيء مان ٻاهر نڪري چوندو آيو ته ” مار مار“ انهيء سبب هن تي” پرمار“ نالو پيو. پرمار لفظ جي معني` آھي ” پراون يا ڌارين کي ماريندڙ “ ٽاڊ صاحب پرمار لفظ جي معني` ” پهريون ماريندڙ يا ڌڪ هڻندڙ“ لکي آھي. رشين ۽ منين جي چوڻ تي پوء ” برهما“ ٻيو هڪ پتلو ٺاهي يگيه جي اگنيء ۾ وجهي منتر اچاريو ته اگني ڪنڊ مان ٻيو هڪ جوان پيدا ٿيو. جنهن کي هڪ هٿ ۾ تلوار ۽ ٻئي هٿ ۾ ”ويد “ هئا. گويا علم ۽ ويڙھ جو فن قدرتي عطا ٿيس. انهي تي نالو پيو” چلونڪي“ ڇاڪاڻ ته هو برهما جي ”چلو“ يعني هٿ جي تريء  مان پيدا ٿيو هو. يعني برهما پهريائين جڏهن پنهنجي هٿ جي تريء تي پتلو ٺاهيو تڏهن هي پيدا ٿيو. تڏهن نالو مليس ”چلونڪي“ چالوڪيه لفظ جو اچار پوء ڦري سلونڪي يا سولنڪي ٿيو جو هاڻي سولنگي سڏجي ٿو. شو ڀڳوان پوء اگني ڪنڊ مان هڪ ڪاري شڪل وارو جوان پيدا ڪيو ان جوان کي لڙائيء جو گهڻو فن ياد نه هو مگر پهريداريء لاء پختو هو. ان کي تنهنڪري دربان يا پهريدار مقرر ڪيائون. انڪري هن تي پرٿوي دوار نالو پيو. پرٿوي مطلب ڌرتي ۽ دوار دروازو. هو گويا پرٿويء جي دروازي جو نگهبان هو تنهنڪري اهو نالو مليس. پرٿوي دوار جو اچار ڦري ”پرٿهيار“ ٿيو هاڻي عام طور پڙھيار چئبو آھي جيڪو ڪيترائي اچار ڦري پنهوار يا پنهور سڏجي ٿو. وشنو ڀڳوان اگني ڪنڊ مان پوء پاڻ جهڙو هڪ چتر ڀڄ(چئن ٻانهن وارو) مهاتيجوسي جوان پيدا ڪيو. جنهن جو رنگ ڪرشن ورڻ(ڪارو) ۽ تمام بهادر هو. ڀريل ترڪش ٻڌل هيس ۽ هڪ هٿ ۾ ڌنش(تيرڪمان) ۽ ٻئي هٿ ۾ تلوار هيس. ان تي نالو پيو ”چترنگ“. سنسڪرت ۾ چتر معني` چار ۽ انگ معني بت. چترنگ معني` چئن بتن وارو. حقيقت ۾ بت چار ڪونه هيس پر بهادر هو. چترنگ لفظ جو نالو ڦري پوء ” چٶهاڻ“ ٿيو. هاڪارو راجه پرٿوي راج چوهاڻ به چوهاڻ راجپوتن منجهان هيو.

مڃتا ۽ تڪرار

سنواريو

نيوٽرل کوجنارن جي نظر ۾ اگني ڪنڊ ھڪ ڪلپنا آھي جا برهمڻن راجپوت راجائن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ گهڙي هوندي. اهڙي طرح وري راجپوتن جي مڃڻ موجب سندن قوم ديوتائن جي مهربانيء سان پيدا ٿي. آبو پهاڙ تي اگني ڪنڊ مان پيدا ٿيا تنهنڪري انهن کي ”اگني ڪل“ باھ جي ڪٽنب وارا راجپوت چئجي ٿو. اها اگني ڪنڊ جنهن مان راجپوت پيدا ٿيل چئجن ٿا سا اڄ ڏينهن تي آبو جبل تي قائم آھي. ۽ اها هندو راجپوتن لاء وڏي تيرٿ (زيارت) جو آستان آھي. راجپوتن جي جنم ڪهاڻي پراڻن ۾ ڏنل آ ۽ ڪرنل ٽاڊ صاحب به اها ئي ڏني آھي. ڇاڪاڻ ته اکنڊ ڀارت جا راجپوت اها سچي ڪري مڃين ٿا ۽ پنهنجي حقيقت جي تصديق لاء  ھو ڪيترن ئي شلاليکن جا حوالا پيش ڪن ٿا. اهڙن اٺن شلاليکن جو احوال ڌار رياست جي اتهاس ۾ آيل آھي. آبو جبل تي اچلي شور مهاديو جي مندر ۾ هڪ ليک لکيل آھي. جنهن ۾ ڄاڻايل آھي ته پرمار دونهينء مان پيدا ٿيو هو ۽ شترو ماريا هئائين.

راءِ چند هريجن

سنواريو

مصنف راء چند هريجن لکي ٿو ته ” ڪي يورپي اتهاس ليکڪ لکن ٿا ته پرمار، پڙھيار سولنڪي ۽ چوهاڻ راجپوت جتن يا گجرن جي ذاتين منجهان آھن  جي آرين وانگر وچ ايشيا مان لڏي ڇهين صديء جي اوائل ڌاري اتر هندستان ۾ آيا هئا.

سياسي پاسو

سنواريو

اگني ڪنڊ جي ڪهاڻي سچي آ يا غلط پر ان مان هڪ پهلو ضرور اجاڳر ٿئي ٿو ته هندو ڌرم جي پستي ۽ ٻڌ ڌرم واري اوج ٿيڻ کان پوء برهمڻ ۽ ڪشتري(کتري) ڪمزور ٿي ويا هئا. انهن کي طاقت جي ضرورت هئي، کين طاقت انهن قومن ڏني جن کي اگني ڪل وارا چيو وڃي ٿو. ۽ ان مان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اگني ڪل(پرمار، پڙھيار، سولنڪي ۽ چوهاڻ ) ٻڌ ڌرم کي ڪمزور ڪري وري هندو ڌرم کي زور وٺايو ته اها ڳالھ انهن قومن جي تنهن دور ۾  طاقت جو چٽو ثبوت آھي ته اهي ئي ان دور ۾ طاقتور ترين قومون هيون. جنهن جي تصديق ”تاريخ گجرات“ به ڪئي آهي.[2]

  1. Rathore, Abhinay. "History of Rajputs in India". Rajput Provinces of India. حاصل ڪيل 2020-11-13. 
  2. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-11-12.