ڳئون (انگريزي: Cow) ھڪ مئمل جانور جو نالو آهي هن جو مذڪر ڍڳو ٿيندو آهي. ڳئون جا ڪافي قسم آهن، هن جا مختلف رنگ ٿيندا آهن. هي هڪ پالتو جانور آهي سائو گاھ کائيندي آهي. هن جو کير باقي تمام کير ڏيڻ واري جانورن کان خوش ذائقہ ۽ غذایت سان ڀرپور تصور ڪيو ويندو آهي.

ڳئون
چوپايو مال
سوئيٽزرلينڊ جي برائنوييئا (Braunvieh) ڳئون گھنڊڻي (cowbell) پاتل
پالتو
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Bos
جنس: Template:Taxonomy/Bos{. ثور
حياتياتي نالو
Bos ثور
Linnaeus, 1758
Bovine range

ھندو مذھب ۾ ڳئون جي اھميت سنواريو

رگ ويد واري زماني ۾ هندو ڳائو گوشت کائيندا هئا، پر پوءِ ڍڳي يا گانءِ جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين آواز کڙو ڪيو، ۽ رفته رفته سڀ هندو ائين سمجهڻ لڳا ته گئو هتيا ڪرڻ هڪ وڏو پاپ جو ڪم آهي، جو ڄاتائون ٿي ته اهي ڪارائتا جانور نه ڪُهڻ گهرجن[1]</ref>ھندو مذھب ۾ ڳئون کي تمام وڏي عزت ڏني ويندي آهي.اھو درجو ويدڪ دور ۾ نہ ھيو پر آھستي آھستي ان کي مقدس بڻايو ويو. مھاڀارت ۾ ڳئون جو درجو ماء جي درجي جي برابر ڪيو ويو[2].[3] پھرين ملينيم جي وچ ۾ قانوندانن ڳئون جي گوشت کائڻ جي مخالفت ڪئي. ان ھوندي بہ ڳئون جو مندر يا ڳئون جي ديوتا ھجڻ جو خيال رواج ۾ ڪونہ آيو. ويدن ۽ پراڻن ۾ ڳئون جا ڪافي قصا ڏنل آهن. ھندن جو خيال آهي تہ ڪرشن ديوتا جي پرورش بہ ڳئون چاريندڙ ڌنار جي گھر ۾ ٿي تنھن ڪري کيس گووندا بہ چوندا آهن جنھن جي معني آهي ڳئون جي حفاظت ڪندڙ. شو ديوتا لاء انھن جو خيال آھي تہ اھو نندي نالي ڍڳي تي سوار ٿيندو ھو.

حوالا سنواريو

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}
  2. Jha, D. N. (2002). The myth of the holy cow. London: Verso. ISBN 978-1-85984-676-6. 
  3. "Mahabharata, Book 13-Anusasana Parva, Section LXXVI". Sacred-texts.com. وقت 12 October 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 October 2013.