ايوانِ صدر
(ايوان صدر کان چوريل)
ايوان صدر يا صدارتي محل (انگريزي: Aiwan-e-Sadr) پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه ۽ آفيس آهي. ايوانِ صدر جو انتظامي اڳواڻ صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري هوندو آهي.[1]
ايوانِ صدر صدارتي محل | |
---|---|
پاڪستان جي صدر جي سرڪاري رهائشگاهه | |
مقام | ريڊ زون، اسلام آباد، پاڪستان |
ايوان صدر ۾ رهائش اختيار ڪندڙ پهريون صدر غلام اسحاق خان هو. ايوان صدر اسلام آباد ۾ اتر اوله طرف آهي. صدارتي محل شارع دستور ۾ پارليامنٽ جي عمارت جي پاسي ۾ واقع آهي. ايوان صدر ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن لاءِ صدارتي محل جي پويان هڪ ڪالوني جڙيل آهي، جنهن کي صدارتي ڪالوني چيو ويندو آهي.[2]
پرويز مشرف ڪڏهن به صدارتي هائوس ۾ رهائش اختيار نه ڪئي، فوج جي جنرل جي حيثيٽ ۾ هي راولپنڊي جي فوج گھر ۾ رهندو هو. آصف علي زرداري صدارت کان هڪ ڏينهن اڳ ئي صدارتي محل ۾ رهائش اختيار ڪئي.
تصويرون
سنواريووڪيميڊيا العام ۾ ايوانِ صدر سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
-
ايوانِ صدر، اسلام آباد
-
رات جي وقت
-
آمريڪي صدر بش، صدارتي محل ۾
حوالا
سنواريو- ↑ http://president.gov.pk/innerpage9520.html?Page_ID=1
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, وقت 2016-03-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-06-05