صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري
صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري، پاڪستان جي صدر جو خاص صلاحڪار هوندو آهي، پرنسيپال سيڪريٽري ايوان صدر ۾ مقرر هڪ بلا ڪامورو هوندو آهي، جنهن جو تعلق اڪثر پاڪستان جي انتظامي خدمتن (انگريزي: Pakistan Administrative Service.) واري کاتي سان هوندو آهي.
صدرِ پاڪستان جو پرنسيپال سيڪريٽري
| |
---|---|
عهديدار شاهد خان | |
ويب سائيٽ | Aiwan-e-Sadr |
پرنسيپال سيڪريٽري 22 هين گريڊ جو ڪامورو هوندو آهي، جيڪو ايوان صدرِ جو انتظامي اڳواڻ پڻ هوندو آهي. موجوده پرنسيپال سيڪريٽري شاهد خان آهن.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ "PRESIDENT’S SECRETARIAT". president.gov.pk. حاصل ڪيل 2018-03-13.