امين جويو (انگريزي: Amin Joyo)، ڄمڻ مھل رکيل نالو: محمد امين جويو، پيدائش 15 سيپٽمبر 1983ع، سنڌي ليکڪ ۽ مُحقق آھي. مُختلف اخبارن، جھڙوڪ : روزاني ڪاوش، روزاني عبرت ۽ روزاني عوامي آواز ۾ لکندو رھيو آھي. اُن سان گڏ مُختلف ادبي رسالن جھڙوڪ: نئين آس، سنسار، چانڊوڪي، سورمي، ھمسري ۽ سفيرِ سنڌ مئگزين ۾ پڻ سندس تحقيقي ليک شامل ٿيندا رھن ٿا. جڏهن تہ 2017ع کان سنڌ جي ادبي تنظيم "سنڌي ادبي سنگت" جو پڻ رُڪن آھي.

امين جويو

امين جويو 2021ع ۾ سندس ڪتاب "تحقيق جي ڀري" جي مھورتي تقريب ۾ ڳالهائيندي
پيدائش محمد خان جوڻيجو

15 سيپٽمبر 1983ع

ڳوٺ قائم شاھ، تعلقو ميھڙ، ضلعو دادو، سنڌ.
ڌنڌو ريسرچ ايسوسئيٽ
ٻولي سنڌي
قوميت سنڌي
تعليم مئٽرڪ (حيدرآباد بورڊ)

انٽرميڊيٽ (حيدرآباد بورڊ) بي ڪام (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)

ايم بي اي (ايڇ آر ايم) (سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو)
مادرِ علمي سنڌيونيورسٽي ڄامشورو
مُکيه ڪم ڪتاب "تحقيق جي ڀري" رني ڪوٽ، سنڌ تي لکيل تحقيقي مَقالو

شروعاتي زندگي سنواريو

امين جويو تاريخ 15 سيپٽمبر 1983ع تي ڳوٺ قائم شاھ، تعلقي ميھڙ، ضلعي دادو، سنڌ ۾ غلام سرور جويي[1] جي گھر ۾ پئدا ٿيو. ھن مئٽرڪ 1999ع ۾ (حيدرآباد بورڊ) مان ڪئي، انٽرميڊئيٽ 2001ع ۾ (حيدرآباد بورڊ) مان ڪرڻ کانپوءِ بي ڪام 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان (فرسٽ ڪلاس) ۾ پاس ڪيائين ۽ اُن کانپوءِ ايم بي اي (ايڇ آر ايم) 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پڻ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.

ھي ننڍي ھوندي کان ئي سخت محنتي رھيو. پڙھڻ سان گڏ مُختلف مزدوريون ۽ نوڪريون پڻ ڪندو رھيو. جيئن فيڪٽري ورڪر (مزدوري؛ ٽي سال)، هوٽلنگ( هوٽلن تي ٿيندڙ سڀئي ڪم، ٽي سال)، پي ٽي سي ايل ۾ ٽيليفون آپريٽر( هڪ سال)، روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ تپيدار سان گڏ ڪيل ڪم ( هڪ سال)، ( اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ، لاهور ۾ ڊيٽا انٽري آپريٽر جو ڪم ڇھ مهينا، 2007ع ۾ )، سال 2008ع کان سال 2013ع تائين يو بي ايل بينڪ ۾ بينڪنگ سيڪٽر جا سڀئي ڪم ڪيل، 2014 ۾ ٽي مهينا ( هيلٿ ڊپارٽمينٽ پي پي ايڇ آءِ ۾ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ جو ڪم ) تہ ان دوران ئي ايم سي بي بينڪ منجهان سندس اپائنٽمينٽ ليٽر اچي ويو. پوءِ مارچ 2014ع کان 2016ع تائين ايم سي بي بينڪ ۾ ڪم ڪيائين. هاڻي نومبر 2016ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين (سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۾ ريسرچ ايسوسيئيٽ جي طور تي ڪم ڪري رهيو آهي)[2]. گذريل ڇهن سالن کان ڪراچي ۾ آهي (2022ع تائين). ٻارنهن سال ڄامشوري ۾ رھيو، چار سال حيدرآباد ۾ رهيو، هڪ سال ڪوٽڙيءَ ۾، ۽ سندس زندگيءَ جا پهريان پندرهن سال، سندس ڳوٺ قائم شاهه ، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو، سنڌ ۾ گُذريا.

ادبي سفر سنواريو

ھن لکڻ جي شروعات 2016ع کان ڪئي. شروعات ۾ مُختلف اخبارن جھڙوڪ: روزاني ڪاوش، روزاني عبرت ۽ روزاني عوامي آواز ۾ لکندو رھيو. مُختلف رسالن جھڙوڪ: سورمي ميگزين، ھمسري ميگزين، سنسار ميگزين، چانڊوڪي ميگزين، نئين آس ميگزين ۽ سفيرِ سنڌ ميگزين ۾ سندس تحقيقي ليک شامل ٿيندا رھن ٿا.

جڏهن تہ سنڌ جي ادبي تنظيم "سنڌي ادبي سنگت" جو پڻ رُڪن آھي.

ڪتاب سنواريو

نومبر 2021ع ۾ سندس پھريون تحقيقي ڪتاب "تحقيق جي ڀَري" ڇپجي چُڪو آھي. جنھن ۾ دادو ضلعي جي تعلقي جوھي ۽ تعلقي خيرپور ناٿن شاھ جي ڪُجھ چِٽسالي ٿيل اڏاوتن تي سندس تحقيقي مضمون شامل آھن.

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: تحقيق جي ڀري صُفحو: (ارپنا) ليکڪ: امين جويو ڇاپو: 2021ع ڇپيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن واھي پانڌي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Science, Joyo AminShaheed Zulfikar Ali Bhutto Institute of; Social, Technology | SZABIST · Department of; SciencesMBA, Media. "Joyo AMIN | Research Associate | Shaheed Zulfikar Ali Bhutto Institute of Science and Technology, Karachi | SZABIST | Department of Social and Media Sciences". ResearchGate. حاصل ڪيل 2022-01-09.