تحقيقَ جي ڀَري، سنڌ جي چِٽسالي ٿيل اڏاوتن بابت تحقيقي مضمونن تي مُشتمل ھن ڪتاب جو ليکڪ سنڌ جو نوجوان مُحقق امين جويو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪُل 9 عدد تحقيقي مضمون شامل آھن. انھن مضمونن جو تعلق تعلقي خيرپور ناٿن شاھ ۽ جوھيءَ ۾ موجود چِٽسالي ٿيل اڏاوتن جي مُختصر جائزي ۽ ھاڻوڪي صورتحال سان آھي. "ڪلھوڙن جو تخت گاھ ڳاڙھي" کان وٺي آخري مضمون "بکر شھيد جو مُقبرو ۽ زبون حال ٻارنهن ٿنڀي قُبي" تائين تحقيقي مضمون شامل آھن.[1]

ڪتاب "تحقيق جي ڀري" 2021ع

ڪتاب ۾ شامل مضمون سنواريو

  1. ڪلھوڙن جو تخت گاھ ڳاڙھي (1657ع کان 1700ع)
  2. 1700ع ۾ نئين گاج ڀرسان ڪلھوڙن جو مُغلن سان ٿيل جُھونجھارڪو جھيڙو
  3. راڄي ديري ۾ ٻہ عدد چِٽسالي ٿيل مُقبرا، زَبون حال قلعو ۽ وانر شاھ جو مُقام
  4. وِير ناٿ جو مَندر، ٻورڙيءَ واري تواريخي مسجد ۽ سيد ٻُڍل شاھ جو مُقبرو
  5. تعلقي جوھي ڀرسان "پَٽ سَليمان" ۽ "ديھ آراڙي" وارا قديم مُقبرا
  6. ڳوٺ گولي فقير رودناڻي ڀرسان ٻہ عدد چِٽسالي ٿيل مُقبرا، ھڪ زَبون حال قديم مسجد ۽ ٻُڌڪو ٺُلھ
  7. جوھي تعلقي جو اھم تواريخي ماڳ "شاھن جو مُقام"
  8. خانپور ۾ چِٽسالي ٿيل مُقبرا
  9. بکر شھيد جو مُقبرو ۽ زَبون حال ٻارنهن ٿَنڀو ٻُٽو قُبو  

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: تحقيق جي ڀري صُفحو: 9 (ٻہ اکر- گُل حسن ڪلمتي) ليکڪ: امين جويو ڇاپو پھريون: نومبر 2021ع ڇپائيندڙ: چانڊوڪي پبليڪيشن واھي پانڌي، حيدرآباد، سنڌ.