صحافي امداد علي اوڍو، 10 آگسٽ 1947ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو سياسي ۽ سماجي ڪيريئر جي شروعات. 1968ع ۾ جنرل ايوب خان جي دور ۾ ڪيائين. ون يونٽ ٽوڙڻ، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائڻ ۽ جمهوريت ۽ انساني حقن جي بحاليءَ لاءِ هلندڙ جدوجهدن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. اسٽوڊنٽ ليڊر جي حيثيت ۾ جيل به ويو. 15 نومبر 1969ع تي ووٽر لسٽ سنڌيءَ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ هڪ سؤ ڪلاڪ جي بک هڙتال بہ ڪيائين، جنهنڪري کيس ان وقت جي قانون ڊي پي آر هيٺ گرفتار ڪري سکر جيل ۾ وڌو ويو.

امداد علي اوڍي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي. ايم. سيد سان تحريڪن ۾ ساٿ ڏنو. 1973ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو مرڪزي صدر رهيو ۽ 1979ع ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد ٿيو. 1979ع ۾ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلٽس ۽ پريس ڪلب جيڪب آباد جو صدر رهيو. بهارين خلاف تحريڪ هلائڻ جي ڏوهه ۾ کيس 5 ورهين لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. آگسٽ 1979ع کان ڊسمبر 1998ع تائين ادبي، سماجي ۽ ثقافتي مئگزين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ جيڪب آباد مان ۽ پوءِ ڪراچيءَ مان ڪڍيائين.

جنوري 1990ع ۾ ڪراچيءَ مان ترقي پسند روزاني ”عوامي آواز“ ڪڍيائين، جيڪا سنڌي ڪمپيوٽر تي پهرين مڪمل اخبار هئي. 30 سيپٽمبر 2003ع تي پارٽنرن سان پاليسي معاملن تي اختلاف سبب اها اخبار ڇڏي ڏنائين. ”سنڌ سجاڳ“ کي روزاني اخبار ڪري، ان جو ڊسمبر 1998ع تائين ايڊيٽر رهيو. جنوري 2008ع کان روزاني ”سوڀ“ اخبار ڪڍيائين ۽ 31 آگسٽ 2008ع تائين ان جو ايڊيٽر رهيو.

1997ع ۾ هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وفد سان گڏ ترڪي ۽ ايران جو دورو ڪيو. هن سال 2000ع ۾ ٻارن جي حقن بابت بين الاقوامي ڪانفرنس لنڊن ۾ شرڪت ڪيائين ۽ 16 سيپٽمبر 2000ع تي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. سندس تعليم ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي جنرلزم ۽ ايل. ايل. بي آهي ۽ هن وقت مانچسٽر (برطانيا) ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو

  1. امداد علي اوڍو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين)، جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.