ھن مضمون کي وڪي طرز تي لکڻ جي ضرورت آھي. (نومبر 2018ع)

جيمز ائبٽ ميڪ نيل وسلر جو ڊزائين ڪيل پيڪاڪ روم جيڪو جمالياتي ڊزائين جو مثال آھي

جماليات (Aesthetics) جي معنيٰ آهي، سونهن يا سونهن واري شيءِ يا وجود جي ٻـُوجھ، پرک ۽ انهن جو ماخذ. سونهن فطرت ۾ بہ هوندي آهي تہ فن ۾ بہ. فطرت ۽ ان جا سمورا مظاهر قدرت جي عطا آهن. هي اڀرندڙ لهندڙ سج واري ويل: شفق ۽ سنڌيا، پونم جو چنڊ، چانڊوڪيءَ جو اُهاءُ، سمنڊ جي ويرَ، درياھ جون ڇوليون، ڏکڻ جي هير، سنڌوءَ ۾ تڙڳندڙ چنڊ ۽ ان جو ڦهليل عڪس، وُٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ مٽيءَ جي سـُڳنڌ، ملهار، ڪڪرن جي لس، وُٺي کان پوءِ ڌوتل وڻ ٽڻ ۽ گهرو نيرو اُڀ، وسڪاري کان پوءِ وارياوڀڙ، تاڙي جي تنوار، بلبلين جو ڳٽڪو، ڪويل جي ڪوڪ، ماڪ جي شفافيت ۽ ٿڌيرو ڇهاءُ، گلن جي سرهاڻ ۽ ڪوملتا، مٽيءَ جي عظمت، ڊيل جو ٽلڻ، ڪبوتر جي اڏام، اِهي سڀ فطري سونهن جا مظهر آهن، پر انهن مڙني کان اعليٰ ۽ سونهن جو عظيم تر مظهر آهي خود انسان. ائين سُر به سونهن آهي ته لفظ ۽ رنگ به سونهن آهن ته تند ۽ تنوار ۾ بہ حسن موجود آهي، جنهن کي ”جماليات“ چئبو آهي.[1]

جمالياتي نظريو

سنواريو

’جماليات‘ لفظ ’جمال‘ سونهن مان نڪتل آهي. ’جماليات‘ کي ‘Aestheticism’ سڏيو وڃي ٿو. Aestheticism هڪ يوناني لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي”اُهي شيون، جيڪي حواسن سان ماڻي سگهجن.“ 1750ع ۾ اي. ٽي. بامگرٽن هڪ دستاويز ”ايسٿيٽيڪ “ نالي شايع ڪيو، جنهن ۾ ”لذت يا ذائقي“ کي فلسفياڻو نظريو سمجهڻ تي تنقيد ڪئي وئي هئي. آهستي آهستي اهو اصطلاح خوبصورتي يا لذت جي نظريي بابت تنقيد سان لاڳاپجي ويو. ادبي تنقيد ۾ وري هي نظريو ادب يا آرٽ جي ظاهري سونهن بابت تصورسبب هيئتي (formalistic) عنصر رکي ٿو. هڪ aesthete اُهو آهي جيڪو آرٽ، موسيقيءَ ۽ ادب ۾ ”حُسن“ تلاش ڪري ۽ ان سان وابسته ٿئي. هتي ’جماليات‘ اُن مفهوم سان وابسته آهي.[1]

جمالياتي وڇوٽي

سنواريو

جماليتي وڇوٽي (Aesthetic distance) : ڪنهن ادبي يا فني ڪارنامي جي فني ڪاميابيءَ لاءِ مشاهدي ڪرڻ واري کي فن جي غير واقعي هجڻ جو احساس هجي. ان احساس جي ڪري مشاهدو ڪرڻ وارو فني ڪارنامي کان پري ٿي وڃي. مثال طور ڪنهن ڊرامي ۾ ڪوبہ بدمعاش هيروئن جي مدد نه ڪندو آهي، ڇو جو هن وٽ جمالياتي سگھ جي کوٽ هوندي آهي. ان طرح سان فن ۽ مشاهدي جي وڇوٽيءَ واري رويي کي نفسياتي اصطلاح ۾ ”جمالياتي وڇوٽي“ چئبو آهي.

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.