ابو دلف مسعر بن مھلھل بينوعي هڪ وڏو عرب سياح ٿي گذريو آهي. هي پھريون سياح آهي، جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ خشڪيءَ جي رستي داخل ٿيو. هو بغداد کان ترڪستان آيو ۽ شاھ بخارا، نصر سامائي سان مليو. اتان هڪ چيني سفير سان گڏ چين ويو، اتي ڪجهہ عرصو رهڻ بعد ترڪستان، ڪابل، تبت ۽ ڪشمير کان ٿيندو ملتان، سنڌ آيو. سنڌ مان ٿي ڏکڻ هندستان جي ڪولم ٻيٽ تائين ويو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو 331ھ/942ع کان 377ھ/987ع تائين آهي. هن ان سفر دوران هڪ ڪتاب لکيو، جنھڻ ۾ هن سفر دوران پيش ايندڙ ڳالھين کي ڪتابي صورت ڏني، جنھن ۾ هن سنڌ جي ان وقت جي حالتن جو بہ عڪس ڏنو آهي. سندس ان ڪتاب جا ڪجهہ حصا برلن ۾ 1845ع ڌاري لاطيني ٻوليءَ ۾ ڇپيا، ان کانسواءِ سندس هن سفر نامي جا ڪجهہ خلاصا ابن ندام جي ڪتاب ”الفھرست ياقوت حموي“ جي ڪتاب ’موجھ البلدان‘ ۽ قرويني جي”آثار البلاء“ ۾ ڏنل آهن. ابو دلف پنھنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي هڪ صوبي ملتان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ ”هتان جي جامع مسجد بت خاني جي قبي سان مليل آهي. ملتان ۾ اسلامي شان و شوڪت آهي.“ ابو دلف ملتان کان ٿي منصوره آيو هو. منصوره ان وقت سنڌ جو دارالخلافہ، مشھور تجارتي شھر ۽ علم جو مرڪز هو. هت امير خاندان طرفان ناظم مقرر ٿيل هو. ابو دلف لکي ٿو تہ: ”منصوره سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ اموي خليفو هت رهي ٿو، هو پنھنجي نالي جو خطبو بہ پڙهي ٿو ۽ شرعي حدود بہ جاري ڪري ٿو ۽ سڄي سنڌ جي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي. سنڌ ۾ مٽيءَ جا اهڙا خوشبودار ٿانَوَ ٺھن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چيني ڄاڻائي وڪامجن ٿا ’پر اهي اصل ۾ چيني نہ آهن‘ ڇو تہ چين جي مٽي هتان جي مٽي کان سخت ٿئي ٿي ۽ باھ ان کي گهڻي حد تائين پچائي نہ ٿي سگهي. هتان جي مٽيءَ جي ٿانوَن جو رنگ اڇو ۽ ٻين رنگن وارو هوندو آهي. ابو دلف جي سفرنامي ۾ سنڌ متعلق جيتوڻيڪ گهٽ معلومات ملي ٿي. پر اها بنيادي ۽ معياري ضرور آهي. گهٽ مواد ملڻ جو اهو بہ سبب آهي، جو سندس سفرنامي جو احوال ٻين سياحن جي ڪتابن ۾ گڏجي ويو آهي. سنڌ جو هي عرب سياح پنھنجي ٿوري احوال ۾ سنڌ بابت گهڻيون ڳالھيون ڪري ويو آهي، جن ۾ اسان جي تاريخ جو چڱو مواد موجود آهي.[1]

  1. "ابو دلف : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.