منصوره (قديم شھر)
منصوره (Mansura) بنو اميه خلافت جي دؤر ۾ سنڌ جو گاديءَ جو هنڌ ھيو. ھن وقت ان شهر جا کنڊر شھداپور شھر جي ڏکڻ اوڀر طرف 13 ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آھن ۽ حيدرآباد جي اتر اوڀر ڪنڊ کان 69 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهن.
اٺين صدي عيسويءَ ۾ عربن جي دؤر ۾ منصوره جو مقام | |
جڳھہ | سانگھڙ، سنڌ، پاڪستان |
---|---|
مقانيت | 25°52′52″N 68°46′37″E / 25.88111°N 68.77694°E |
قسم | سنڌ جو عربن جي دؤر م گادي جو هنڌ |
لاڳاپيل سلسلو | سنڌ ۾ بنو اميه جي خلافت، بنو عباس خلافت جو شھر |
تاريخ | |
دور | اٺين ۽ نائين صدي عيسوي |
ثقافتون | عربي ثقافت |
Associated with | عرب ۽ سنڌي |
منصوره بابت ابن حوقل، مقدسيءَ وغيره جو جيڪو بيان آهي، ان موجب منصوره جي اخلاقي ۽ معاشي حالت هن طرح بيان ڪري سگهجي ٿي؛
"هتي ڪيترين ئي منزلن وارا گهر آهن. بدڪاري ۽ شرابخوري ڪا نه آهي، سرسبزي ۽ دولت آهي، واپار جي حالت به سٺي آهي، تڪلف نمايا آهي، حڪومت منصفانه آهي، بازار ۾ ڪا به عورت سينگار ڪيل ڪا نه ملندي ۽ نه ڪو به کليو ساڻس ڳالهائي سگهندو. زندگي عيش، مسرت، خوشدليءَ ۽ مروت جي آهي، جسم ۾ تندرستي آهي، پر شهر گندو آهي. گهر سوڙها آهن، هوا گرم ۽ خوشڪ آهي ۽ رنگ ڪڻڪ ونو ۽ ڪارو آهي."[1]
منصوره جو عروج
سنواريوھي شھر فارسي برمڪي خاندان سان تعلق رکندڙ خالد ابن برمڪ (705ع ۾ ڄائو ۽ 782ع ۾ فوت ٿيو). مسلمانن جي تاريخ ۾ ھن شھر جو وڏو مقام رھيو آھي. اھو عربن جو تعمير ڪرايل پھريون شھر ھو جيڪو ٽائون پلاننگ ذريعي تعمير ڪرايو ويو. 17 سال بعد عربن اھڙي طرح ٻيو شھر بغداد تعمير ڪرايو.
دارالسلطنت هجڻ سبب، منصوره علمي لحاظ سان بغداد ثاني بڻجي ويو هو. ڪيترا عالم، فاضل، اديب ۽ شاعر منجهس رهندا هئا. خود عرب ۽ عراق مان به ڪيئي پنهنجي زماني جا مشهور علمي ماڻهو، داد و دهش ۽ علمي شهرت سبب، پنهنجو وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا هئا. منصوره جي عام علمي ۽ مذهبي حالت صاحب "احسن التقاسم" هن طرح بيان ڪئي آهي؛
"هتي جا رهاڪو لائق ۽ بامروت آهن. اسلام کي وٽن تازگي آهي. اهل علم هتي تمام گهڻا آهن. ماڻهن ۾ ذهانت ۽ ذڪاوت آهي، نيڪي ۽ خيرات ڪن ٿا. مسلمانن ۾ واعظن جو وجود ناهي. مسلمان گهڻو ڪري اهل حديث آهن. وڏن شهرن ۾ حنفي فقها به آهن، ليڪن هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪو نه آهن ۽ نه معتزلي آهن. ماڻهو سڌي ۽ صحيح مسلڪ تي آهن، نيڪ ۽ پاڪدامن آهن."[2]
انهيءَ بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۾ علم جو ڪافي چرچو هو. مذهبي لحاظ سان مسلمان گهڻو ڪري اهل حديث هئا. مختلف مذهبي فرقن جي واعظين جو وجود نه هو، جنهن ڪري نه مذهبي اختلاف هئا ۽ نه مسلمانن ۾ فرقي بازي هئي. باشندا ذهين ۽ ذڪي، نيڪ دل ۽ سچا هئا.
مدرسا
سنواريومنصوره ۾ "احسن التقاسم" جي ذريعي هڪ مدرسي جو به پتو پوي ٿو، جنهن ۾ قاضي ابو محمد منصوريءَ جو درس جاري هو. بشاري مقدسي سندس ذڪر ڪندي لکي ٿو؛
"مون هتي قاضي ابو محمد منصوريءَ کي ڏٺو، جنهن جو مذهب دائودي (ظاهري) هو ۽ پنهنجي مذهب ۾ کيس امام جو درجو حاصل هو. سندس حلقه درس هو ۽ سندس تصنيفون به ڪيتريون آهن، جن مان ڪي ٽي تمام بهتر آهن."[3]
منصوره جي علمي ۽ مذهبي ماحول ۽ اهل علم جي ڪثرت مان اندازو ٿئي ٿو ته امام ابو محمد جي مدرسي کان سواءِ ڪيترائي ٻيا به مدرسا منصوره ۾ ضرور هوندا، ليڪن تاريخ انهن جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي.
قضا جو عهدو
سنواريومنصوره ۾ قضا جي عهدي کي وڏي اهميت حاصل هئي. عرب ۽ عراق جا مشهور عالم انهيءَ منصب لاءِ منتخب ٿي ايندا هئا. 283ھجري جي ربيع الاول ۾ بغداد کان حضرت محمد بن ابي شوراب منصوره جو قاضي ٿي آيو. هو صاحب جيد عالم ۽ قضا جي عهدي لاءِ پنهنجو مٽ پاڻ هو. جيڪڏهن هو ڪجهه وقت منصوره ۾ رهي ها ته هوند ملڪ کي ڏاڍو فائدو پهچي ها، ليڪن افسوس جو ساڻس عمر وفا نه ڪئي ۽ هتي پهچڻ کان ڇهن مهينن بعد وفات ڪري ويو.[4]
ٻاهريان اديب ۽ عالم
سنواريومنصوره جي علمي فضا ۽ ادبي قدردانيءَ جي شهرت عرب ۽ عراق ۾ جڏهن پهتي، تڏهن ڪيترا اتان جا عالم ۽ اديب وطن ڇڏي اچي منصوره ۾ مقيم ٿيا. تاريخي ۽ ادبي ڪتابن جي ورقن ورائڻ سان انهيءَ سلسلي ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا.
عرب جو مشهور شاعر مطيع ابن اياس، هشام تغلبيءَ جي ولايت واري زماني ۾ منصور منجهه آيو ۽ ڪيترو وقت اتي مقيم رهيو.[5] اهڙيءَ طرح عرب جي شهرآفاق شاعر ابوتمام، صاحب "حماسه"، جو همعصر ۽ پنهنجي دور جو مشهور شاعر، ابو عباده وليد بن عبيد البحتري، 284ھجري ۾ سنڌ اچي پهتو.[6] عالمن ۽ اديبن کان سواءِ ڪيترا مذهبي مبلغ به تبليغ ۽ اشاعت لاءِ منصوره ۾ وقت بوقت ايندا رهيا. چنانچه عمر بن حفص جي زماني (141کان 151ھجري) ۾ حضرت عبدالله الاشتر علوي به مذهبي ۽ سياسي عقيدي جي اشاعت لاءِ منصوره ۾ آيو ۽ ڪيترن سالن جي قيام بعد هتي ئي شهيد ٿيو. خارجي ٽولي جو مشهور ليڊر، حسان بن مجاهد همداني به 142 ھجري ۾ پنهنجي فرقي جي اشاعت ۽ تبليغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيو. جيڪڏهن تاريخ ۽ ادب جي ڪتابن جو مطالعو چڱيءَ طرح ڪجي ته هوند انهيءَ قسم جا ڪيترا مثال ملي پوندا.
زبان
سنواريوعرب جغرافيه نويسن جي زبانيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته منصوره جي زبان عربي ۽ سنڌي هئي. چنانچه ابن حوقل لکي ٿو ته؛
"منصوره ۽ ملتان ۽ ان جي آس پاس واري علائقي جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي."
اهڙيءَ طرح، صاحب"مسالڪ والممالڪ" لکي ٿو ته؛
"منصوره ۽ ملتان ۽ انهيءَ جي پسگردائيءَ جي زبان عربي ۽ سنڌي آهي."
عربن جي آمد کان اڳ سنڌ جي ملڪي زبان، معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي هئي ۽ عربي حڪومت يا ان کان اڳ عربن جي آمد و رفت سبب عربي به رائج ٿي چڪي هئي. اسان جي خيال ۾ عربي حڪومت کان پوءِ سرڪاري زبان جي حيثيت ته عربيءَ کي حاصل ٿي هوندي، ليڪن عوامي زبان وري به سنڌي رهي هوندي. ان وقت سنڌي زبان جي ڪهڙي صورت هئي، ان جو ڪو به نمونو ملي ڪونه ٿو سگهي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي. البت هيٺئين واقعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ سنڌي زبان جي نثر نويس نظم ۾ ڪتابن تصنيف ڪرڻ جو رواج هو ۽ زبان ايتري قدر مقبول هئي جو خود ٻاهريان ماڻهو به سنڌي زبان ڄاڻڻ نه فقط ضروري سمجهندا هئا، بلڪه ان ۾ ايترو ڪمال پيدا ڪري چڪا هئا جو نظم خواه نثر بلاتڪلف لکي ويندا هئا.
منصوره جو مذهب
سنواريومنصوره جا ماڻهو مذهبي لحاظ سان، جيئن اسان مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، زياده تر اهل حديث هئا. مٿن دائودي ظاهري فرقي جو اثر هو. ٻيا مذهبي فرقا ڪو نه هئا. بعد ۾ علي والي، محب سادات به آيا، جن جي دور ۾ شيعا مبلغ منصورن ۾ وارد ٿيا ۽ خارجي ليڊر به پهتا، ليڪن انهن کي به ڪاميابي نه ٿي. شيعيت کي قدري فروغ حاصل ٿيو ۽ آخر ۾ اسماعيلي شيعن کي ڪجهه عرصي تائين منصوره جي حڪومت به حاصل ٿي. عبدالله اشتر جي اڳواڻي ۾ شيعن جي آمد بعد، خارجين جو ليڊر به سنڌ ۾ اچي پهتو. 142 ھجري ۾ حسان بن مجاهد همداني، موصل کان جهاز ۾ سوار ٿي سنڌ ۾ آيو. سندس خيال هو ته سنڌ جو دورو ڪري ۽ هڪ عظيم الشان لشڪر تيار ڪري عباسين جو مقابلو ڪري، ليڪن سنڌ ۾ اڳ ئي عبدالله الاشتر موجود هو، تنهن ڪري مايوس ٿي وري واپس موصل ڏانهن هليو ويو.
منصوره جا مشهور ماڻهو
سنواريومنصوره جي هيٺين مشهور عالمن ۽ اديبن جو ذڪر اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي سگهيو آهي؛
- قاضي ابو محمد منصوري؛ جيڪو دائودي مذهب جو مشهور امام پنهنجي وقت جو جيد عالم ۽ بلند پايي جو مصنف هو. منصوره جي ماڻهن تي سندس ئي اثر هو.[7]
- محمد بن ابي شوراب؛ پايه تخت منصوره لاءِ 283 ھجري ۾ بغداد کان قاضي ٿي آيو. وڏو عالم ۽ لائق ماڻهو هو. منصوره ۾ ڇهه مهينا کن رهيو ۽ اتي ئي فوت ٿيو.[8]
- علي بن محمد بن ابي الشراب: قاضي محمد جي وفات بعد سندس اولاد منصوره ۾ مقيم رهيو. صاحب "تاريخ سنڌ" لکي ٿو:
”محمد بن ابي الشوراب به انهن ماڻهن کان هيو جيڪا عراق کان 283 هجري ۾ سنڌ اچي اباد ٿي وئي هئي. هو وڏو عالم دين هو، عراق ۾ عموماً ۽ خاص ڪر بغداد ۾ ماڻهن هنجو ڏاڍو قدر ڪندا هئا. بغداد جو خليفو ۽ عباسي شهزادا انهن جي صحبت کان فائدو وٺندا هئا ۽ ضرورت وقت انهن جي حاجت روائي به ڪندا هئا. غالباً انهن کان پوء انهن جو پٽ، علي بن محمد بن ابي شوراب منصوره جو قاضي ٿيو. انهن جو خاندان به چوٿين صدي جي شروعاتي سالن تائين هتي رهيو جيهڙو کي مسعودي لکيو آهي."
— ("تاريخ سند"، بحواله مسعودي، ج 1، ص 377، ليڊن)
- مطيع بن اياس: هي صاحب عرب جو مشهور شاعر هو، هشام تغلبي جي زماني ۾ منصوره منجهه آيو ۽ ڪافي عرصو اچي رهيو.[9]
- ابو عباده وليد بن عبيد البختري: (المتوفي 284ھ) "حماسه" جي مصنف ابو تمام جو همعصر ۽ عرب جو شهره آفاق شاعر هو. ملتان ۾ ڪيتري وقت تائين سندس رهڻ ثابت آهي.[10] منصوره جيئن ته واٽ ۾ هو، تنهنڪري ملتان ويندي ۽ اتان واپس ورندي ضرور منصوره ۾ آيو هوندو. ازانسواءِ منصوره نه ڇڙو ان وقت دارالسلطنت هو، ليڪن علم ۽ ادب جو به گهوارو هو.
- ابوالعباس احمد بن محمد بن صالح التميمي المنصوري: منصوره جو باشندو هو ۽ پوءِ عراق وڃي رهيو. سمعاني "ڪتاب الانساب" ۾ لکي ٿو؛
"عراق ۽ فارس ۾ رهندو هو، ابوالعباس ڪنيت ڪندو هو ۽ دائود الاصفهانيءَ جي مذهب جو مشهور امام هو. فارس ۾ پھتي هن الائرم ۽ ان جي طبقي مان حديث جي سماعت ڪئي. کانئس الحاڪم ابو عبيدالله الحافظ (صاحب "مستدرڪ") روايت حديث ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته هن جيڪي عالم ڏٺا، تن سڀني ۾ هي نهايت ئي ظريف الطبع هو."[11]
"المنصوري" جي عنوان هيٺ ابن نديم سندس سلسلي ۾ لکي ٿو؛
"ابو العاص ڪنيت، احمد نالو هوس، محمد بن صالح جو پٽ هو، دائود ظاهري جي مسلڪ جو پيرو هو. دائودي مسلڪ جي جيد عالمن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. جليل القدر تصنيفون ڪيائين، جن مان ڪي ته تمام عمديون ۽ ضخيم آهن. سندس ڪن ڪتابن جا نالا هي آهن؛
- المعصعاع ڪبير
- ڪتاب احادي
- ڪتاب السير
(فهرست ابن النديم، 360)
- ابو محمد عبدالله ابن جعفر ابن مره المنصوري المتري: هي صاحب به جيد عالم ۽ پنهنجي دور جو مشهور محدث ٿيو. سمعاني لکي ٿو؛
"سندس رنگ سياهي مائل هو. هن حسن ابن مڪرم ۽ ان جي معاصرن کان حديث سماعت ڪئي. کانئس حاڪم به روايت ڪئي آهي."[12]
- سنڌي ڪتابن جو عراقي مصنف: هن جي نالي جو پتو پئجي ڪونه سگهيو آهي. اصلي عراقي هو، ليڪن پرورش منصوره ۾ ٿيس. سنڌي زبان جو شاعر ۽ نثر نويس هو. قرآن جو سنڌي ترجمو ۽ اسلامي عقائد تي سنڌي نظم ۾ تصنيف ڪيائين، انهي تصنيف جي عوض کيس ھڪ ھندو راجا ڇه سؤ مڻ سون ٽي دفعا انعام طور ڏنو هو.[13]
- حڪيم ابراهيم بن فزارون: بغداد جو مشهور حڪيم هو. مخلد بن عبدالله مهلبيءَ سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪيترو وقت منصوره ۾ هو. "تاريخ الحڪماء" ۾ سندس احوال هن ريت آهي؛
"پنهنجي دور جو مشهور طبيب هو. فزارون جي اولاد مان هو. غسان بن عباد سان گڏ سنڌ ۾ آيو. ڪجهه عرصي تائين هتي رهي پوءِ واپس ويو. جيستائين سنڌ ۾ رهيو، مور جو گوشت کائيندو هو."[14]
"تاريخ سنڌ" جي صاحب "تاريخ الحڪماء" جي مصري ڇاپي جي حوالي سان ان کان مختلف احوال ڏنو آهي ۽ لکي ٿو؛
"غسان بن عباد سان گڏ مشهور طبيب ابراهيم بن فزارون به سنڌ ويو هو. ان جو بيان آهي ته جڏهن غسان سنڌ ۾ آيو، ان وقت هن مور جو گوشت کاڌو، جيڪو کيس ڏاڍو پسند آيو پوءِ ته جيستائين اتي رهيو برابر مور جو گوشت کائيندو رهيو. هو چوندو هو ته خدا شاهد آهي ته مون سڄيءَ ڄمار ۾ اهڙو لذيذ گوشت نه کاڌو."[15]
- غسان بن عباد مهلبي 213 ھجري ۾ سنڌ جو والي ٿي آيو، ۽ 216 ھجري واپس بغداد پهتو.[16]
بشاري مقدسي پنھنجي ڪتاب، "احسن التقاسيم" ۾ "منصوره" بابت لکيو آهي؛
"سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ مرڪزي شهر آهي، پکيڙ ۾ دمشق جيڏو آهي. عمارتون ڪاٺيءَ ۽ مٽيءَ جون آهن؛ پر جامع مسجد پٿر ۽ سرن جي آهي ۽ تمام وڏي عمارت آهي، عمان جي جامع مسجد وانگر ان جا ٿنڀا ساڳ جا آهن. شهر جا چار دروازا آهن: سامونڊي در، طوران در (موجوده گجرات جو قديم تجارتي بندرگاهه)، سندان در ۽ ملتان در. سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ شهر کي گهيرو ڪيو بيٺي آهي. شهر جا رهاڪو سليقي وارا، ذهين، هوشيار، سخي، اخلاق وارا، نرم دل ۽ اسلام جا پابند آهن، علم جو فيض عام آهي، واپار ۽ ڪاروبار نفعي وارو آهي، مختلف آب هوا جا ميوا ملن ٿا، سيارو سخت نه ٿو ٿئي، پر مينهن ڏاڍو پوي ٿو. هي شهر ڪيتري ئي عجيب و غريب خصوصتين جو مالڪ آهي، ڀليون مينهون آهن، عمدو ڪپڙن ۽ کمباتي نوڪ جون جتيون ٺاهيون وڃن ٿيون، ماڻهو سنڌو درياءَ جو پاڻي پيئن ٿا، جامع مسجد وچ تي آهي، رسم و رواج عراق سان ملن جلن ٿا، پر گرمي سخت ٿئي ٿي، مڇر به ڏاڍا آهن."[17]
مسعودي، مروج الذهب ۾ سنڌ جي سر سبزي بابت لکيو آهي؛
"منصوره جي علائقي ۾ جيڪي زمينون ۽ ڳوٺ اچي ٿا، انهن جو تعداد ٽي لک آهي، جنهن ۾ ٻنيون، وڻ ۽ وسندڙ لاڳيتا ڳوٺ آهن. کجور ٿئي ٿي، ڪمند ٿئي ٿو صوف جي شڪل جهڙو هڪ ميوو ٿئي ٿو، جنهن کي ليمون چون ٿا. اهو ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ هتي هڪ ٻيو ميوو به ٿئي ٿو جنهن کي انب چيو وڃي ٿو. اگهه سستا آهن. عيش آرام جون سموريون شيون موجود آهن."
امير طبقي جي پوشاڪ ۽ وضع قطع بابت اصطخري لکي ٿو:
"امير طبقي جا ماڻهو ڊگها وار رکائين ٿا ۽ پهراڻ پائين ٿا. سندن رهڻي ڪهڻي هندو راجائن سان ملندڙ جلندڙ آهي."
واپار بابت مقدسي، احسن التقاسيم ۾ لکيو آهي:
"منصوره مان کنڀاتي جتيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون، ان کان سواءِ هاٿي، عاج، جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيو اوچو سامان به ٻاهر موڪليو وڃي ٿو. قُسط، ڪاري رنگ جي هڪ ڪَوڙي ڪاٺي آهي، جيڪا انهن ڏينهن ۾ مرهمن ۾ وڌي ويندي هئي ۽ مختلف بيمارين ۾ دوا طور ڪتب ايندي هئي. سنڌ ۾ انکي "ڪني ڪاٺي" چيو ويندو آهي؛ عرب ان کي قُسط ڪوٺيندا هئا." "لسان العرب" ۾ آيو آهي؛ قُسط ڪاٺي هندستان مان آندي ويندي آهي، ۽ واس ڏيڻ ۽ دوائن ۾ ڪتب ايندي آهي. قسط، اترين علائقن مان سنڌو درياءَ جي ذريعي پهرئين منصوره جي منڊين ۾ ايندي هئي ۽ پوءِ هتان ٻاهرين ملڪ ڏانهن ويندي هئي."
بزرگ بن شهريار، ”عجائب الهند“ ۾ لکيو آهي:
"مون کي حسن بن عمرو بيان ڪيو، ته هن منصوره ۾ "هيٺان ڪشمير" (اٽڪ جو اتريون جابلو علائقو، جتان ڪشمير کان پوءِ سنڌو درياءَ لنگهي ٿو) جا ماڻهو ڏٺا. ھيٺيان ڪشمير ۽ منصوره جي وچ ۾ خشڪيءَ جي رستي سان ستر ڏينهن جو پنڌ آهي. هيٺيون ڪشمير جا ماڻهو "قسط" ڪاٺيءَ جا بُنڊ درياءَ ۾ لوڙهين ٿا ۽ پاڻ انهن تي ويهي لهن وارو هلن ٿا. هو قُسط جا بنڊ هڪ ٻئي سان ڳنڍي تختو جوڙين ٿا، جيڪو تقريباّن چار سو سير ٿئي ٿو. انهي تختي جي چوڌار کل چاڙهي ڇڏين ٿا ته جيئن ڪاٺي تي پاڻيءَ جو اثر نه ٿئي. اهڙيءَ طرح مضبوط تختو ٺاهي انکي درياءَ ۾ لاهي ماڻهو ان تي چڙهي لنهوارو لڙهي، چاليهن ڏينهن جو دريائي سفر ڪري، منصوره پهچن ٿا. انهيءَ عرصي ۾ قسط جي ڪاٺي محفوظ رهي ٿي ۽ ان تي پاڻي جو ڪو به اثر نه ٿو ٿئي."
مذڪوره سياحن سنڌ جي علمي حالتن ٿي به روشني وڌي آهي. هنن سنڌ جي عالمن ۽ مدرسن جي تعريف ڪئي آهي. ان زماني ۾ سنڌ ۾ حديث جي تعليم جو وڏو اهتمام هو. بشاري مقدسي لکيو آهي:
"مسلمانن ۾ گهڻو ڪري اهلحديث آهن. وڏن شهرن ۾ حنفي فقيهه به آهن پر هتي مالڪي ۽ حنبلي ڪو نه آهن ۽ نه وري معتزله آهن."
منصوره جي سنڌي عالم، سنڌ جي هڪ راجا جي چوڻ تي سنڌي زبان ۾ قرآن شريف جو سنڌي ترجمو ڪيو، ۽ سنڌي زبان ۾ اسلامي تعليبات متعلق هڪ نظم لکيو. اهو بيان بزرگ بن شهريار پنهنجي ڪتاب عجائب الهند ۾ تفصيل سان آندو آهي. قرآن شريف جو اهو پهريون ترجمو آهي، جيڪو سنه 270ھ (883ع) ۾ سنڌي زبان ۾ ٿيو. سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت سيرافي لکيو آهي: ”سنڌ ۽ هند جا ماڻهو روزانو نيرن کان اڳ ڏندڻ ڪندا آهن، ۽ وهنجندا آهن؛ پوءِ کائيندا آهن... ڪو يه شخص ڏندڻ ۽ سنان کان سواءِ ماني نه کائيندو آهي.“ ابن فقيهه پاڻ سنڌ ۾ ڪو نه آيو هو، پر هن جي ڪتاب ”الاعلاق النفسيه“ ۾ سنڌ ۽ هند جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بابت احوال ملي ٿو. هن ”سيراف“ سنڌين کي ماني کائيندي ڏٺو هو. لکي ٿو: ”هتي هڪ گروهه (سنڌ جا هندو) آهي، جيڪو گڏجي کائڻ کي عيب سمجهندا آهن، ۽ هر هڪ جدا جدا کائيندو آهي، انهن ماڻهن جو هڪ گروهه، جيڪو سو ماڻهن تي مشتمل هو، جڏهن سيراف آيو. ۽ هڪ وڏي تاجر سندن دعوت ڪئي، تڏهن هر هڪ شخص لاءِ جدا جدا ٿالهي مهيا ڪرڻي پئي ، جيئن هو اڪيلا کائي سگهن، اتان جَي اميرن لاءِ روزانو دستر خوان ۽ ناريل جي کل جي ٿالهيءَ جهڙو ٿانءُ ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن کاڌو ايندو آهي، ته انهيءَ ۾ کائيندا آهن، کاڌي کان فارغ ٿي، اهو دستر خوان، کل واري ٿالهي ۽بچيل کاڌو پاڻيءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا آهن. ٻئي ڏينهن وري نئين ٿالهي بنائي ويندي آهي.“ ان زماني ۾ ڪن ٽوپائي والين پائڻ ۽ گوڏ ٻڌڻ جو رواج هو.بشاري مقدسي لکيو آهي: ”هن ملڪ ۾ وڏن وارن رکڻ جو رواج آهي. ماڻهو پهرياڻ پائين ٿا، ڪن ٽوپائين ٿا. جيئن هندن ۾ رواج آهي. واپارين ۽ عالمن کان سواءِ سڀ ماڻهو گهڻو ڪري هيٺ تي گوڏ ٻڌن ٿا.“ سيرافي، مردن جي زيورن پائڻ جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو؛ ”هندستان وارا ٻه لونگيون استعمال ڪندا آهن؛ ۽ مرد عورت سڀ سون ۽ جوهرن جڙيل ڪنگڻ ۽ زيور پائيندا آهن.“ ٻن لونگين مان ڀائنجي ٿو، ته هڪ لونگي مٿي سان ٻڌندا هئا ۽ هڪ گوڏ طور ڪتب آڻيندا هئا، جيڪو رواج اڄ تائين آهي. سليمان تاجر جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ کي مارڻ جي رسم قديم زماني کان موجود آهي. هو شاديءَ جي رسمن ۽ ڪارو ڪاري جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: جڏهن شادي وهانءُ ڪندا آهن، تڏهن پهريائين سلام دعا شروع ڪندا آهن، ۽پوءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا آهن بعد ۾ طبل ۽ جهانجهه وڄائي شاديءَ جو اعلان ڪندا آهن، جيتري قدر به ٿي سگهندو اٿن، مال ۽ دولت ڏيندا آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي وٺي اچي بدڪاري ڪري، ته بدڪاري ڪندڙ عورت ۽ مرد ٻئي قتل ڪرڻ سڄي ملڪ ۾ ضروري سمجهيو ويندا آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زبردستي عورت سان زنا ڪئي، ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو آهي؛ پر جيڪڏهن عورت جي رضامنديءَ سان بدڪاري ڪيائين، ته مرد ۽ عورت ٻئي قتل ڪيا ويندا آهن.“ عرب سياحن جي سفرنامن ۾ هندو جوڳين پنڊتن ۽ ڀڪشن جي عبادتن، رهڻي ڪهڻي ۽ تپسيا جو ذڪر ملي ٿو. هندو ڌرم جي عقيدن ۽ پوڄا جي نمونن جو احوال به ملي ٿو. نجومين، ڪا هنن، هندو فلاسافرن، حساب جي ماهرن، واپار جو حساب ڪتاب رکڻ جي ڄاڻن ۽ ماهر طبيبن جو احوال به ملي ٿو. اهو به بيان آيو آهي، ته سنڌي عالمن بغداد وڃي عرب عالمن جي مدد سان سنسڪرت ۾ لکيل طب، حساب نجوم فلڪيات جي ڪتابن جا عربي زبان ۾ ترجمان ڪيا. اهو به ڏيکاريو ويو آهي، ته شطرنج ۽ چوپڙ راند سنڌ جي ڏاهن ايجاد ڪيون. تمثيلي ڪهاڻين جا ڪتاب به سنڌ ۾ لکيا ويا، جن مان ڪي عربي ۽ فارسي زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو. مذڪوره عربي ڪتابت مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سنڌي زبان مختلف صورتخطين ۾ لکي ويندي هئي ۽ سنڌي زبان ۾ شعر ۽ ادب موجود هو.[18]
375 ھجري ۾
سنواريومشھور سياح علامہ مقدسي 375ھ ۾ ھن شھر ۾ آيو ۽ ھن مطابق :شهر منصوره سنڌ جو مرڪز آهي سو هڪ نهايت عمدو شهر آهي. هن ۾ گهڻيون جايون سڀ مٽي ۽ ڪاٺي جون آهن مگر هتي جي جامع مسجد بلڪل وسيع عمان جي جامع مسجد جي نموني تي پٿر ۽ پڪي سر جي ٺهيل آهي. هن جا ٿنڀ پڪي ساڳ جي ڪاٺي جا آهن. هي مسجد بازار جي پوري وچ ۾ آهي. هن شهر جا چار دروازا آهن (1) باب البحر (2) باب سندان (3) باب توران (4) باب ملتان. درياءُ شهر کي چئني طرفن کان گهريل آهي. اتي جا ماڻهو قابل مروت، پڪا مسلمانو اهل علم، ذهين ۽ دانشمند آهن. هتي اسلام کي بلڪل گهڻي رونق آهي. ماڻهو سڀ شرع شريعت جا پابند آهن، غريبن ۽ مسافرن جي ڏاڍي پرگهور ٿئي ٿي. رسم ۽ رواج عراق جي رسم و رواج جهڙا آهن، مگر هتي گرمي بلڪل سخت آهي، مڇر گهڻا آهن ۽ ماڻهن جي طبيعت ۾ بلغميت غالب آهي. پاڻي هميشہ درياءَ جو پيئڻ ۾ اچي ٿو[19].
حوالا
سنواريو- ↑ ابن حوقل، ص 232؛ ”احسن التقاسيم“، ص 800، بحواله ”عرب و هند ڪي تعلقات
- ↑ (’احسن التقاسم‘، ليڊن، ص 81)
- ↑ (ليڊن، ص 481)
- ↑ ( ’الڪامل‘، ابن اثير، ج 7 ص 334، ليڊن)
- ↑ ( ’آغاني‘، ج 12، ص 760، مصر)
- ↑ (’معجم البلدان‘، ص 51، باب س)
- ↑ (’احسن التقاسيم‘ ۽ مسعودي)
- ↑ (’ڪامل‘، ابن اثير، ج 7، ص 334، ليڊن)
- ↑ (کتاب الاغاني‘، ج 12، ص 860).
- ↑ (’معجم البلدان‘، ج51، باب س)
- ↑ (’ ڪتاب الانساب ‘، باب منصوره ، ورق243)
- ↑ (’ڪتاب الانساب‘، سمعاني ، ص343، باب منصوره)
- ↑ (’عجائب الهند‘ بزرگ بن شهريار، ج 3، ليڊن)
- ↑ (’تاريخ الحڪماء‘، اردو ترجمو، انجمن ترقي اردو)
- ↑ (‘تاريخ سنڌ‘، دارالمصنفين، ص175، بحواله’اخبارالحڪماء‘، 53، مصر)
- ↑ سيد حسام الدين راشدي منصوره جي تاريخ جو هڪ باب (سنڌ ۾ عربن جي دارالسلطنت جي علمي ڪيفيت) ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع
- ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي