رديف (Radeef) عربي ٻوليءَ جي لفظ ردف منجهان نڪتل آهي جنھن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ٻٽو“ يا ”ٻيلهہ سوار“. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو لفظ يا لفظن جو مجموعو، جيڪو غزل جي مصرع ۾ قافيي جي پڇاڙيءَ ۾ گڏ ۽ پٺيان ٻِٽو اچي. هر هڪ شعر ۾ رديف جو هجڻ لازمي نہ هوندو آهي. ڪي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ رديف نہ بہ آڻيندا آهن ۽ ڪي وري پنھنجي ڪلام ۾ رديف جو آزاديءَ سان استعمال ڪندا رهندا آهن.جنھن شعر ۾ فقط قافيو آھي، رديف ڪونھي، تنھن کي مقفيٰ ٿا چون ۽ جنھن ۾ رديف اھي. انھيءَ کي مردف چئبو آھي.[1]

هل تہ دل درد سان ملي ڏسجي.
درد کي بہ درد آ پُڇي ڏسجي.

ھن شعر ۾ ”ڏسجي“ رديف آهي. ٻيو مثال:

ها ٻُڌو ٿم تہ عشق گهاڻو آ،
اچ تہ هينئڙا گهرائجي ڏسجي.
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.