اسيمبلي
اهو قانونساز ادارو، جيڪو سڌوسنئون عوام جي ووٽن ذريعي وجود ۾ اچي. اسيمبليءَ جا ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ قومي -اسيمبلي- يا مرڪزي چونڊيل ”جماعت“، جنهن ۾ سڀني صوبن/ علائقن مان آباديءَ جي تناسب سان عوامي نمائندا چونڊجي اچن ٿا. انهن نمائندن کي ايم. اين. اي چوندا آهن. هيءَ -اسيمبلي- ملڪي سطح تي هوندي آهي، ٻي صوبائي اسيمبلي، جيڪا ڪنهن صوبي تائين محدود هوندي آهي، ۽ انهيءَ ئي صوبي جا ماڻهو ووٽن ذريعي عوامي نمائندا هن اسيمبليءَ ۾ موڪليندا آهن. -جن- کي ايم. پي. اي سڏجي ٿو. قومي اسيمبلي، قانون سازيءَ کان سواءِ ملڪي -آئين- ۽ ملڪ جو سياسي ڍانچو به ٺاهيندي آهي. قومي -اسيمبلي- ۾ ملڪي عالمي حالتن تي بحث ٿيندا آهن. صوبائي اسيمبلي، صوبي جي سطح تي قانون سازي ڪندي آهي ۽ -ان- سان گڏ صوبائي اسيمبليءَ ۾ صوبي ۽ ملڪ جي حالتن ۽ عوامي مسئلن تي بحث ٿيندا آهن. هرهڪ صوبي کي پنهنجي پنهنجي صوبائي -اسيمبلي- هوندي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي، سڀني صوبن جي گڏيل -اسيمبلي- هوندي آهي. صوبائي اسيمبليءَ کي صوبي جي نالي سان به مخاطب ڪبو آهي. مثلاً: ”سنڌ صوبائي اسيمبلي“ يا ”سنڌ اسيمبلي“. (وڌيڪ ڏسو سنڌ اسيمبلي) اسيمبلي:”اسيمبلي“ اصل ۾ -انگريزي- لفظ (Assembly) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنهن خاص مقصد لاءِ گڏ ٿيل ميڙ“.[1]