آخوند عبدالحميد

آخوند عبدالحميد ولد آخوند الهه بچايو، اصل مٽياريءَ جي صديقي خاندان سان تعلق رکي ٿو. پاڻ شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ڏوهٽو آهي، هن حيدرآباد شهر ۾ 30 مارچ 1945ء تي جنم ورتو، ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ورتائين.

آخوند عبدالحميد

آخوند صاحب ملازمت جي شروعات 1968ء ۾ نيشنل سينٽر حيدرآباد جي ريزيڊنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان بعد تعليم کاتي سنڌ جي ڪلچرل ونگ ۾ 1976ء ڌاري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1988ء ۾ جڏهن حڪومت سنڌ، ثقافت کاتي کي تعليم کاتي کان ڌار ڪري هڪ محڪمي جي صورت ڏني ته حميد آخوند صاحب ان جو پهريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، اڳتي هلي سيڪريٽري ثقافت جو عهدو سنڀاليائين، جنهن عهدي تي هڪ مختصر عرصو ڇڏي، 2000ء تائين لڳاتار رهيو. ان دوران هن جناح ڪورٽس ڪراچي رينجرس کي ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن تي کيس 12 ڊسمبر 2000ء تي عهدي تان هٽايو ويو. آخوند صاحب پنهنجي دور ۾ ثقافت ۽ سياحت کاتي جي ڪارڪردگيءَ کي هر لحاظ کان بين الاقوامي سطح تائين نمايان ڪيو. ان حد تائين جو ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌ توڙي پاڪستان جي نمائندگيءَ لاءِ حميد آخوند صاحب جي شرڪت ۽ موجودگي لازمي سمجهي ويندي هئي. حميد آخوند سنڌ جي ثقافت جي سمورن نمائنده پهلوئن کي اُجاگر ڪيو ۽ ان جي افاديت، اهميت ۽ عالمي حيثيت کي مَدِ نظر رکي، ان جي تحفظ لاءِ اثرائتي جاکوڙ ڪندو رهيو. هن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلاسيڪي ادب، لطيفات، آثار قديمه ۽ ٻين موضوعن بابت انگريزي، سنڌي ٻولي ۽ اردوءَ ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ڪتاب ڇپرايا. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، سنڌ ميوزيم حيدرآباد، سيوهڻ، ثقافتي مرڪز، سچل اڪيڊمي خيرپور، سنڌ آرڪائيوز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ۽ لائبريريون سندس دم قدم ۽ محنت سان قائم آهن. آخوند صاحب جي ئي محنتن سان نه رڳو ثقافت کاتي کي وڏي پذيرائي ملي، پر پاڪستان جي سمورن صوبن مان سنڌ پهريون صوبو هو، جتي ثقافت کاتي جو وجود پيو ۽ هن کاتي سان سياحت، نوجوانن جي مسئلن، سماجي ڀلائيءَ ۽ راندين جا کاتا به شامل ڪيا ويا. آخوند صاحب سنڌ آرڪائيوز ۽ آرڪيالاجيءَ جي شعبي کي به هن کاتي سان ملائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ هيريٽيج ڪائونسل جوڙي سنڌ جي قديم عمارتن کي قومي ورثي جو درجو ڏياريو. آخوند صاحب پنهنجي دوست ۽ سنڌي راڳ ۽ ثقافت جي ڄاڻو، ممتاز مرزا کي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل طور مقرر ڪرايو. اهڙيءَ طرح هنن ٻنهي ثقافت جي محسنن سنڌ جي راڳ ۽ ثقافت جي ”ڪلچرل فلوٽن“ (Cultural Floats) کي پاڪستان ۽ دنيا جي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ۽ سنڌ جي فنڪارن، ڪلاڪارن ۽ سازندن کي سڄيءَ دنيا اندر شهرت ڏياري. پيپلز پارٽيءَ جي 1993ء واري دور ۾ آخوند صاحب برطانيا ۾ هڪ اهم ”سنڌ ثقافتي شو“ ڪاميابيءَ سان منعقد ڪرايو ۽ سنڌ کي ثقافتي لحاظ کان دنيا ۾ پذيرائي ڏياري. آخوند صاحب سنڌ جي راڳ ۽ لطيفات جي حوالي سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ممتاز مرزا، شيخ محمداسماعيل، ظفر ڪاظمي ۽ ٻين شخصيتن جي صحبت ۾ رهيو. هي ثقافت کاتي جو واحد سيڪريٽري هو،جيڪو شاهه لطيف جي ميلي جون ڪارروايون خود هلائيندو هو. جيتوڻيڪ اها ذميواري هن ممتاز مرزا جي حوالي ڪئي هئي، پر ڪڏهن پاڻ به سندس مددگار ٿيندو هو. اهو سندس ثقافت سان عشق جو ثبوت آهي. آخوند صاحب جي دور ۾ ثقافت کاتي جي هٿ هيٺ هلندڙ ادبي بورڊ کي ترقي ملي، پهريون ڀيرو سنڌي ڪمپيوٽر تي ڪمپوزنگ شروع ٿي. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي قيام جي سمري جيتوڻيڪ اڳ تيار ڪئي وئي هئي، پر ان جي عملي وجود ۾ آخوند صاحب جو به ڪردار آهي. هن سنڌ جي فنڪارن جي ڏکين گهڙين ۾ وڏي مدد ڪئي ۽ فنڪارن لاءِ وظيفا مقرر ڪيا. آخوند صاحب کي اردو زبان جي فنڪار ”لهريءَ“ جي مناسب مدد نه ڪرڻ جهڙي معمولي ڳالهه تان ثقافت کاتي مان هٽايو ويو. بعد ۾ هو مائينس ۽ منرل ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري رهيو، جتان رٽائر ڪيائين، رٽائرمينٽ بعد کيس عهدي تي 2 سال وڌيڪ ايڪسٽينشن ڏني وئي، جتان سنڌ جي آخري نگران حڪومت 2007ء ۾ کيس ان عهدي تان بدلي ڪيو. انگريزي اخبار ”ڊيلي ٽائيم“ سندس بدليءَ جو ڪارڻ ’ٿرڪوئلي جي ترقيءَ لاءِ سندس زبردست وڪالت کي ڄاڻائيندي‘ سُرخي لڳائي ته:

“Pro Thar Coal Beaurocrat Transfered”

يعني ”ٿر ڪوئلي جو حامي ڪامورو بدلي ٿي ويو“

آخوند صاحب ”ليجينڊ ٽرسٽ“ جو ڊائريڪٽر رهيو آهي، جنهن ذريعي اديبن، عالمن ۽ فنڪارن جي مالي سهائتا ڪئي ويندي آهي، آخوند صاحب مهاٽا پئلس جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر آهي. يونيسڪو جي هيريٽيج ڪائونسل ۽ دنيا جي ڪيترن ثقافتي ادارن ۽ تنظيمن جو ميمبر رهيو آهي. آخوند صاحب جا شاهه عبداللطيف بابت انگريزيءَ ۾ هيٺيان ٻه ڪتاب ڇپيل آهن.

  1. Bhitai, The Message of The Master: an Anthology of Commentaries on the Poetry of Shah Abdul Latif (1993).
  2. Shah Abdul Latif, His Mystical Poetry (1991).

17 جولاءِ 2009ء تي آخوند عبدالحميد کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جتي هن چارج وٺي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. سندس ثقافتي خدمتون سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رهنديون.[1]