ڪراچي ۾، جي ايم سيد جو گهر نه رڳو جي ايم سيد جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جي حوالي سان بلڪي هن گهر جي هر ڀِت سياسي تاريخ جي پڻ شاهد پڻ آهي. حيدر منزل اهو هنڌ آهي، جتي 1934ع ۾ سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي پيڙهه رکي وئي هئي. هن پارٽيءَ جو صدر بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پڙنانو سر شاهه نواز هئو.

1941ع ۾ جڏهن جي ايم سيد ۽ الله بخش سومرو جي وچم سياسي اڻبڻت پيدا ٿي ته ان جي حل لاءِ مولانا ابوالڪلام آزاد حيدر منزل آيو هو ۽ سيد کي الله بخش سومري جي حمايت ڪرڻ لاءِ قائل ڪري ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ الله بخش سومرو ٻيهر جو پريميئر (وزير اعظم / وڏو وزير) چونڊجي آيو.

1940ع ۾ جڏهن جي ايم سيد، مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيو ته محمد علي جناح، ساڻس ملاقات لاءِ حيدر منزل آيو هئو. عوامي ليگ جو سرواڻ ۽ بنگلاديش جو باني شيخ مجيب الرحمان پڻ 1969ع ۾ حيدر منزل آيو هئو.

حيدر منزل ۾ جيڪي وڏا وڏا سياسي اڳواڻ جي ايم سيد سان ملڻ جي لاءِ آيا، انهن ۾ خان عبدالغفار خان (باچا خان)، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل، حيدر بخس جتوئي، سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون اسپيڪر ميران محمد شاهه، سر شاهه نواز ڀٽو، شاهه مردان شاهه پير پاڳارو، بيگم نسيم ولي خان، اڳوڻو وڏو وزير مرحوم جام صادق علي ۽ ٻيا شامل آهن.

ان کان سواءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جو باني اڳواڻ الطاف حسين ۽ مهاجر قومي مومينٽ جو اڳواڻ آفاق احمد به حيدر منزل اچڻ وارن ۾ شامل آهن. جي ايم سيد جو گهر، حيدر منزل 1974ع کان پهرين ۽ پوءِ سنڌ ۾ مختلف تحريڪن جو مرڪز رهندو آيو آهي. انهن تحريڪن ۾ سنڌ جي بمبئي کان الڳ ٿيڻ، ڪراچي جي مرڪز کان واپسي ۽ ون يونٽ جي خاتمي جي جاکوڙ اهم آهن. هن وقت حيدر منزل ۾ سنڌ يونائيٽڊڊ پارٽي جي مرڪزي آفيس پڻ موجود آهي ۽ هتان سياسي جاکوڙ اڃان تائين هلندڙ آهي. ۽ تاريخ هتي ختم ٿئي ٿي 2019 ۾ حيدر منزل جو وجود هميشه لاءِ ختم ٿي ويو


[1]

حوالا سنواريو