2017 قطر جو سفارتي بحران

تاريخ: 5 جون 2017 هلندڙ (3'مهينا، 2 هفتا، 2 ڏينهن)

هنڌ: قطر

بحران يا گهوٽالي جي هاڻوڪي حالت: هلندڙ

مدمقابل ملڪ: سعودي عرب متحده عرب امارت بحرين مصر مالديپ يمن ماريطانيہ سينگال لبيا ڪيمرون صوماليلينڊ

حمايتي ملڪ : ايران • کاڌ خوراڪ جي مدد ۽ سفارتي حمايت ترڪي • کاڌ خوراڪ جي مدد ۽ فوجي ۽ سفارتي حمايت.

قطر جو سفارتي بحران ( Qatar Diplomatic Crisis) ان وقت اوچتو شروع ٿيو جڏهن ڪيترن ئي ملڪن قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا جون 2017ع ۾ ٽوڙي ڇڏيا. جهڙوڪ سعودي عرب، بحرين، گڏيل عرب امارتون، ۽ مصر وغيره. هنن ملڪن گڏوگڏ پنهنجا سفير بہ قطر مان واپس گهرايا، ۽ قطر تي سفري ۽ واپاري پابنديون بہ هڻي ڇڏيائون.

سعودي ۽ ان جي اتحادي ملڪن قطر تي الزام هيو تہ قطر دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري سعودي ۽ جي اتحادي ملڪن اهڙو قدم کيو آهي، جڏهن تہ قطر ردعمل ۾ چيو اسين رڳو آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مدد ڪري رهيا آهيون. سعودي ۽ ان جي اتحادن مطابق قطر 2014 گلف ڪوپريشن ڪائونسل قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ انهن الجزيه قطر جا ايران سان لاڳاپن تي پڻ تنقيد ڪئي.

27 جولاءِ 2017ع، تي قطر جي وزير خارجہ الثاني صحافين سان ڳاليندي چيو تہ سعودي عرب، بحرين، گڏيل عرب امارت، ۽ مصر رڳو سرڪشي ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ اهي هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ڪو بہ قدم نہ ٿا کڻي سگهن. جڏهن تہ هن سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي سڀني ادارن کي اپيل ڪئي تہ هو هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. 24 آگسٽ 2017ع تي قطر علانيہ ۾ چيو تہ هو ايران سان مڪمل سفارتي تعلقات بحال ڪندو.

پسمنظر سنواريو

بحران جو سبب بڻجندڙ واقعا سنواريو

ترت رد عمل سنواريو

گهرجون ۽ قطر جو رد عمل سنواريو

پڻ ڏسندا سنواريو